Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪورنگي سيڪٽر آفيس ۾ ڇاپو ۽ گرفتاريون ايم ڪيو ايم کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ جي سازشن جو حصو آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


ڪورنگي سيڪٽر آفيس ۾ ڇاپو ۽ گرفتاريون ايم ڪيو ايم کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ جي سازشن جو حصو آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 11/25/2015
ڪورنگي سيڪٽر آفيس ۾ ڇاپو ۽ گرفتاريون ايم ڪيو ايم کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ جي سازشن جو حصو آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
گرفتار ٿيلن ۾ سيڪٽر انچارج ۽ ٻيا شامل آهن. رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 25 نومبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪورنگي ۾ ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر آفيس تي پوليس ۽ رينجر جي ڇاپي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان ڪاروائي کي ايم ڪيو ايم کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ جي ڪوششن ۽ ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ جي سازشن جو حصو قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪورنگي سيڪٽر آفيس ۾ ذميوار ۽ ڪارڪن اليڪشن جي تيارين ۾ مصروف هئا ته رينجر جي وڏي نفري سيڪٽر آفيس ۽ آس پاس جو گهيراءُ ڪري ورتو ۽ سيڪٽر آفيس مان 15 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ورتو. گرفتار ٿيلن ۾ سيڪٽر انچارج وسيم شمع، فنانس سيڪريٽري اصغر يعقوب، سيڪٽر ڪميٽي جا ميمبر ۽ ڪارڪن شامل آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته ان کان اڳ به ملير، پي آئي بي، لياقت آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي چاپا هنيا ويا آهن ۽ ڪيترن ئي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتن ايستائين جو پابندي وڌل تنظيمن کي به اليڪشن مهم هلائڻ جي مڪمل آزادي آهي پر پابندي آهي ته اها صرف ايم ڪيو ايم تي آهي ۽ ان کي طاقت جي زور تي مهم هلائڻ کان روڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته اها صورتحال ان ڳالھھ جو واضع ثبوت آهي ته حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي کان گهبرائي ڪري هاڻي رياستي طاقت جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ڪراچي جي اليڪشن کان ٻاهر ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي ڏاڍ جي زور تي ڇني ڪري جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف کي ڏنو وڃي. رابطا ڪميٽي چيف اليڪشن ڪمشنر، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ڇاپن ، ذميوارن ، ڪارڪنن ۽ حق پرست اميدوارن جي گرفتارين جو نوٽس وٺن. گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرائين ۽ ايم ڪيو ايم کي آزادانه طور تي اليڪشن مهم هلائڻ جي اجازت به ڏني وڃي. 

4/25/2024 3:38:47 PM