Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر عبدالرشيد گوڏيل تي قاتلاڻه حملي جي تحقيقات ڪرائي وڃي. ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي


قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر عبدالرشيد گوڏيل تي قاتلاڻه حملي جي تحقيقات ڪرائي وڃي. ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي
 Posted on: 11/24/2015
قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر عبدالرشيد گوڏيل تي قاتلاڻه حملي جي تحقيقات ڪرائي وڃي. ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي
واردات ۾ ملوث دهشت گرد پي پي سان تعلق رکندڙ شاهد بڪڪ  جي لاءِ ڪم ڪري ٿو. رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 24 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو آهي ته قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر رشيد گوڏيل تي قاتلاڻه حملي  جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ ان سازش ۾ ملوث عناصر کي عوام جي سامهون بي نقاب ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته هٿيار بند دهشت گردن آگسٽ 2015 ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي رشيد گوڏيل کي فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو. ميڊيا جي رپورٽن جي مطابق گذريل پوين ڏينهن ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي هٿان گرفتار ٿيل دهشت گرد مبينه طور تي انڪشاف ڪيو آهي ته اهو پي پي سان تعلق رکندڙ شاهد بڪڪ جي لاءِ ڪم ڪري ٿو ۽ رشيد گوڏيل تي قاتلاڻه حملي سميت قتل جي ٻين ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته شاهد بڪڪ مڪاني اليڪشن ۾ ضلعي وسطي يوسي 44 کان پي پي جو اميدوار به آهي. جڏهن ته رشيد گوڏيل تي حملي ۾ ملوث دهشت گرد مبينه طور تي ايم ڪيو ايم جي ٻين رهنمائن جي قتلن جي به منصوبه بندي جو اعتراف ڪيو آهي. جنهن ۾ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي سلمان مجاهد بلوچ به شامل آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته حيرت انگيز ڳالھھ اها آهي ته ڪراچي ۾ امن و امان تباھ ڪرڻ جا ذميوار جيڪي عناصر سامهون اچي رهيا آهن انهن جو تعلق پابندي وڌل تنظيمن، امن ڪميٽي،پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي سان آهي. پر ڪراچي آپريشن جو نشانو صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم ۽ ان جا ڪارڪن بڻيل آهن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کان مطالبو ڪيو ته عبدالرشيد گوڏيل تي قاتلاڻه حملي ۾ ملوث دهشت گرد جي اعترافي بيان جي روشني ۾ قاتلاڻه حملي جي غير جانبدراڻه تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ ان سازش ۾ ملوث عناصر کي عوام جي سامهون بي نقاب ڪيو وڃي.

4/25/2024 2:09:37 PM