Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
اي اين پي بيگم نسيم ولي خان گروپ جي اڳواڻ لاله فضل ڪريم جي وفد سان گڏجي نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي سان ملاقات.
 اي اين پي بيگم نسيم ولي خان گروپ جي مرڪزي اڳواڻ لاله فضل ڪريم وفد سان گڏجي نائن زيرو جو دورو ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق ۽ اسلم آفريدي سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي مڪاني اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.
Read More    Posted on: 07 Dec 2015
مڪاني نظام ۾ ايم ڪيو ايم جي بي مثال ڪاميابي تي 8 ڊسمبر بروز اڱاري تي يوم تشڪر ملهايو ويندو.ان موقعي تي شڪراني جا نفل به ادا ڪيا ويندا. ايم ڪيو ايم جو اعلان.
                   متحده قومي موومينٽ جي طرفان 8 ڊسمبر بروز اڱاري تي سڄي ملڪ ۾ يوم تشڪر ملهايو ويندو جنهن ۾ بي مثال ڪاميابي تي شڪراني جا نفل به ادا ڪيا ويندا. ان سلسلي جو مرڪزي پروگرام لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيندو.  
Read More    Posted on: 07 Dec 2015
تعليمي نظام ۾ موجود خامين ۽ ڪاپي ڪلچر جي مڪمل خاتمي جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻا پوندا.رابطا ڪميٽي ميمبر سيد امين الحق.
 فرينڊز اسڪول پرائيويٽ ايسوسي ايشن جي چيئرمين جهانزيب حسين ۽ وائيس چيئرمين خاميس احمد صديقي جي سربراهي ۾ وفد رابطا ڪميٽي ميمبر سيد امين الحق سان ملاقات ڪئي ۽ مڪاني اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم کي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي  حق پرست قومي اسيمبلي ميمبر عبدالوسيم به موجود هئا. 
Read More    Posted on: 07 Dec 2015
محبان پاڪستان اوورسيز جي طرفان ايم ڪيو ايم ۽ حق پرست عوام کي مڪاني اليڪشن ۾ ڀرپور ڪاميابي تي مبارڪباد پيش.
                  محبان پاڪستان اوورسيز جي طرفان مڪاني اليڪشن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ سمورن حق پرستن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه پاڪستان ۾ وسندڙ 98 سيڪڙو غريبن جي لاءِ آواز بلند ڪئي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته عام اليڪشن وانگر مڪاني اليڪشن ۾ به مخالفن جي ڪوششن ۽ اتحادن جي باوجود اهي ايم ڪيو ايم جي ووٽ بينڪ کي نقصان نه پهچائي سگهيا. 
Read More    Posted on: 07 Dec 2015
چنيسر ڳوٺ ۾ ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏيڻ وارن کي پيپلز پارٽي جي عنصرن جي طرفان تشدد جو نشانو بڻائڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي چنيسر ڳوٺ ۾ ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏيڻ وارن کي پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي طرفان قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اوڀر ضلع جي يونين ڪائونسل ۾ حق پرست اميدوار جي يقيني ڪاميابي ڏسي ڪري پي پي وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ ان جي هٿياربند دهشت گردن ايم ڪيو ايم جي همدردن ۽ ووٽرن کي تشدد جو نشانو به بڻايو
Read More    Posted on: 07 Dec 2015
ايم ڪيو ايم جي فتح سمورن حق پرستن جي فتح آهي جنهن تي ڪراچي جا سمورا ماڻهو مبارڪباد جا مستحق آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جي فتح سمورن حق پرستن جي فتح آهي. جنهن تي ڪراچي جا سمورا ماڻهو مبارڪباد جا مستحق آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪاميابي جي خوشي ۾ ناظم آباد کان نڪرندڙ ريلي کي خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم مخالف قوتون ايم ڪيو ايم کي هارائڻ ۽ دٻائڻ جي لاءِ طرح طرح جا هٿڪنڊا استعمال ڪيا. سمورا زهريلا پروفيگنڊا  استعمال ڪيا.
Read More    Posted on: 07 Dec 2015
مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي شهيدن جي قربانين ۽ تحريڪ جي جانباز ۽ بهادر ڪارڪنن جي سخت محنت جو نتيجو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي شهيدن جي قربانين ۽ تحريڪ جي جانباز ۽ بهادر ڪارڪنن جي سخت محنت جو نتيجو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم لانڍي سيڪٽر ۽ قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر جي آفيسن تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو. انهن لانڍي سيڪٽر آفيس تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو ته مان لانڍي
Read More    Posted on: 07 Dec 2015
38 سالن کان ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر اهي ايم ڪيو ايم کي ختم نه ڪري سگهيا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته 38 سالن کان ڪوڙن الزامن ۽ ظلمن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. پر اهي ايم ڪيو ايم کي ختم نه ڪري سگهيا. بلڪه ان جي طاقت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن سنڌ جي هڪ هڪ علائقي ۽ پنجاب کان به  اليڪشن جي ڏينهن بيلٽ باڪس کلندا ته انهن مان ايم ڪيو ايم جا ئي ووٽ نڪرندا
Read More    Posted on: 07 Dec 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي عباسي شهيد اسپتال ۾ مڪاني اليڪشن جي موقعي تي لانڍي ۾ حقيقي دهشت گردن جي هٿان زخمي ٿيندڙ ڪارڪنن جي عيادت ڪئي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي عباسي شهيد اسپتال ۾ مڪاني اليڪشن جي موقعي تي لانڍي ۾ حقيقي  دهشت گردن جي هٿان سخت زخمي ٿيندڙ  ڪارڪنن جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جو انچارج فاروق جميل به موجود هو
Read More    Posted on: 06 Dec 2015
مڪاني اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪرائڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين حق پرست عوام جو شڪريو ادا ڪيو.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين مڪاني اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪرائڻ تي حق پرست عوام جو شڪريو ادا ڪندي انهن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 06 Dec 2015
مڪاني اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي منهنجي ۽ پنهنجي طرفان ٻه ٻه رڪعتون شڪراني جا نفل ادا ڪريو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام کي اپيل.
                قائد تحريڪ جناب الطاف حسين مڪاني اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان تاريخي ڪاميابي تي الله تعالٰي جو شڪر ادا ڪندي منهنجي ۽ پنهنجي طرفان ٻه ٻه رڪعتون شڪراني جا نفل ادا ڪن ۽ غير مسلم پنهنجي پنهنجي عقيدي جي مطابق شڪر ادا ڪن.
Read More    Posted on: 06 Dec 2015
اسٽيبلشمينٽ، هٿياربند فوج، بيوروڪريسي، سيڪيورٽي ايجنسيون ۽ حڪمران وڏائي ڇڏي ڪري ايم ڪيو ايم جي حقيقت کي تسليم ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ، هٿياربند فوج، بيوروڪريسي، سيڪيورٽي ايجنسين ۽ پنجاب جي بااثر حڪمرانن کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي ته ظلم ۽ تشدد سان ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري نه ٿو سگهجي.
Read More    Posted on: 06 Dec 2015
ايم ڪيو ايم کي طاقت جي ذريعي مڪاني اليڪشن وڙهڻ کان روڪڻ جي واقعن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ايم ڪيو ايم کي طاقت جي ذريعي مڪاني اليڪشن وڙهڻ کان روڪڻ جي وڌندڙ واقعن جي سخت مذمت ڪندي فرمايو آهي ته ڪراچي ۾ مڪاني اليڪشن جي لاءِ ووٽنگ جو عمل اڄ صبح پرامن طريقي سان شروع ٿيو هو پر دهشت گردن مختلف پولنگ اسٽيشنن تي رينجر ۽ پوليس جي سامهون غنڊه گردي شروع ڪري ڇڏي. 
Read More    Posted on: 06 Dec 2015
حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان پولنگ اسٽيشنن تي قبضي ، اليڪشن جي اسٽاف کي يرغمال بڻائڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي 17 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حقيقي جي دهشت گردن جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پولنگ اسٽيشنن تي قبضن، اليڪشن جي اسٽاف کي يرغمال بڻائڻ ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان اسان جي 17 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 05 Dec 2015
لانڍي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ هٿياربند دهشت گردن جون دهشت گرديون.
 ڪجھھ هٿيار بند دهشت گردن سرڪاري سرپرستي ۾ لانڍي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائينز ايريا ۾ دهشت گردي ڪري انهن  پرامن علائقن جو امن تباھ ڪري ڇڏيو ۽ درجنين پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري انهن علائقن جي عوام کي ووٽ وجهڻ کان روڪي به ڇڏيو 
Read More    Posted on: 05 Dec 2015
Items 706 to 720 of 2634