Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ کي دهشت گردن، ڪرپشن ۽ ٻن وڏين جماعتن جي ياري دوستي ۽ لٽ مار کان بچائڻو آهي ته فوري طور تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي لڳايل پابندي هٽائي وڃي. ڪراچي جو نامزد ميئر وسيم اختر


ملڪ کي دهشت گردن، ڪرپشن ۽ ٻن وڏين جماعتن جي ياري دوستي ۽ لٽ مار کان بچائڻو آهي ته فوري طور تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي لڳايل پابندي هٽائي وڃي. ڪراچي جو نامزد ميئر وسيم اختر
 Posted on: 2/22/2016
ملڪ کي دهشت گردن، ڪرپشن ۽ ٻن وڏين جماعتن جي ياري دوستي ۽ لٽ مار کان بچائڻو آهي ته فوري طور تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي لڳايل پابندي هٽائي وڃي. ڪراچي جو نامزد ميئر وسيم اختر
ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران بک هڙتالي ڪيمپ تي ميڊيا کي پريس بريفنگ
ڪراچي: 22 فيبروري 2016 
                   ڪراچي جي نامزد ميئر وسيم اختر چيو آهي ته جناب الطاف حسين ملڪ جا واحد ليڊر آهن جن ملڪ جي جاگيردارانه ۽ وڏيراڻه نظام کي للڪاريو آهي ۽ موروثي سياست جو عملي طور تي خاتمو ڪري ڏيکاريو آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران بک هڙتالي ڪيمپ تي ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ۽ اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. وسيم اختر چيو ته اسان هتي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ ويٺا آهيون ۽ اسان اميد ڪريون ٿا ته حڪومت ۽ عدالت جي طرفان اسان جي جذبن جو قدر ڪيو ويندو.انهن چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ جا واحد ليڊر آهن جن جا سنڌ اسيمبلي ۾ 51 ايم پي ايز، قومي اسيمبلي ۾ 24 ايم اين ايز ۽ سينيٽ ۾ 8 سينيٽر آهن ۽ جناب الطاف حسين جي سياسي ۽ عوامي مقبوليت کان ڪوئي به انڪار ڪري نه ٿو سگهي ۽ اهڙي عوامي ليڊر جا چونڊيل مڪاني نمائندا حلف کڻڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي ليڊر جي بيانن ۽ تصويرن تي به پابندي عائد ڪئي وئي آهي جيڪا وڏي زيادتي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 19 جي به خلاف ورزي آهي .انهن چيو  ته جڏهن پاڪ فوج دهشت گردن جي خلاف آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ته جناب الطاف حسين پاڪ فوج جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ سڀني کان وڏي ريلي به فوج جي حمايت ۾ ڪڍي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين طالبان، داعش ۽ لشڪر جهنگوي جي حوالي سان حڪمرانن ۽ عوام کي آگاھ ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجن بيانن جي ذريعي  ملڪ جي سالميت جي لاءِ حڪمرانن کي گائيڊ لائين به ڏيئي رهيا آهن. انهن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ملڪ کي ٻن وڏين جماعتن جي ياري دوستي ۽ لٽ مار کان بچائڻو آهي ته فوري طور تي جناب الطاف حسين تي لڳايل پابندي کي هٽايو وڃي. 
*****

5/7/2024 12:56:21 AM