Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
تمام تر ظلمن جي باوجود ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪندي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اعلان ڪيو آهي ته پوليس ۽ رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي يونٽن، سيڪٽر آفيسن ۽ اليڪشن آفيسن تي ڇاپن، گرفتارين ۽ تمام تر ظلمن جي باوجود ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪندي.انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ڪارڪنن جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمايو
Read More    Posted on: 26 Nov 2015
ڪورنگي سيڪٽر آفيس ۾ ڇاپو ۽ گرفتاريون ايم ڪيو ايم کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ جي سازشن جو حصو آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪورنگي ۾ ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر آفيس تي پوليس ۽ رينجر جي ڇاپي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان ڪاروائي کي ايم ڪيو ايم کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ جي ڪوششن ۽ ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ جي سازشن جو حصو قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪورنگي سيڪٽر آفيس ۾ ذميوار ۽ ڪارڪن اليڪشن جي تيارين ۾ مصروف هئا ته رينجر جي وڏي نفري سيڪٽر آفيس ۽ آس پاس جو گهيراءُ ڪري
Read More    Posted on: 25 Nov 2015
5 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ عوامي سيلاب نون صوبن جي راھ ۾ سڀني رڪاوٽن کي لوڙهي ڇڏيندو . ڊاڪٽر فاروق ستار
قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ نون صوبن جو قيام ملڪ جي مظلوم عوام جي آواز آهي ۽ نون صوبن جي قيام جي معاملي کي عصبيت جي ور چاڙهي ڪري عوام جي احساس محرومي جي شدت ۾ اضافو نه ڪيو وڃي.انهن خيالن جو اظهار انهن مڪاني اليڪشن جي سلسلي ڪلفٽن ڊفينس جي يوسي سول لائينز، وارڊ 4 ، فرنٽيئر ٽائون ۽ ٻين هنڌن تي ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي ڪيو. انهن چيو ته سڄي ملڪ جي عوام ۾ پنهنجن
Read More    Posted on: 25 Nov 2015
ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن 2015 جي مڪاني منشور جو اجراء ڪري ڇڏيو
متحده قومي موومينٽ مڪاني اليڪشن 2015 جي منشور جو اجراء ڪري ڇڏيو. مڪاني اليڪشن جي منشور ۾ پيئڻ جي پاڻي، ڪني پاڻي جي نيڪر ۽ صحت و صفائي جي نظام کي بهتر بڻائڻ کان علاوه ٻيون ترجيحات به شامل آهن.جڏهن ته ڪي 4، سرڪلر ريلوي، مانس ٽرانزٽ ، صحت، تعليم، رانڌين جي اڪيڊمن جي قيام، روزگار جي فراهمي ۽ ڪاٽيج انڊسٽري جي شعبن کي به منشور ۾ اهم اهميت ڏني وئي آهي. ان منشور جو اجراء خورشيد بيگم سيڪٽريٽ ۾ قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد، سي اي سي انچارج وسيم اختر، حيدرعباس رضوي ۽
Read More    Posted on: 25 Nov 2015
قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر عبدالرشيد گوڏيل تي قاتلاڻه حملي جي تحقيقات ڪرائي وڃي. ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر رشيد گوڏيل تي قاتلاڻه حملي  جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ ان سازش ۾ ملوث عناصر کي عوام جي سامهون بي نقاب ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته هٿيار بند دهشت گردن آگسٽ 2015 ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي رشيد گوڏيل کي فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو. ميڊيا جي رپورٽن جي مطابق گذريل پوين ڏينهن ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن
Read More    Posted on: 24 Nov 2015
ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد معروف دانشور ۽ سابق حق پرست سينيٽر جميل الدين عالي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد معروف دانشور، اديب، شاعر، ليکڪ ۽ سابق حق پرست سينيٽر جميل الدين عالي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. 
Read More    Posted on: 24 Nov 2015
ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر جو لائينز ايريا جو دورو
متحده قومي موومينٽ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر لائينز ايريا جو دورو ڪيو. دوري جي موقعي تي انهن رهائشين، دڪاندارن ۽ ٻين ماڻهن سان ملاقاتون ڪري انهن جا
Read More    Posted on: 24 Nov 2015
قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار جو برنس روڊ جي يوسي 26 ۾ پاڪستان چوڪ ۽ يوسي 28 ۾ سٽي ريلوي ڪالوني ۾ مڪاني اليڪشن ۾ نامزد حق پرست اميدوارن جي اليڪشن ڪيمپن جو دورو.
 قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار برنس روڊ يوسي 26 پاڪستان چوڪ ۽ يوسي 28 سٽي ريلوي ڪالوني ۾ حق پرست اميدوارن جي اليڪشن آفيسن جو دورو ڪيو ۽ بوهري برادري ، ڪڇي ميمڻ ۽ قريشي برادرين سان ملاقاتون ڪيون. 
Read More    Posted on: 24 Nov 2015
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم سک برادري کي انهن جي روحاني پيشوا بابا گرونانڪ جي 547 هين جنم ڏينهن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم سک برادري کي انهن جي روحاني پيشوا بابا گرونانڪ جي 547 هين جنم ڏينهن جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 24 Nov 2015
اي آر وائي ٽي وي جي انتظاميه ۽ تعصب پرست اينڪر پرسنَ کليل مهاجر دشمني تي لهي آيا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته اي آر وائي ٽي وي جي انتظاميه ۽ تعصب پرست اينڪر پرسنَ کليل مهاجر دشمني تي لهي آيا آهن ۽ اهي پنهنجن پروگرامن جي ذريعي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف بي بنياد ۽ ڪوڙا پروفيگندا ڪري عوام کي ورغلائڻ جي شرمناڪ ڪوشش ڪري رهيا آهن.
Read More    Posted on: 24 Nov 2015
مڪاني اليڪشن ويجهو ايندي ئي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ مڪاني اليڪشن جي ويجهو ايندي ئي شهر جي مختلف علائقن مان پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين ۾ اضافو ٿي ويو آهي 
Read More    Posted on: 23 Nov 2015
رستو ڏکيو ۽ وسيلا نه هجڻ جي باوجود قيادت تي پختو يقين هو ان جي ڪري ئي اڄ الله تعالٰي اسان کي ان مقام تي پهچايو آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محترمه زرين مجيد چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ جڏهن اسان ملڪ جي وچولي طبقي ۽ غريبن جي جائز حقن جي حصول جي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ته ان وقت موجوده دور واريون سهولتون موجود نه هيون. پر اسان جو پنهنجي قيادت تي پختو يقين هو جنهن جي ڪري اڄ الله سائين اسان کي هن مقام تي پهچايو آهي. 
Read More    Posted on: 23 Nov 2015
مڪاني اليڪشن جي موقعي تي اهي نام نهاد اڳواڻ ڪراچي جي عوام کان ووٽ گهري رهيا آهن جيڪي اسان کي بکئي ۽ ننگي جو طعنو ڏيندا هئا. رابطا ڪميٽي ميمبر ڪمال ملڪ ۽ محترمه ريحانه نسرين.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڪمال ملڪ ۽ محترمه ريحانه نسرين چيو آهي ته مڪاني اليڪشن جي موقعي تي اهي نام نهاد اڳواڻ به ڪراچي جي عوام سان همدردي جا دعوٰي ڪري رهيا آهن جيڪي اسان کي بکيو ۽ نگو چوندا هئا. انهن خيالن جو اظهار انهن نيوڪراچي ۽ نارٿ ناظم آباد ۾ جلسي ۽ معززن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. 
Read More    Posted on: 23 Nov 2015
ممتاز شاعر ۽ دانشور جميل الدين عالي جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ممتاز شاعر ۽ دانشور  جميل الدين عالي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين جميل الدين عالي جي وفات تي انهن جي سمورن پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
Read More    Posted on: 23 Nov 2015
جماعت اسلامي وارا بنگله ديشي اڳواڻڻ جي ڦاهين تي ته مظاهرا ڪري رهيا آهن پر محصور پاڪستانين جي لاءِ مظاهرا ڇو نه ٿا ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته بنگله ديش ۾ ٻن اڳواڻڻ کي ڦاهي ڏني وئي ته ان تي جماعت اسلامي احتجاجي مظاهرا ڪيا، جماعت اسلامي وارا چون ٿا ته انهن جي رهنمائن غداري نه ڪئي بلڪه انهن پاڪستان جو ساٿ ڏنو هو.
Read More    Posted on: 23 Nov 2015
Items 751 to 765 of 2634