Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
پانامه ليڪس ۾ عمران خان جي طرفان شوڪت خانم جا فنڊَ آف شور ڪمپني ۾ لڳائڻ جي به تحقيقات ڪرائي وڃي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي

                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي صدر پاڪستان ممنون حسين کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته پانامه ليڪس جي حوالي سان پاڪستان ۾ ڪئي ويندڙ ڪنهن به تحقيقات ۾ تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان جي طرفان قائم ڪيل شوڪت خانم اسپتال جي فنڊن کي هڪ سمند پار ( آف شور ) ڪمپني ۾ لڳائڻ جي به تحقيقات ڪرائي وڃي
Read More    Posted on: 05 Apr 2016
2 اپريل کان اها ئي سازش ٿي رهي آهي ته اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جي ننڍي چونڊ کي سواليه بڻايو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار

                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جا تڪ ڪيترن ئي سالن کان ايم ڪيو ايم جا ڳڙھ رهندا پيا اچن پر 2 اپريل کان اها سازش ٿي رهي آهي ته ڪنهن به طرح ان اليڪشن کي سواليه بڻايو وڃي ۽ انهي جي ڪري مخالفن جي طرفان سازشون ۽ فساد ڦيلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي 
Read More    Posted on: 05 Apr 2016
7اپريل جي ننڍي چونڊ ۾ انشاء الله تعالٰي حق پرست اميدوار وڏي تعداد ۾ ووٽ وٺي ڪري ڪامياب ٿيندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين

                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جا مخالف عوام ۽ ڪارڪنن تي ڀلي ڪيترو ئي ظلم ڪري وٺن، پر 7 اپريل تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ انشاء الله تعالٰي حق پرست اميدوار ئي وڏي تعداد ۾ ووٽ وٺي ڪري ڪامياب ٿيندا. انهن خيالن جو اظهار انهن لائينز ايريا جي اليڪشن آفيس ۾ موجود ذميوارن، اسيمبلي ميمبرن سلمان مجاهد بلوچ، علي راشد، وقار علي شاھ ۽ ڪارڪنن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو
Read More    Posted on: 05 Apr 2016
اين او سي جي شرط آزاد ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ جي سازش آهي. ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير

                   آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر  طاهر کوکر ۽ حق پرست ميمبر اسيمبلي سليم بٽ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آزاد ڪشمير ۾ اين او سي جي شرط کي ختم ڪرڻ ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ جي سازش آهي. انهن چيف جسٽس آزاد ڪشمير کان سوموٽو ايڪشن وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اهي
Read More    Posted on: 04 Apr 2016
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان ۾ سيلاب سان ٿيندڙ تباهي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار

                متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان ۾ سيلاب سان ٿيندڙ جاني و مالي نقصان تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان جي حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سيلاب کان اڳ ڪي پي ڪي 
Read More    Posted on: 04 Apr 2016
لائينز ايريا ۾ حقيقي جي دهشت گردن ايم ڪيو ايم جي يوسي آفيس ۾ ڀڃي ڊاھ ڪري ان کي باھ ڏيئي ڇڏي

                   متحده  قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لائينز ايريا ۾ ايم ڪيو ايم جي يوسي آفيس تي حقيقي جي دهشت گردن جي حملي، ان ۾ ٽوڙ ڦوڙ ۽ آفيس کي باھ لڳائڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي کليل دهشت گردي قرار ڏنو آهي
Read More    Posted on: 04 Apr 2016
قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 245 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن جو ايم ڪيو ايم جي اميدوار محمد ڪمال جي ڀرپور حمايت جو اعلان
                    قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 245 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن ايم ڪيو ايم جي اميدوار محمد ڪمال جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو آهي. حمايت جو اعلان ڪرڻ وارن ۾ پي ٽي آئي جو اسحاق خان مندوخيل، سهيل خان، حبيب پٺاڻ، ابرار ولي، شڪيل خان، آفتاب خان، جهانگير بادشاھ، پاڪستان ملڪ ايڪشن ڪميٽي جو چيئرمين ملڪ دين محمد لٿا ۽ ٻيون شخصيتون به شامل آهن. 
Read More    Posted on: 03 Apr 2016
مڪاني چونڊ کي ٿئي پنج مهينا گذري چڪا آهن پر هن مهل تائين ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ نه ڪرائي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين

                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مڪاني چونڊ کي ٿئي پنج مهينا گذري چڪا آهن پر هن مهل تائين ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ نه ڪرائي وئي آهي ۽ نه ئي عوام جي چونڊيل مڪاني نمائندن کي اختيار ڏنا ويا آهن. ان ناانصافي واري رويي جي ڪري اردو ڳالهائڻ وارن ۾ موجود احساس محرومي ۾ وڏي تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي
Read More    Posted on: 02 Apr 2016
ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي جوائنٽ انچارج ارشد انصاري جي ڀاءُ اشرف انصاري جي وفات تي رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار

                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي جوائنٽ انچارج ارشد انصاري جي ڀاءُ اشرف انصاري جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي ارشد انصاري مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي.
Read More    Posted on: 01 Apr 2016
ميرپورخاص ۾ ايم ڪيو ايم جي زونل آفيس تي پوليس جو ڇاپو، ايم ڪيو ايم جي زونل ڪميٽي جي ميمبرن محمد عثمان، شاهد عباسي ۽ زونل انچارج مجيب الحق جي ٻن پٽن ۽ ڀاءُ سميت ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. نديم نصرت

                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت ايم ڪيو ايم ميرپورخاص جي زون آفيس تي پوليس جي ڇاپي، زونل ڪميٽي جي ميمبرن، زونل انچارج مجيب الحق جي ٻن پٽن ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 01 Apr 2016
اسٽيبلشمينٽ جي ڪجھھ عناصر جي مڪمل سرپرستي ۾ هڪ شرپسند ٽولو گذريل هڪ مهيني کان ڪردار ڪشي، بدتهذيبي ۽ ڪريل حرڪتنتي لهي آيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس

                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي ڪجھھ عناصر جي مڪمل سرپرستي ۾ هڪ ٽولو گذريل هڪ مهيني کان بدتهذيبي، غير اخلاقي ۽ غير شائستگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. ان ٽولي جو مقصد صرف ۽ صرف ڪروڙين ماڻهن جي قائد جناب الطاف حسين جي ذات کي نشانو بڻائڻ آهي
Read More    Posted on: 01 Apr 2016
ڪنور نويد جميل کي رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي گڏيل اجلاس ۾ فيصلو
                متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سينيئر ميمبر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڪنور نويد جميل کي رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو آهي. ان ڳالھھ جو فيصلو رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي گڏيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ان فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.
Read More    Posted on: 01 Apr 2016
ايم ڪيو ايم پنهنجي قيام کان وٺي ئي اختياري ڌرين جي اکين ۾ کٽڪي ٿي. شميم صديقي

                   متحده قومي موومينٽ شڪاگو چيپٽر جي زير اهتمام ايم ڪيو ايم جو 32 هون يوم تاسيس وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان تقريب ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي جوائنٽ سينٽرل آرگنائيزر شميم صديقي، ميمبرن جنيد فهمي، عدنان صديقي ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن ۽ پاڪستانين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شميم صديقي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جنهن ڏينهن کان وٺي ايم ڪيو  ايم وجود ۾ آئي آهي ته ان ڏينهن کان وٺي ئي ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جو سلسلو جاري آهي. 
Read More    Posted on: 01 Apr 2016
اي پي اين ايس جي نون چونڊيل عهديدارن کي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي طرفان مبارڪباد پيش

                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي جي جنرل ڪائونسل جي سالانه اجلاس ۾ نون چونڊيل اي پي اين ايس جي عهديدارن کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 01 Apr 2016
ضمير فروشن جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف لڳاتار نامناسب زبان جو استعمال قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ضمير فروشن جي نام نهاد ٽولي جي اڳواڻ جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف لڳاتار نامناسب زبان استعمال ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ان لڳاتار ڪئي ويندڙ بيهودگي ۽ اشتعال انگيزي جو نوٽس ورتو وڃي.
Read More    Posted on: 01 Apr 2016
Items 241 to 255 of 2634