Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بک هڙتال تي ويٺل سمورا ڪارڪنَ جدوجهدِ آزادي رائي جا ڪارڪن آهن ۽ اسان انهن جا سهولت ڪار آهيون. ڪراچي پريس ڪلب جو صدر آئي ايڇ خانزاده


بک هڙتال تي ويٺل سمورا ڪارڪنَ جدوجهدِ آزادي رائي جا ڪارڪن آهن ۽ اسان انهن جا سهولت ڪار آهيون. ڪراچي پريس ڪلب جو صدر آئي ايڇ خانزاده
 Posted on: 2/22/2016
بک هڙتال تي ويٺل سمورا ڪارڪنَ جدوجهدِ آزادي رائي جا ڪارڪن آهن ۽ اسان انهن جا سهولت ڪار آهيون. ڪراچي پريس ڪلب جو صدر آئي ايڇ خانزاده
ايم ڪيو ايم جي بک هڙتالي ڪيمپ تي جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار
ڪراچي: 22 فيبروري 2016 
                     ڪراچي پريس ڪلب جي صدر آئي ايڇ خانزاده، فضل جمالي ۽ پريس ڪلب جي سابق صدر امتياز خان فاران جي سربراهي ۾ وفد ايم ڪيو ايم جي بک هڙتالي ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر آئي ايڇ خانزاده چيو ته هتي ويٺل سمورا ڪارڪن جدوجهد آزادي رائي جا ڪارڪن آهن ۽ اسان انهن جا سهولت ڪار آهيون. انهن چيو ته جيڪڏهن صحيح ڳالھھ صحيح وقت تي ڪئي وڃي ته ان جو اثر ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن ائين نه ڪيو وڃي ته ان جو ڪوئي به فائدو نه ٿو ٿئي. انهن چيو ته اسان اوهان جو ڏک سمجهون ٿا ڇو ته اسان جو تعلق به انهي سلسلي سان آهي. انهن چيو ته اسان سڀ جناب الطاف حسين سان گڏ آهيون.انهن وڌيڪ چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ڪالھھ به جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم سان گڏ هو ۽ اڄ به آهي. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي سابق صدر امتياز خان فاران چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي جنهن ڀت سان لڳل هي مظلوم ويٺا آهن اها ڀت مظلومن جي لاءِ آواز اٿارڻ جي لاءِ ديوارِ دريه جي نالي سان مشهور آهي. انهن چيو ته جن ماڻهن جناب الطاف حسين تي پابندي لڳائي آهي انهن کي گهرجي ته انصاف جا تقاضا پورا ڪن. انهن لاهور ڪورٽ کي گذارش ڪئي ته اها ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪري. انهن چيو ته اسان به اظهار رائي جي جدوجهد جا سپاهي آهيون ۽ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم سان گڏ آهيون. انهن جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي جي لاءِ دعا به ڪئي. 
*****

5/7/2024 6:21:58 PM