Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شاعر انقلاب جوش مليح آبادي پاڪستان ئي نه بلڪه ننڍي کنڊ جي محروم ۽ مظلوم عوام جي آواز هئا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


شاعر انقلاب جوش مليح آبادي پاڪستان ئي نه بلڪه ننڍي کنڊ جي محروم ۽ مظلوم عوام جي آواز هئا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/21/2016
شاعر انقلاب جوش مليح آبادي پاڪستان ئي نه بلڪه ننڍي کنڊ جي محروم ۽ مظلوم عوام جي آواز هئا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ننڍي کنڊ جي جي ممتاز شاعر، دانشور، فلاسفر ۽ شاعر انقلاب حضرت جوش مليح آبادي جي 34 هين ورسي جي موقعي تي پيغام
لنڊن: 21 فيبروري 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ننڍي کنڊ جي ممتاز شاعر ، دانشور، فلاسفر ۽ شاعر انقلاب حضرت جوش مليح آبادي پاڪستان ئي نه بلڪه ننڍي کنڊ جي محروم ۽ مظلوم عوام جي آواز هئا. جوش مليح آبادي جي 34 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته جوش مليح آبادي پنهنجي شاعري جي ذريعي هن سماج جي ناهموارين، طبقاتي ڪشمش جي خاتمي، ملڪ ۾ منصفانه نظام جي قيام ۽ محروم عوام جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪئي. انهن جي انهي جدوجهد ۽ عوامي شاعري جي لاءِ انهن کي شاعر انقلاب جو لقب ڏنو ويو. جوش مليح آبادي جي شاعري اڄ به محروم ۽ مظلوم عوام جي لاءِ رهنمائي جو ڪارڻ آهي. جناب الطاف حسين ان ڳالھھ تي افسوس جو اظهار ڪيو ته جوش مليح آبادي جنهن رتبي جا شاعر هئا.ان حساب سان انهن کي پاڪستان ۾ سرڪاري سطح تي اهو مقام نه ڏنو ويو جنهن جا اهي حقدار هئا.  انهن کي به ٻين مهاجر اڪابرن وانگر نفرت ۽ تعصب جو نشانو بڻايو ويو. جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالھھ آهي. انهن فرمايو ته حڪمران طبقو جيترو به نفرت ۽ بغض جو رويو اختيار ڪري پر عوام جي دلين ۾ حضرت جوش مليح آبادي جي عزت ۽ احترام گهٽ نه ٿي ڪري سگهجي.
*****

5/7/2024 5:57:41 AM