Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

5 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ عوامي سيلاب نون صوبن جي راھ ۾ سڀني رڪاوٽن کي لوڙهي ڇڏيندو . ڊاڪٽر فاروق ستار


5 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ عوامي سيلاب نون صوبن جي راھ ۾ سڀني رڪاوٽن کي لوڙهي ڇڏيندو . ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 11/25/2015
5 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ عوامي سيلاب نون صوبن جي راھ ۾ سڀني رڪاوٽن کي لوڙهي ڇڏيندو . ڊاڪٽر فاروق ستار
ڪراچي: 25 نومبر 2015 
قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ نون صوبن جو قيام ملڪ جي مظلوم عوام جي آواز آهي ۽ نون صوبن جي قيام جي معاملي کي عصبيت جي ور چاڙهي ڪري عوام جي احساس محرومي جي شدت ۾ اضافو نه ڪيو وڃي.انهن خيالن جو اظهار انهن مڪاني اليڪشن جي سلسلي ڪلفٽن ڊفينس جي يوسي سول لائينز، وارڊ 4 ، فرنٽيئر ٽائون ۽ ٻين هنڌن تي ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي ڪيو. انهن چيو ته سڄي ملڪ جي عوام ۾ پنهنجن حقن جي لاءِ شعور بيدار ٿي رهيو آهي ۽ عوام کي اهو شعور ڏيڻ وارو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين  آهي ۽ انهي ڏوھ ۾ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کي پهرين ئي ڏينهن کان ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي. انهن چيو ته جيڪي ماڻهو ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام جي رستي ۾ رڪاوٽ آهن. اهي حقيقت ۾ سنڌ ئي نه بلڪه سڄي ملڪ جي عوام کي انهن جي حقن کان محروم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ وسيلن ۽ اختيارن تي پنهنجو قبضو برقرار رکي ڪري عوام سان ظلم ڪرڻ چاهين ٿا. انهن چيو ته ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام جي معاملي کي عصبيت ۽ لسانيت جي نذر ڪرڻ وارا سازشي عناصر ئي مڪاني اليڪشن جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. پر  ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن جي انعقاد جي لاءِ عدالتي رستو اختيار ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ملڪ ۾ مڪاني اليڪشن ٿي رهيا آهن . انهن ڪارنر ميٽنگن جي شرڪاء کي اپيل ڪئي ته اهي 5 ڊسمبر تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ حق پرستن نمائندن کي وڏي اڪثريت سان ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائين.

4/18/2024 7:52:27 PM