Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن 2015 جي مڪاني منشور جو اجراء ڪري ڇڏيو


ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن 2015 جي مڪاني منشور جو اجراء ڪري ڇڏيو
 Posted on: 11/25/2015
ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن 2015 جي مڪاني منشور جو اجراء ڪري ڇڏيو
2013 جو مڪاني نظام آفيسرن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار
مڪاني حڪومت کي جيڪي اختيار هئا اهي سڀ واپس ورتا ويا آهن
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 25 نومبر 2015 
متحده قومي موومينٽ مڪاني اليڪشن 2015 جي منشور جو اجراء ڪري ڇڏيو. مڪاني اليڪشن جي منشور ۾ پيئڻ جي پاڻي، ڪني پاڻي جي نيڪر ۽ صحت و صفائي جي نظام کي بهتر بڻائڻ کان علاوه ٻيون ترجيحات به شامل آهن.جڏهن ته ڪي 4، سرڪلر ريلوي، مانس ٽرانزٽ ، صحت، تعليم، رانڌين جي اڪيڊمن جي قيام، روزگار جي فراهمي ۽ ڪاٽيج انڊسٽري جي شعبن کي به منشور ۾ اهم اهميت ڏني وئي آهي. ان منشور جو اجراء خورشيد بيگم سيڪٽريٽ ۾ قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد، سي اي سي انچارج وسيم اختر، حيدرعباس رضوي ۽ اسيمبلي ميمبر سيد سردار احمد به موجود هئا.  ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته متحده قومي موومينٽ سياسي ۽ جمهوري عمل جي فروغ جي لاءِ هڪ اهڙو مڪاني منشور اوهان جي سامهون رکيو آهي. جنهن ۾ جناب الطاف حسين جي ويزن کي سمائي سگهون. انهن چيو ته مڪاني ادارن جو تصور اڄ جي دنيا ۾ تبديل ٿي ويو آهي . غربت. مهانگائي جي خاتمي، معاشي ترقي ۽ معاشرتي انصاف قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ صحيح معنٰي ۾ شراڪتي ۽ شموليتي جمهوريت قائم ڪرڻ جي غرض سان مڪاني نظام تمام طاقتور هجڻ گهرجي. انهن چيو ته ملڪ ۾ رائج 2013 جو مڪاني نظام آفيسرن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. اهو انگريزن جي زماني جو نو آبادياتي ۽ هڪ ڪمشنري نظام کي ئي قائم رکي ٿو ۽ ان نظام ۾ اختيار چونڊيل نمائندن وٽ نه بلڪه اختيار آفيسرن وٽ ئي آهي. انهن چيو ته ڪراچي جي آبادي اڍائي ڪروڙن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ موجوده نظام جنهن نظام کي وضع ڪري ٿو ان ۾ 209 يونين ڪائونسلون آهن، اسان سمجهون ٿا ته ڪمشنري نظام جي بنياد تي هتي ضلع قائم آهن. ڪراچي ۾ ٻئي سطح جو اسٽرڪچر هجڻ گهرجي ۽ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن۽ سٽي گورنمينٽ هجن،ا ن جي هيٺان ٽائون ميونسپل حڪومتون هجن، پر  مڪاني نظام جي هيٺان اهو ڍانچو هجڻ گهرجي ۽ اختيار صوبي کان ميٽروپوليٽن حڪومت کي حاصل هجڻ گهرجي ۽ ميٽروپوليٽن حڪومت پنهنجا اختيار ضلعن ۽ ٽائونن کي منتقل ڪري. انهن چيو ته ان طرح جو مڪاني ڍانچو هجڻ گهرجي. جنهن ۾ سياسي ۽ انتظامي فيصلا ڪرڻ جو اختيار ۽ مالي خودمختياري يعني پنهنجا وسيلا پاڻ پيدا ڪرڻ ۽ مقامي ٽيڪسن کي پاڻ وصول ڪرڻ شامل آهي. اسان انهي ڳالھھ تي پنهنجي منشور کي جاري ڪيو آهي. انهن چيو ته اڄ جي دنيا ۾ جديد مڪاني نظام ۾ مڪاني ادارن جو ڪم صرف صفائي۽ ڪني پاڻي جي نيڪر جو نه آهي. بلڪه ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ مڪاني ادارا اڄ به ايتري قدر با اختيار آهن جو اهي جنهن ملڪ ۾ به قائم آهن ان ملڪ جي معاشي ترقي ، امن و امان جي قيام ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ دهشت گردي ۽ انتها پسندي جي خاتمي جي لاءِ  به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته اسان ڪميونٽي پارٽي سي پيشن ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي ۽ شهري سينس کي فروغ ڏينداسين. جنهن جي ذريعي مڪاني حڪومتون بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهنديون. ڪي 4 منصوبي جي پهرين مرحلي جي تڪميل سان 240 ايم جي بي پاڻي ايندو. ڪراچي ۾ پاڻي جي ڪمي تي فساد ٿي سگهن ٿا. انهن کي روڪڻ جي لاءِ پاڻي جو مسئلو حل ڪيو وڃي. انهن چيو ته سرڪلر ريلوي جي بحالي ، مانس ٽرانزٽ ان ۾ اسان کي وفاق جي مدد جي ضرورت پوندي. انهن چيو ته سرڪلر ريلوي جي بحالي اسان جي ميئر جي پهرين ترجيح هوندي. انهن چيو ته رانڌ ۽ تفريح جي لاءِ گرائونڊ ئي نه بلڪه اڪيڊمي ۽ نرسري جي به ضرورت آهي. انهن چيو ته ثقافت ۽ فنون لطفي جي شعبي ۾ وڌيڪ سينيما بڻجڻ گهرجن. ڪافي هائوسز بڻجڻ گهرجن، تجهيز و تڪفين جا هنڌ نه آهن، قبرستانن جون زمينون بورڊ آف روينيو کان وٺي ڪري قبرستانن جي تعداد وڌائي ويندي. عوامي بيت الخلا جو ڪوئي تصور نه آهي، باھ وسائڻ ۽ بچاءُ جي ڪوششن ۾ نئين فائربريگيئيڊ جي ضرورت آهي. پر ان کان وڌيڪ اهو آهي ته ٽمبر مارڪيٽ جي واقعي کي ڏسو ان جي ڪري واٽرهائيڊرينٽس مارڪيٽن وٽ هجڻ گهرجي. ماسٽر پلان کي اپ ڊيٽ ڪرڻو آهي. بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي صوبي کان حاصل ڪرڻو آهي. اهي سڀ ڪم ڪري ڪميونٽي پوليس ۽ ٽريفڪ  جي لاءِ وارڊن جو نظام وضع ڪرڻ آهي. چوڪيداري نظام کي علائقن ۾ وضع ڪرڻو آهي. انهن وڌيڪ چيو ته ڪورنگي، شاھ فيصل ۽ هجرت ڪالوني سيڪٽر آفيس ۾ ڇاپا هنيا ويا، حڪومت اسان کي خاطري ڪرائي هئي ته اسان پنهنجا دفتر کوليون. سياسي سرگرمين ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺون.پر هاڻي اسان کي محسوس ٿئي ٿو ته وري پاليسي تبديل ٿي وئي آهي ۽ گذريل چئن ڏينهن ۾ اسان جا 100 جي لڳ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن.ان کان علاوه اسان جي بينرن ۽ پينا فليڪس کي به لاتو ويو آهي.پر جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي جا بينر ۽ پينا فليڪس ائين ئي لڳل آهن.انهن سڀني ڳالهين جو اليڪشن ڪميشن کي نوٽس وٺڻ گهرجي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف، وزير اعلٰي سنڌ، ڪورڪمانڊر ۽ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته قانون نافذ وارن ادارن جي طرفان اسان جي اليڪشن سرگرمين ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن انهن جو نوٽس ورتو وڃي. انهن چيو  ته اڄ ڪورنگي سيڪٽر آفيس کان سيڪٽر انچارج وسيم شمع، سيڪٽر ميمبر اصغر يعقوب، ڪارڪنن نديم اختر، رفيق شيخ، ابراهيم، شهباز، وسيم ۽ بوبي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته اهو سڀ ڪنهن کي فائدو ڏيڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي.۽ اسان جو گرائونڊ ڇني ڪري ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. انهن چيو ته ان خدشي کي رينجر، پوليس، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ختم ڪري ۽ سياسي ، جمهوري ۽ آئين جي عمل داري کي قائم ڪيو وڃي.

4/19/2024 3:50:38 PM