Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
غير قانوني ڇاپا ۽ گرفتاريون ايم ڪيو ايم کي زلزلي متاثرن جي مدد ۽ مڪاني اليڪشن جي مهم هلائڻ کان هرگز به روڪي نه ٿيون سگهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجر ۽ ساده لباس پهريل اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ انهن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر يوپي سوسائٽي نارٿ ڪراچي مان ايم ڪيو ايم نارٿ ڪراچي سيڪٽر يونٽ 135-B  جي ڪارڪن شاهنواز کي انهن جي گهر تان گرفتار ڪري ورتو
Read More    Posted on: 05 Nov 2015
لاهور ۾ چار منزله عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ درجنين ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لاهور ۾ فيڪٽري ڪرڻ جي نتيجي ۾ درجنين ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين ان واقعي ۾هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.
Read More    Posted on: 04 Nov 2015
سنڌ حڪومت پهرين ٽريفڪ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي پنهنجا ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ جو پابند بڻائي ۽ پوءِ ڪراچي جي شهرين کي نصيحت ڪري. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته سڄي ملڪ کي ڇڏي ڪري صرف ڪراچي ۾ شهرين تي ڊرائيونگ لائسنس ساڻ کڻي ڪري هلڻ جي پابندي ۽ لائسنس نه هجڻ تي شهرين جي خلاف غير قانوني قدم کڻڻ  سنڌ حڪومت جي کليل ڪراچي دشمني آهي.
Read More    Posted on: 04 Nov 2015
لاهور ۾ فيڪٽري جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي مزدورن جي دٻجي ڪري فوت ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لاهور ۾ فيڪٽري جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي دٻجي ڪري هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي هلاڪ ٿيندڙ مزدورن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي  انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ ايم ڪيو ايم انهن سان گڏ آهي. 
Read More    Posted on: 04 Nov 2015
ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ جي پاليسي برقرار رکي وئي ته ان سان پاڪستان ڪمزور ٿيندو. رابطا ڪميٽي ميمبرَ ڪمال ملڪ ۽ عادل خان.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڪمال ملڪ ۽ عادل خان چيو ته ايم ڪيو ايم جي مخالفن جا ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ عوام کي جناب الطاف حسين کان پري ڪرڻ جا ڪوڙا دعوٰي اڄ هزارين ماڻهن جي جلسي ۾ شرڪت ڏسي ڪري ناڪام ٿي ويا آهن.
Read More    Posted on: 04 Nov 2015
مڪاني اليڪشن ۾ نامزد حق پرست اميدوارن جو اصل تعارف جناب الطاف حسين آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب ۽ اسلم آفريدي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب ۽ اسلم آفريدي چيو آهي ته عوام وٽ روڊ، نوٽ ۽ ووٽ جي طاقت آهي ۽ ٽئي طاقتون عوام جناب الطاف حسين کي ڏيئي ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي انهن جي قيادت ۾ متحد ۽ منظم آهن. 
Read More    Posted on: 04 Nov 2015
اسان عدالت ۾ پنهنجي قانوني جنگ آخر تائين وڙهندا سين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڪوئي به گوڙ نه ڪري رهيا آهيون. اسان جا وڪيل ان معاملي کي ڏسي رهيا آهن، اسان عدالت ۾  پنهنجي قانوني جنگ آخري وقت تائين وڙهندا سين
Read More    Posted on: 04 Nov 2015
ايم ڪيو ايم جي وفد جي پيپلز پارٽي پارليمينٽرين جي صدر مخدوم امين فهيم جي عيادت
متحده قومي موومينٽ جي وفد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي پاڪستان پيپلز پارٽي پاليمينٽرين جي صدر مخدوم امين فهيم جي اسپتال وڃي ڪري عيادت ڪئي. ايم ڪيو ايم وفد ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار، وسيم اختر، خواجه اظهار الحسن ۽ رئوف صديقي شامل هئا.  ايم ڪيو ايم وفد امين فهيم  جي عيادت جي موقعي تي انهن جي صاحبزادي ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي
Read More    Posted on: 03 Nov 2015
جناب الطاف حسين جي تقرير نشر ڪرڻ ۽ تصوير تي عائد پابندي جي ڪيس جي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي دوران سرڪاري وڪيل جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي، اهو اسان جي لاءِ صدمي جو ڪارڻ ۽ سمجھھ کان ٻاهر آهي. ڊاڪٽر فاورق ستار.
قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته لاهور هائي ڪورٽ جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقرير نشر ڪرڻ ۽ تصوير تي عائد پابندي جي ڪيس جي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي دوران سرڪاري وڪيل جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي، اهو اسان جي لاءِ وڏي صدمي جو ڪارڻ ۽ سمجھھ کان ٻاهر آهي ۽ ان موقف سان وفاقي حڪومت جو ٻٽو معيار  ۽منافقت ظاهر ٿئي ٿي.
Read More    Posted on: 03 Nov 2015
سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن جو ناظم آباد ۾ ڊرائيونگ لائسنس برانچ جو دورو.
 سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبر ريحان ظفر ناظم آباد ۾ ڊرائيونگ لائسنس برانچ جو دورو ڪيو ۽ اتي موجود سوين  ماڻهن کان ڊرائيونگ لائسنس جي مسئلن جي باري ۾ ڄاڻ  ورتي ۽ ڊرائيونگ لائسنس برانچ جو  جائزو به ورتو ۽ آفيسرن کي ڊرائيونگ لائسنس برانچ ۾ ٽوڪن سسٽم متعارف ڪرائڻ جي تجويز به ڏني. 
Read More    Posted on: 03 Nov 2015
جناب الطاف حسين هڪ عهد ساز ۽ ڪرشمه ساز شخصيت آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هڪ عهد ساز ۽ ڪرشمه ساز شخصيت آهن. جيڪي ملڪ ۾ فرسوده جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام جو خاتمو ڪري سڄي ملڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني قائم ڪرڻ جي لاءِ عملي طور تي جدوجهد ڪري رهيا آهن.
Read More    Posted on: 03 Nov 2015
شاگردياڻين جي پرامن احتجاج جي ڪوريج ڪرڻ وارن صحافين تي ڪراچي يونيورسٽي جي انتظاميه جو تشدد قابل افسوس ۽ صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. اي پي ايم ايس او چيئرمين.
اي پي ايم ايس او جي چيئرمين سرفراز احمد صديقي چيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين جي پرامن احتجاج جي ڪوريج ڪرڻ وارن صحافين تي ڪراچي يونيورسٽي جي انتظاميه جي طرفان تشدد ڪرڻ قابل افسوس ۽ صحافت جي آزادي جي خلاف آهي ۽ اسان تشدد جي باوجود شاگردياڻين جي آواز عوام تائين پهچائڻ تي صحافين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا
Read More    Posted on: 02 Nov 2015
آسٽريليا جي هائي ڪمشنرMargaret Adamson ۽ سيڪنڊ سيڪريٽري برائي سياسي امور Matthew Mowtell ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو عزيز آباد جو دورو ڪيو ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار سان ملاقات ڪئي.
                 پاڪستان ۾ متعين آسٽريليا جي هائي ڪمشنر Margaret  Adamson ۽ سيڪنڊ سيڪريٽري برائي سياسي امور Matthew Mowtell  ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو جو دورو ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم جي رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار، رابطا ڪميٽي ميمبر سيد امين الحق ۽ سينيٽر نسرين جليل سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي. ان کان اڳ جڏهن مهمان نائن زيرو تي پهتا ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو . ملاقات کان پوءِ انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي زندگي تي ٻڌل ڪتاب سفر زندگي به پيش ڪئي وئي. 
Read More    Posted on: 02 Nov 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڪارڪنن جي گرفتاري تي سخت مذمت جو اظهار.
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ رينجر ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي لڳاتار گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 02 Nov 2015
ڪراچي ۾ ڊرائيونگ لائسنس کان سواءِ گاڏي هلائڻ تي شهرين جي گرفتاري جي فيصلي ۽ ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ وارن شهرين تي پوليس جي طرفان تشدد ڪرڻ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ ڊرائيونگ لائسنس کان سواءِ گاڏي هلائڻ تي شهرين کي گرفتار ڪرڻ جي فيصلي ۽ ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ وارن شهرين تي پوليس جي طرفان تشدد ڪرڻ  جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. 
Read More    Posted on: 02 Nov 2015
Items 856 to 870 of 2634