Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني اليڪشن جي موقعي تي اهي نام نهاد اڳواڻ ڪراچي جي عوام کان ووٽ گهري رهيا آهن جيڪي اسان کي بکئي ۽ ننگي جو طعنو ڏيندا هئا. رابطا ڪميٽي ميمبر ڪمال ملڪ ۽ محترمه ريحانه نسرين.


مڪاني اليڪشن جي موقعي تي اهي نام نهاد اڳواڻ ڪراچي جي عوام کان ووٽ گهري رهيا آهن جيڪي اسان کي بکئي ۽ ننگي جو طعنو ڏيندا هئا. رابطا ڪميٽي ميمبر ڪمال ملڪ ۽  محترمه ريحانه نسرين.
 Posted on: 11/23/2015
مڪاني اليڪشن جي موقعي تي اهي نام نهاد اڳواڻ ڪراچي جي عوام کان ووٽ گهري رهيا آهن جيڪي اسان کي بکئي ۽ ننگي جو طعنو ڏيندا هئا. رابطا ڪميٽي ميمبر ڪمال ملڪ ۽  محترمه ريحانه نسرين.
ايم ڪيو ايم جي اليڪشن جا جلسا مخالفن کي واضع طور تي شڪست جو پيغام ڏيئي رهيا آهن. وسيم اختر.
نيو ڪراچي ۽ نارٿ ناظم آباد ۾ اليڪشن جي سلسلي ۾ جلسي ۽ معززن جي اجلاس کي خطاب.
ڪراچي: 23 نومبر 2015 
                    ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڪمال ملڪ ۽ محترمه ريحانه نسرين چيو آهي ته مڪاني اليڪشن جي موقعي تي اهي نام نهاد اڳواڻ به ڪراچي جي عوام سان همدردي جا دعوٰي ڪري رهيا آهن جيڪي اسان کي بکيو ۽ نگو چوندا هئا. انهن خيالن جو اظهار انهن نيوڪراچي ۽ نارٿ ناظم آباد ۾ جلسي ۽ معززن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سي اي سي انچارج وسيم اختر، اسيمبلي ميمبر عبدالوسيم، ريحان هاشمي، شيخ صلاح الدين ۽ خواجه اظهار الحسن به موجود هئا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي عوامي طاقت جو اندازو ان ڳالھھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آهي ،ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل به ڪيو پيو وڃي ۽ ڇاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو به جاري آهي. پر ان جي باوجود عوامي محبت جناب الطاف حسين سان ذري برابر به گهٽ نه ٿي آهي .ان موقعي تي خطاب ڪندي وسيم اختر چيو ته جيئن جيئن مڪاني اليڪشن ويجهو اچي رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم جون اليڪشن سرگرميون به عروج تي پهچي رهيون آهن ۽ ايم ڪيو ايم جي اليڪشن جون سرگرميون ۽ جلسا مخالفن جي لاءِ واضع طور تي شڪست جو پيغام ڏيئي رهيا آهن.ان جي ڪري ئي اهي مخالف اليڪشن کان ڀڄڻ جا بهانا ڳولي رهيا آهن. انهن وڌيڪ چيو ته هن مڪاني اليڪشن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي جا عوام نام نهاد سياسي ۽ مذهبي جماعتن ۽ انهن جي رهنمائن کي اوقات ياد ڏياري ڇڏيندا ۽ ثابت ڪري ڇڏيندا ته ڪراچي وارن جو جيڪڏهن ڪوئي پسنديده ليڊر آهي ته اهو صرف ۽ صرف جناب الطاف حسين آهي. ان کان علاوه ريحان هاشمي، عبدالوسيم ۽ شيخ صلاح الدين به خطاب ڪيو. 
*****

4/25/2024 10:23:15 AM