Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حقيقتون بيان ڪرڻ تي غدار قرار ڏيڻ سراسر زيادتي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


حقيقتون بيان ڪرڻ تي غدار قرار ڏيڻ سراسر زيادتي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/20/2016
حقيقتون بيان ڪرڻ تي غدار قرار ڏيڻ سراسر زيادتي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
الله تعالٰي پاڪستان کي ڌاڙيلن، چورن ۽ لٽيرن کان نجات ڏياري ۽ ملڪ تي ايماندار ماڻهن جي حڪمراني قائم ڪري
بک هڙتالي ڪيمپ تي ويٺل اڳواڻڻ، عهديدارن، ڪارڪنن، امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن کي خطاب
لنڊن: 20 فيبروري 2016 
               متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته حقيقتون بيان ڪرڻ تي الطاف حسين کي غدار قرار ڏنو وڃي ٿو. اها سراسر زيادتي آهي. تحرير، تقرير ۽ پنهنجن حقن جي ڳالھھ ڪرڻ هر پاڪستاني جو بنيادي حق آهي. ڀلي اهو ڪنهن به مذهب، مسلڪ ۽ قوم سان تعلق رکندو هجي ۽ هر شخص جو اهو به حق آهي ته اهو ڪنهن به سياسي ۽ نظرياتي فلسفي کي اختيار ڪري ۽ ان جو پرچار ڪري پر ان جي بنياد تي ان جي آواز تي پابندي لڳائڻ ان کي بنيادي حق کان محروم ڪرڻ آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب تي ايم ڪيو ايم جي بک هڙتالي ڪيمپ تي ذميوارن، ڪارڪنن، عورتن، بزرگن ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ ايندڙن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اهي تاريخي حقيقتون آهن ته سابقه اوڀر پاڪستان ۾ رهڻ وارن بنگالين جا بنيادي حق ڇنيا ويا ۽ بنگالي عوام سان ناانصافيون ڪيون ويون. اليڪشن ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ تي انهن کي غدار قرار ڏيڻ جي بجاءِ انهن جي خلاف فوجي آپريشن ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ٽٽي ويو. ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. اهي حقيقتون بيان ڪرڻ تي الطاف حسين کي غدار قرار ڏنو وڃي ٿو ته ان ۾ الطاف حسين جو ڪهڙو ڏوھ آهي؟ انهن فرمايو ته ممتاز شاعر، دانشور ۽ سينيئر صحافي محمود شام جي بک هڙتالي ڪيمپ ۾ آمد ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ  تي انهن کي خراج تحسين به پيش ڪيو ۽ فرمايو ته اسٽيٽس ڪو ( جمود) کي هلائڻ وارن هميشه اهڙن ماڻهن کي اڳتي رکيو جيڪي اسٽيٽس ڪو جي حمايت ڪن ٿا ۽ ان کي برقرار رکڻ چاهين ٿا. جڏهن ته انهن اهڙن ماڻهن کي پوئتي رکيو جيڪي اسٽيٽس ڪو جو خاتمو چاهين ٿا. انهن جي آواز کي ٻين تائين پهچڻ نه ڏنو ويو ته ڪٿي پنجاب ۽ ٻين صوبن جا محروم عوام انهن جي آواز کان متاثر نه ٿي وڃن. انهي مقصد جي تحت ايم ڪيو ايم کي به روڪيو ويو. ان جي آواز کي دٻايو ويو. پر اسان مايوس نه آهيون. اسان کي يقين آهي ته انشاء الله تعالٰي اهو ڏينهن پري نه آهي. جڏهن پنجاب جي محروم ۽ مظلوم عوام ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿيندا. انهن قوم ۽ قوميت جو ذڪر ڪندي فرمايو ته قوم ۽ قوميت جي وجود ۽ حقيقت کان انڪار ڪرڻ بلڪل پاڻ کي ڌوکي ڏيڻ جي برابر آهي. پر اڄ به اسان حقيقتن کان ڄاڻي واڻي پاسو ڪريون ٿا  جيڪو بلڪل غير مناسب آهي. انهن فرمايو ته قرآن پاڪ جي سوره الحجرات ۾ الله تعالٰي فرمائي ٿو ته اسان توهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو آهي  پوءِ توهان کي قومن ۽ قبيلن ۾ ورهايو ته جيئن توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهو.  انهن فرمايو ته پٺاڻ، پنجابي، بلوچ، سنڌي، مهاجر، سرائيڪي، ڪشميري، هزاري وال، گلگتي بلتستاني ۽ اهڙي طرح قريشي، هاشمي ۽ ٻيون قومون ۽ قبيلا  وغيره به اهي سڀ انسان آهن ۽ انسانن جي قومن ۽ قبيلن ۾ اها ورهاست الله تعالٰي بڻائي آهي ۽ جيڪو ان ورهاست کي غلط چوي ٿو ته اهو خدا جي بڻايل نظام کي غلط چوي ٿو. انسانن جي قومن ۽ قبيلن ۾ اها ورهاست انسانن جي سڃاڻپ جي لاءِ آهي ۽ پنهنجي قوم يا قبيلي جي ڳالھھ ڪرڻ تعصب نه آهي. انهن فرمايو ته حديث مبارڪ ۾ آهي ته ڪنهن صحابي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم کان سوال  پچيو ته ڇا پنهنجي قوم سان محبت ڪرڻ تعصب آهي. ان تي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم فرمايو ته پنهنجي قوم سان محبت ڪرڻ تعصب نه آهي. تعصب اهو آهي ته توهان جي قوم ڪنهن تي ظلم ڪري ۽ توهان ان ظلم تي پنهنجي قوم جي ظالمن جو ساٿ ڏيو. انهن فرمايو ته ڪنهن به قوم يا مذهب سان نفرت ڪرڻ الله تعالٰي يا ان جي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو درس نه آهي. قرآن پاڪ ۾ الله تعالٰي جو فرمان مبارڪ آهي ته لڪم دينڪم ولي دينڪم يعني توهان جو دين توهان وٽ ۽ منهنجو دين مون وٽ. مان به اهو ئي بيان ڪري رهيو آهيان جيڪو قرآن پاڪ فرمائي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته الله تعالٰي پاڪستان کي ڌاڙيلن، چورن ۽ لٽيرن کان نجات ڏياري، ملڪ تي ايماندار ۽ ديانتدار ماڻهن  جي حڪمراني قائم ڪري. انهن فرمايو ته اسان الله تعالٰي کان دعا ڪريون ٿا ته اهو هڪ ڀيرو ملڪ جو اقتدار اسان جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏي ۽  اسان کي به آزمائي ڏسي. انهن پنهنجي تقرير  ۽ بيانن جي نشر و اشاعت تي پابندي جي خلاف بک هڙتال تي ويهڻ وارن ايم ڪيو ايم جي سمورن اڳواڻڻ، عهديدارن، ڪارڪنن، امڙين ڀينرن ۽ بزرگن کي خراج تحسين به پيش ڪيو. انهن يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ بک هڙتالي ڪيمپ جو دورو ڪرڻ وارين سمورين سياسي ۽ مذهبي جماعتن، واپاري انجمنن، واپارين، وڪيلن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، فنڪارن، صحافين، مختلف مسلڪن سان تعلق رکندڙ عالمن سڳورن، هندن، سکن، عيسائين، بوهرين ۽ مختلف عقيدن ۽ زندگي جي مختلف طبقن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جي وفدن جو به شڪريو ادا ڪيو.

5/7/2024 3:22:40 AM