Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ بيانن تي عائد پابندي جي خلاف جاري بک هڙتال جي ٽئين ڏينهن به مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيتن جي يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ بک هڙتالي ڪيمپ تي آمد


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ بيانن تي عائد پابندي جي خلاف جاري بک هڙتال جي ٽئين ڏينهن به مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيتن جي يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ بک هڙتالي ڪيمپ تي آمد
 Posted on: 2/21/2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ بيانن تي عائد پابندي جي خلاف جاري بک هڙتال جي ٽئين ڏينهن به مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيتن جي يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ بک هڙتالي ڪيمپ تي آمد
ڪراچي: 21 فيبروري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ تصويرن تي عائد پابندي جي خلاف پريس ڪلب تي ٽئين ڏينهن به بک هڙتالي ڪيمپ تي مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي وفدن جي آمد جو سلسلو جاري رهيو. بک هڙتالي ڪيمپ تي آمد جي موقعي تي عالمن سڳورن جي وفد جي نمائندگي ڪندي اطهر مشهدي، مولانا آغا ناصر، نادر رضوي ۽ علامه علي ڪرار نقوي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ اهڙو موقعو اچي ويو آهي جو پاڪستان جي مخلصن کي به پريس ڪلب جي ٻاهران احتجاج ڪرڻ جي ضرورت پيش اچي وئي آهي، انهن چيو ته حقن جي آواز  اختياري ڌرين کي ٻڌڻ گهرجي ۽ انهن تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهي پاڪستان جي غريبن ۽ مظلومن جي خواهشن کي پورو ڪن ۽ ان عمل سان الله تعالٰي خوش ٿئي ٿو. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪستان جي مظلومن جا قائد آهن.عالمن سڳورن هميشه حق جو ساٿ ڏنو آهي.تقرير ۽ تحرير تي پابندي  عائد ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿا ٿين ان جي ڪري جناب الطاف حسين تان پابندي فوري طور تي هٽائي وڃي. ان موقعي تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي نالي واري صحافي ۽ تجزيه نگار مقتدا منصور چيو ته اظهار رائي جي آزادي جمهوريت جي بنياد آهي. جمهوريت اظهار رائي جي آزادي کان سواءِ مڪمل ٿي نه ٿي سگهي.جيڪڏهن ڪوئي معاشرو جمهوري آهي ته ان جي لاءِ بنيادي شرط اظهار رائي جي آزادي 

به آهي ۽ اظهار رائي جي آزادي نه صرف اڳواڻڻ بلڪه هر شهري جو حق آهي. ان موقعي تي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سابق صدر ۽ يو ايس ايم جي روح روان مومن خان مومن چيو ته بک هڙتالي شرڪاء جنهن جي لاءِ ويٺا آهن ان قائد ڪڏهن به ڪنهن ظالم ۽ جابر حڪمران جي اڳيان جهڪڻ نه سکيو آهي. انهن چيو ته ڳالهائڻ تي پابندي هوندي ته هر زبان ڳالهائيندي ۽ هر زبان الطاف حسين بڻجي ويندي. ان موقعي تي مينيجنگ ٽرسٽي شاھ رضويه سوسائٽي ناظم آباد جي وفد جي سربراھ آغا محمد عباس چيو ته اختياري ڌرين هڪ وڏي جماعت جي قائد جناب الطاف حسين جي تحرير ۽ تقرير تي پابندي عائد ڪري رکي آهي. جنهن سان ماڻهن ۾ بيچيني پائي وڃي ٿي. ان موقعي تي ملير پريس ڪلب جي صحافين جي وفد، دائود انجينئرنگ يونيورسٽي ايسوسي ايشن جي ليڪچرارن جي وفد جي ميمبر محترمه ناديه انصاري، ٽي وي ۽ فلم جي مشهور اداڪار بهروز سبز واري ۽ هاڪي جي نالي رانڌيگر حسن سردار به يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. 
*****

5/7/2024 3:38:52 AM