Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار جو برنس روڊ جي يوسي 26 ۾ پاڪستان چوڪ ۽ يوسي 28 ۾ سٽي ريلوي ڪالوني ۾ مڪاني اليڪشن ۾ نامزد حق پرست اميدوارن جي اليڪشن ڪيمپن جو دورو.


قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار جو برنس روڊ جي يوسي 26 ۾ پاڪستان چوڪ ۽ يوسي 28 ۾ سٽي ريلوي ڪالوني ۾ مڪاني اليڪشن ۾ نامزد حق پرست اميدوارن جي اليڪشن ڪيمپن جو دورو.
 Posted on: 11/24/2015
قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار جو برنس روڊ جي يوسي 26 ۾ پاڪستان چوڪ ۽ يوسي 28 ۾ سٽي ريلوي ڪالوني ۾ مڪاني اليڪشن ۾ نامزد حق پرست اميدوارن جي اليڪشن ڪيمپن جو دورو.
ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ عوام ايم ڪيو ايم جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
ڪراچي: 24 نومبر 2015 
                    قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار برنس روڊ يوسي 26 پاڪستان چوڪ ۽ يوسي 28 سٽي ريلوي ڪالوني ۾ حق پرست اميدوارن جي اليڪشن آفيسن جو دورو ڪيو ۽ بوهري برادري ، ڪڇي ميمڻ ۽ قريشي برادرين سان ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي انهن برادرين جي ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم پڙهيل لکيل غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ نوجوانن جي صلاحيتن ۽ قابليت کان ملڪ و قوم کي فائدو پهچائڻ چاهي ٿي. انهن چيو ته نوجوانن جي لاءِ نعرا ته سڀئي جماعتون هڻڻ ٿيون پر اليڪشن جي موقعي تي انهن جا اهي نعرا ۽ دعوٰئون تبديل ٿي وڃن ٿيون ۽ انهن جي ترجيحات ۾ اليڪشن ۾ نامزد ڪرڻ جي لاءِ پنهنجن مٽن مائٽن کان علاوه ڪوئي به شامل نه ٿو رهي. ا نهن چيو ته ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن غريب ۽ وچولي طبقي جي قيادت کي پنهنجي نعري ۽ وعدي جي مطابق ملڪ جي ايوانن ۾ موڪليو پر اهو عجيب تماشو آهي ته ايم ڪيو ايم جنهن ڪم کي ڪيترائي سال اڳ انجام ڏيئي چڪي آهي اڄ انهي جو ٻيڙو کڻڻ جي لاءِ سڀئي نام نهاد جماعتون سڀني کان اڳتي نظر اچن ٿيون ۽ اهي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوڙن وعدن سان عوام کي ورغلائي رهيون آهن. انهن چيو ته عوام پنهنجو فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي ته 5 ڊسمبر تي سڄي ڪراچي ۾ حق پرست اميدوار ئي کٽندا.
*****

4/23/2024 6:40:24 PM