Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
حقيقي جي دهشت گردن لانڍي جي پولنگ ايجنٽن کي خوفزده ڪيو ۽ انهن کي پولنگ اسٽيشنن کان ٻاهر ڪڍي ڪري انهن پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري ورتو آهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر سيد سردار احمد صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي هڪ خط جي ذريعي لانڍي جي مختلف يوسيز ۾ حقيقي دهشت گردن جي طرفان اليڪشن جي عمل جي دوران طاقت جي ذريعي متحده قومي موومينٽ جي پولنگ ايجنٽن کي خوفزده ڪرڻ ۽ پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪرڻ جي باري ۾ آگاھ ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 05 Dec 2015
حقيقي جي دهشت گردن لانڍي جي 25 پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري لانڍي جي عوام کي اليڪشن جي عمل کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته حقيقي جي ڏوهاري دهشت گردن لانڍي جي 25 پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري جعلي ووٽ وڌا ۽  ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر آفيس تي حملو به ڪيو ۽ 70 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري سخت زخمي به ڪري ڇڏيو.
Read More    Posted on: 05 Dec 2015
آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا جي علائقي سين برنارڊينو ۾ بي گناھ شهرين تي وحشياڻي فائرنگ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما کي تعزيتي خط.


                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا جي علائقي سين برنارڊينو ۾ بي گناھ شهرين تي وحشياڻي فائرنگ جي واقعي تي آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما کي تعزيتي خط لکيو آهي ۽ انهن فائرنگ جي واقعي ۾ 14 ماڻهن جي هلاڪت ۽ 17 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار به ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 03 Dec 2015
آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا جي علائقي سين برنارڊينو ۾ بي گناھ شهرين تي وحشياڻي فائرنگ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما کي تعزيتي خط.


                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا جي علائقي سين برنارڊينو ۾ بي گناھ شهرين تي وحشياڻي فائرنگ جي واقعي تي آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما کي تعزيتي خط لکيو آهي ۽ انهن فائرنگ جي واقعي ۾ 14 ماڻهن جي هلاڪت ۽ 17 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار به ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 03 Dec 2015
ايم ڪيو ايم هڪ پر امن سياسي جماعت آهي، اسان جي بي ڏوهي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري انهن جي معاشري ۾ شخصيت خراب ڪئي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بي ڏوهي ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي مڪاني اليڪشن جي دوران ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ جي هڪ سازش قرار ڏنو آهي
Read More    Posted on: 03 Dec 2015
جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي وفد جي ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي مرڪزي جلوس ۾ شرڪت.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن تي ٻڌل وفد ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي مرڪزي جلوس ۾ شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم وفد ۾ اسيمبلي ميمبر علي رضا عابدي، ڊاڪٽر صغير احمد ۽ ٻيا به شامل هئا.
Read More    Posted on: 03 Dec 2015
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار جو لانڍي جي مختلف علائقن جو دورو.
                 ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار لانڍي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو. جتي انهن عوام۽ واپارين سان ملاقات ڪئي. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي 5 ڊسمبر تي جناب الطاف حسين جي نمائندن کي ووٽ ڏيئي ڪري وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائين. ان کان اڳ عوام انهن جو شاندار استقبال ڪيو ۽ انهن تي گل به نڇاور ڪيا.
Read More    Posted on: 03 Dec 2015
5 ڊسمبر تي عوام لغڙ تي ٽپو هڻي ڪري ثابت ڪري ڇڏيندا ته الطاف حسين انهن جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿو. رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.

                   رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني چيو آهي ته 5 ڊسمبر تي عوام لغڙ تي ٽپو هڻي ڪري ثابت ڪري ڇڏيندا ته الطاف حسين انهن جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿو.
Read More    Posted on: 03 Dec 2015
10 سالن جي لاءِ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ويو هو پر اڄ به ڪراچي جا عوام ڪوٽا سسٽم جو عذاب سهي رهيا آهن. وسيم اختر.
ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر چيو آهي ڪراچي سان تعصب جي انتها اها آهي ته آخري آدمشاري 1998 ۾ ڪرائي وئي
Read More    Posted on: 03 Dec 2015
عوام 5 ڊسمبر تي ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري وڏي اڪثريت سان ڪامياب بڻائين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سمورن حق پرستن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي 5 ڊسمبر تي ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل اميدوارن کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيئي ڪري وڏي اڪثريت سن ڪامياب بڻائين. انهن فرمايو ته پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ اردو ڳالهائڻ وارن سان تعصب ۽ عصبيت جو مظاهرو ڪيو ويندو رهيو آهي.
Read More    Posted on: 03 Dec 2015
ڪراچي وارا بلٽ جو جواب 5 ڊسمبر تي بيلٽ جي ذريعي ڏيندا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي
ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته 5 ڊسمبر جو ڏينهن صرف مڪاني اليڪشن جو ڏينهن نه بلڪه ثابت ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته اهو شهر غيرن جو نه بلڪه مهاجرن جو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ناظم آباد نمبر 1 ۾ هڪ وڏي ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. انهن چيو ته
Read More    Posted on: 02 Dec 2015
مڪاني اليڪشن کٽي ڪري ڪراچي کي ٻيهر روشنين جو شهر بڻائينداسين. رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر شبير احمد قائم خاني چيو آهي ته مڪاني اليڪشن کان پوءِ ايم ڪيو ايم ڪراچي کي ٻيهر روشنين جو شهر بڻائيندي. انهن خيالن جو اظهار انهن محمود آباد ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو. 
Read More    Posted on: 02 Dec 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو وفاقي حڪومت جي طرفان 40 ارب روپين جو اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي فيصلي جي سخت مذمت.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وفاقي حڪومت جي طرفان ريگوليٽري ڊيوٽي جي مد ۾ کائڻ پيئڻ جي درآمدي شين سميت روز مره جي استعمال جي 350 شين تي تقريبن 40 ارب روپين جا اضافي ٽيڪس لڳائڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته  درآمدي جي روز مره جي شين تي ٽيڪس جو سنئون سڌو اثر غريب ۽ وچولي طبقي تي پوندو
Read More    Posted on: 02 Dec 2015
ڪربلا جي شهيدن جي سوڳ ۾ 3 ڊسمبر بروز خميس تي ايم ڪيو ايم جون سموريون تنظيمي ۽ اليڪشن سرگرميون معطل رهنديون. ايم ڪيو ايم جو اعلان.
                  متحده قومي موومينٽ ڪربلا جي شهيدن جي سوڳ ۾ 3 ڊسمبر بروز خميس تي پنهنجيون سموريون تنظيمي ۽ اليڪشن سرگرميون معطل رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جي اعلان جي مطابق امام عالي مقام حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي ٻين شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم  جون سموريون تنظيمي ۽ اليڪشن سرگرميون معطل رهنديون.
Read More    Posted on: 02 Dec 2015
ملٽري پوليس تي انهن دهشت گردن حملو ڪيو آهي جيڪي جمهوريت ۽ مثبت تبديلي ڏسڻ نه ٿا چاهين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته تبت سينٽر جي ويجهو ملٽري پوليس تي انهن دهشت گردن حملو ڪيو آهي جيڪي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ مثبت تبديلي ڏسڻ نه ٿا چاهين ۽ اهي چاهين ٿا ته ملڪ تي 70 سالن کان رائج فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ بي لغام سرمائيداراڻه نظام مسلط رهي ۽ موروثي سياست جا محافظ پنهنجن ٻارن ٻچن کي اقتدار ۾ آڻيندا رهن
Read More    Posted on: 02 Dec 2015
Items 721 to 735 of 2634