Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اي آر وائي ٽي وي جي انتظاميه ۽ تعصب پرست اينڪر پرسنَ کليل مهاجر دشمني تي لهي آيا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


اي آر وائي ٽي وي جي انتظاميه ۽ تعصب پرست اينڪر پرسنَ کليل مهاجر دشمني تي لهي آيا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 11/24/2015
اي آر وائي ٽي وي جي انتظاميه ۽ تعصب پرست اينڪر پرسنَ کليل مهاجر دشمني تي لهي آيا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪاشف عباسي مهاجر قوم جي غدار کي پنهنجي پروگرام ۾ ويهاري ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪوڙو ۽ گمراھ ڪن پروفيگنڊو ڪرائي رهيو آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 24 نومبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته اي آر وائي ٽي وي جي انتظاميه ۽ تعصب پرست اينڪر پرسنَ کليل مهاجر دشمني تي لهي آيا آهن ۽ اهي پنهنجن پروگرامن جي ذريعي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف بي بنياد ۽ ڪوڙا پروفيگندا ڪري عوام کي ورغلائڻ جي شرمناڪ ڪوشش ڪري رهيا آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته اي آر وائي جي انتظاميه ۽ تعصب پرست اينڪر پرسن خصوصن نسل پرستي وارا خيال رکڻ وارو ڪاشف عباسي اڄ مهاجر قوم جي غدار ۽ ايم ڪيو ايم دشمن کي پنهنجي پروگرام ۾ ويهاري ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف اهو ڪوڙو ۽ گمراھ ڪن پروفيگنڊو ڪرايو آهي ته ايم ڪيو ايم جي جلسن ۾ جديد ترين هٿيارن جي آزادانه نمائش ڪئي وڃي ٿي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين فوج ۽ ڊي جي رينجر کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي. رابطا ڪميٽي ڪاشف عباسي ۽ ٻين جي بهتانن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته گذريل ٻن سالن کان جاري آپريشن جي دوران ڪراچي جي هر ڪنڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتاري جي لاءِ غير 

قانوني ڇاپا هنيا پيا وڃن.ايم ڪيو ايم جي مرڪز ۽ جناب الطاف حسين جي گهر تي ڇاپا هڻي ڪري نه صرف ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪيو ويو، بلڪه اتي موجود حق پرست عوامي نمائندن جا لائسنس وارا هٿيار به رينجر پنهنجي قبضي ۾ وٺي چڏيا. ايم ڪيو ايم جي هر جلسي ۾ ميڊيا جا نمائندا ۽ ڪيميره مين باقائدگي سان شرڪت ڪن ٿا ، اهي به گواهي ڏيئي سگهن ٿا ته ايم ڪيو ايم جي جلسن ۾ هٿيارن جي ڪائي به نمائش نه ٿي ٿئي . جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي جلسن ۾ هٿيارن جي نمائش ٿئي ها ته ايم ڪيو ايم دشمني ۾ سڀني کان اڳتي اي آر وائي ان جي فوٽيج کي بار بار ڏيکاري ها ۽ ان بنياد تي ايم ڪيو ايم جو نئون ميڊيا ٽرائل شروع ڪيو وڃي ها.پر حقيقت اها آهي ته ايم ڪيو ايم جي جلسن ۾ عورتون ۽ معصوم ٻار به بغير ڪنهن خوف جي هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪن ٿا ۽ ڪنهن کي هڪ به پٿري نه ٿي لڳي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪاشف عباسي جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي گهٽ وڌ ڳالهائڻ جو الزام لڳائڻ سراسر ڪوڙ، عياري ۽ مڪاري آهي ۽ ڪاشف عباسي جهڙن ماڻهن جي باري ۾ الله تعالٰي قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ته ڪوڙن تي الله تعالٰي جي لعنت آهي. رابطا ڪميٽي حق پرست عوام کي چيو ته اهي مهاجر دشمنن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪوڙن ۽ شر انگيز پروفيگنڊن کان هرگز به مايوس نه ٿين ۽ 5 ڊسمبر تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي انهن سازشي ماڻهن جي سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏين. 
*****


4/19/2024 6:56:24 AM