Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
جناب الطاف حسين ملڪ جي جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام ۽ موروثي سياست کي للڪاريو آهي. طاهر کوکر
آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر طاهر کوکر چيو آهي ته جناب الطاف حسين ملڪ جا واحد ليڊر آهن. جن جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه  نظام۽ موروثي سياست کي للڪاريندي غريب ۽ وچولي طبقي جي نوجوانن کي ملڪ جي ايوانن ۾ موڪليو آهي ۽ انهي جي ڪري ئي انهن جي خطابن، بيانن ۽ تصويرن تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي ته جيئن عوام تائين حق جي آواز نه پهچي سگهي
Read More    Posted on: 23 Feb 2016
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي عائد پابندي جي خلاف علامتي بک هڙتالي ڪيمپ ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ تي ڪارڪنن، همدردن ۽ زندگي جي مختلف شعبن جي شخصيتن سان تشڪر جو اظهار
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي عائد پابندي جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب تي علامتي بک هڙتالي ڪيمپ ۾ ڀرپور تعداد ۾ شرڪت ڪرڻ تي ڪارڪنن ۽ همدردن سان دلي تشڪر جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو آهي. ان کان علاوه مختلف سياسي و مذهبي جماعتن، صحافتي تنظيمن، واپاري برادري ۽ شوبز جي شخصيتن سان به دلي تشڪر جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 23 Feb 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن جي نشر اشاعت تي پابندي جي خلاف پنجاب ۾ احتجاجي بک هڙتال ۽ مظاهرن جي پروگرام کي في الحال ملتوي ڪيو ويو آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
                     متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ اعلاميي ۾ چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي عائد پابندي جي خلاف پنجاب ۾ بک هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرن جي پروگرام کي في الحال ملتوي ڪيو ويو آهي. پنجاب ۾ بک هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرن جي پروگرامن جي ري شيڊولنگ ڪئي پئي وڃي. ري شيڊولنگ ٿيندي ئي پنجاب ۾ بک هڙتال ۽ احتجاجي پروگرام جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويندو.
Read More    Posted on: 23 Feb 2016
بک هڙتال تي ويٺل سمورا ڪارڪنَ جدوجهدِ آزادي رائي جا ڪارڪن آهن ۽ اسان انهن جا سهولت ڪار آهيون. ڪراچي پريس ڪلب جو صدر آئي ايڇ خانزاده
ڪراچي پريس ڪلب جي صدر آئي ايڇ خانزاده، فضل جمالي ۽ پريس ڪلب جي سابق صدر امتياز خان فاران جي سربراهي ۾ وفد ايم ڪيو ايم جي بک هڙتالي ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو

Read More    Posted on: 22 Feb 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي زبان بندي جي خلاف جاري بک هڙتال جي آخري ڏينهن به ڪيمپ تي سياسي، سماجي ۽ زندگي جي مختلف شعبن جي شخصيتن جي وفدن سميت آمد
                     قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ تصوير تي عائد پابندي جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران بک هڙتال جو سلسلو جاري آهي. ان بک هڙتالي ڪيمپ ۾ سياسي، سماجي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارين شخصيتن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. ڪيمپ تي آمد جي موقعي تي ڪراچي بار ايسوسي ايشن جي صدر محمود الحسن چيو ته جناب الطاف حسين تي پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن علامتي 
Read More    Posted on: 22 Feb 2016
جناب الطاف حسين تي عائد پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم جي مطالبي جي ڀرپور حمايت ڪريان ٿو. پي پي سينيٽر ڊاڪٽر قيوم سومرو
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ تصوير تي عائد پابندي جي خلاف علامتي بک هڙتالي ڪيمپ جي ٽئين ڏينهن مختلف وفدن جي آمد جو سلسلو جاري رهيو. ٽئين ڏينهن بک هڙتالي ڪميپ تي ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي پي پي سينيٽر قيوم سومرو چيو ته مان جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي آواز ۾ آواز ملائي رهيو آهيان ۽ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار به ڪريان ٿو
Read More    Posted on: 22 Feb 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن تي پابندي جي خلاف پنجاب ۾ به علامتي بک هڙتال جو فيصلو
                   متحده قومي موومينٽ  پنجاب ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪراچي وانگر پنجاب ۾ به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيانن، تقريرن ۽ تصويرن تي عائد پابندي جي خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي. رابطا ڪميٽي ان فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. اها علامتي بک هڙتال 23 فيبروري کان 24 فيبرروي تائين اسلام آباد، ملتان ۽ رحيم يار خان ۾ ۽ 25 فيبرروي تي لاهور ۽ فيصل آباد ۾ ڪئي ويندي.
Read More    Posted on: 22 Feb 2016
ملڪ کي دهشت گردن، ڪرپشن ۽ ٻن وڏين جماعتن جي ياري دوستي ۽ لٽ مار کان بچائڻو آهي ته فوري طور تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي لڳايل پابندي هٽائي وڃي. ڪراچي جو نامزد ميئر وسيم اختر
 ڪراچي جي نامزد ميئر وسيم اختر چيو آهي ته جناب الطاف حسين ملڪ جا واحد ليڊر آهن جن ملڪ جي جاگيردارانه ۽ وڏيراڻه نظام کي للڪاريو آهي ۽ موروثي سياست جو عملي طور تي خاتمو ڪري ڏيکاريو آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران بک هڙتالي ڪيمپ تي ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو.
Read More    Posted on: 22 Feb 2016
ايم ڪيو ايم جي بک هڙتالي ڪيمپ جو دورو ڪرڻ تي مختلف سياسي، مذهبي ۽ سماجي شخصيتن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تشڪر جو اظهار
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مختلف سياسي، مذهبي ۽ سماجي تنظيمن، واپاري برادري ، انجمنن، شوبز سان تعلق رکندڙ معروف فنڪارن ۽ زندگي جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ شخصيتن ڪراچي پرسب ڪلب تي لڳايل بک هڙتالي ڪيمپ جو دورو ڪري مون سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. مان انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ انهن جو شڪريو به ادا ڪريان ٿو.
Read More    Posted on: 22 Feb 2016
سابق حق پرست صوبائي وزير ۽ ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ سيد شعيب احمد بخاري ايڊووڪيٽ جي علالت تي جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار
                متحده قومي موومينٽ جي سابق حق پرست صوبائي وزير ۽ ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳوڻ سيد شعيب بخاري ايڊووڪيٽ جي علالت تي جناب الطاف حسين وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي الله تعالٰي جي حضور انهن جي مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي آهي. ان کان علاوه جناب الطاف حسين ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام کي اپيل ڪئي ته اهي شعيب احمد بخاري جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون به ڪن.
Read More    Posted on: 21 Feb 2016
شاعر انقلاب جوش مليح آبادي پاڪستان ئي نه بلڪه ننڍي کنڊ جي محروم ۽ مظلوم عوام جي آواز هئا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ننڍي کنڊ جي ممتاز شاعر ، دانشور، فلاسفر ۽ شاعر انقلاب حضرت جوش مليح آبادي پاڪستان ئي نه بلڪه ننڍي کنڊ جي محروم ۽ مظلوم عوام جي آواز هئا
Read More    Posted on: 21 Feb 2016
جميعت علماء اسلام سميع الحق گروپ ، جماعت اهل سنت پاڪستان، تحريڪ عوام اهل سنت پاڪستان ۽ جامعه بنوريه سائيٽ جي عالمن سڳورن تي ٻڌل وفدن جو جناب الطاف حسين جي زبان بندي جي خلاف يڪجهتي جو اظهار
مختلف مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن جناب الطاف حسين جي بيانن، خطابن ۽ تصويرن تي پابندي جي خلاف جاري بک هڙتالي ڪيمپ ۾ شرڪت ڪئي ۽ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو
Read More    Posted on: 21 Feb 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ بيانن تي عائد پابندي جي خلاف جاري بک هڙتال جي ٽئين ڏينهن به مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيتن جي يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ بک هڙتالي ڪيمپ تي آمد
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ تصويرن تي عائد پابندي جي خلاف پريس ڪلب تي ٽئين ڏينهن به بک هڙتالي ڪيمپ تي مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي وفدن جي آمد جو سلسلو جاري رهيو
Read More    Posted on: 21 Feb 2016
حڪمران جناب الطاف حسين جي اظهار رائي جي آزادي تي پابندي لڳائي ڪري قوم کي اونڌاهين ۾ ڌڪي رهيا آهن. ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا حڪمرانن کان مطالبو ڪيو آهي ته ميڊيا تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ تصوير تي عائد غير جمهوري پابندي جو خاتمو ڪيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن بک هڙتالي ڪيمپ جي ٽئين ڏينهن ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا.
Read More    Posted on: 21 Feb 2016
حقيقتون بيان ڪرڻ تي غدار قرار ڏيڻ سراسر زيادتي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته حقيقتون بيان ڪرڻ تي الطاف حسين کي غدار قرار ڏنو وڃي ٿو. اها سراسر زيادتي آهي
Read More    Posted on: 20 Feb 2016
Items 421 to 435 of 2634