Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
صاف ڪراچي مهم جي اڳين مرحلي ۾ ڪراچي جي مختلف يونين ڪائونسلن مان روزانو 7 هزار ٽن ڪچرو کڻنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته صاف ڪراچي مهم جي اڳين مرحلي ۾ ڪراچي مان روزانو 7 هزار ٽن ڪچرو کڻنداسين ۽ ڪراچي جي ميئر کي اختيار ملڻ کان پوءِ شهر کي صفائي جو هڪ  مضبوط نظام به ڏينداسين. انهن خيالن  جو اظهار انهن صاف ڪراچي مهم جي پنجين ڏينهن ضلع سائوٿ رنڇوڙ لائين جي يوسي 20 ۾ صحافين کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو
Read More    Posted on: 15 Mar 2016
ڀلي ڪهڙا ئي ظالمانه هٿڪنڊا اختيار ڇو نه ڪيا وڃن پر اسان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته  ايم ڪيو ايم جي خلاف ڀلي ڪيترائي ظالمانه هٿڪنڊا اختيار ڇو نه ڪيا وڃن پر اسان ڪنهن جي به اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جڏهن کان وجود ۾ آئي آهي
Read More    Posted on: 15 Mar 2016
صاف ڪراچي مهم کي اسان عروج تي وٺي وينداسين جنهن جي تحت روزانو جي بنياد تي 50 سيڪڙو ڪچرو کڻنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي صاف ڪراچي مهم جي دوران روزانو جي بنياد تي هر ضلعي جي 10 کان 15 يونين ڪائونسلن ۾ صفائي جو ڪم انجام ڏنو پيو وڃي ۽ عوام اسان سان ڀرپور تعاون ڪري رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن صاف ڪراچي مهم جي چوٿين ڏينهن رنڇوڙ لائين جي يوسي 22 ۾ صحافين کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا به موجود هو.
Read More    Posted on: 14 Mar 2016
منهنجو باب الله تعالٰي ئي کوليو آهي ۽ الله تعالٰي کان سواءِ دنيا جي ڪائي به طاقت منهنجو باب بند ڪري نه ٿي سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته منهنجو باب الله تعالٰي ئي کوليو آهي ۽ الله تعالٰي کان سواءِ دنيا جي ڪائي به طاقت منهنجو باب بند ڪري نه ٿي سگهي.دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي ڪائي به مثال نه ٿي ملي ته ڪنهن شخص 24 سال جلاوطني ۾ رهي ڪري تحريڪ هلائي هجي. منهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي ڪري قتل ڪيو ويو
Read More    Posted on: 14 Mar 2016
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي والد محترم نذير حسين مرحوم جي 49 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي
                    متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي والد مرحوم محترم نذير حسين مرحوم جي 49 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان سلسلي ۾  اندرون سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي ، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ورسي جا اجتماع منعقد ڪيا ويا.
Read More    Posted on: 13 Mar 2016
وزير اعظم ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪنن کي بند وارڊ ڪرڻ جو نوٽس وٺن. ڊاڪٽر فاروق ستار
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ايم ڪيو ايم جي  40 ڪارڪنن کي بند وارڊ ڪيو ويو آهي. انهن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ انهن جون وفاداريون تبديل ڪرائڻ جي لاءِ فارم ڀرڻ تي زور به ڏنو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن کي به اڻ ڄاتل نمبرن تان فون ڪالون ٿي رهيون آهن ۽ انهن کي وفاداري تبديل ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن. 
Read More    Posted on: 13 Mar 2016
رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر سيد شعيب احمد بخاري جي علالت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڳڻتي جو اظهار
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر ۽ سابق حق پرست صوبائي وزير سيد شعيب احمد بخاري ايڊووڪيٽ جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 12 Mar 2016
جيلن ۾ اسير ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي بند وارڊ ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي کليل خلاف ورزي آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جيلن ۾ اسير ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ظلم جو نشانو بڻائڻ ۽ انهن کي بند وارڊ ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ ۽ مهاجرن جي اتحاد کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جي لاءِ رياستي سطح تي نيون نيون سازشون ڪيون پيون وڃن.
Read More    Posted on: 12 Mar 2016
جڏهن اسان جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر حلف کڻندا ته پوءِ اسان صفائي جي نظام کي اڃان به وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جي ڪمي جو وڏو سبب ڪي فور منصوبي تي عملدرآمد نه ڪرڻ آهي. اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪي فور منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ مختص رقم جلد کان جلد جاري ڪئي وڃي.
Read More    Posted on: 12 Mar 2016
اعتزاز احسن کي ايم ڪيو ايم جي ڳڻتي ۾ ڏٻرو ٿيڻ جي ڪائي به گهرج نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قاسم علي رضا پي پي جي سينيٽر چوڌري اعتزاز احسن جي بيان تي تبصرو ڪندي چيو ته اعتزاز احسن کي ايم ڪيو ايم جي ڳڻتي ۾ ڏٻرو ٿيڻ جي ڪائي به ضرورت نه آهي
Read More    Posted on: 11 Mar 2016
ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ڇاپي جي دوران فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي سرگرم ميمبر سيد وقاص علي شاھ کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج عقيدت پيش
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي نوجوان ميمبر سيد وقاص علي شاھ شهيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو آهي ته حق پرست شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون ۽ شهيدن جي قربانين جي صدقي ئي ايم ڪيو ايم پنهنجي منزل تي پهچندي.
Read More    Posted on: 11 Mar 2016
وسيم آفتاب ۽ افتخار عالم جي پارٽي جي بنيادي رڪنيت ختم ڪئي وئي آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وسيم آفتاب ۽ افتخار عالم جي پارٽي جي بنيادي رڪنيت هميشه جي لاءِ ختم ڪري ڇڏي آهي. مذڪوره ٻنهي ماڻهن جي اخراج جو فيصلو ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي گڏيل اجلاس ۾ ڪيو ويو .
Read More    Posted on: 11 Mar 2016
ايم ڪيو ايم اليڪشن سيل جي انچارج شاهد لطيف ۽ سابق حق پرست ٽائون ناظم اسماعيل ستارا کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم اليڪشن سيل جي انچارج شاهد لطيف ۽ تحريڪ جي سينيئر ميمبر ۽ لانڍي جي سابق حق پرست ٽائون ناظم اسماعيل ستارا کي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو آهي. اهو فيصلو پاڪستان ۽ لنڊن رابطا ڪميٽي جي گڏيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. باني و قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. 
Read More    Posted on: 11 Mar 2016
ايم ڪيو ايم سياست برائي خدمت تي يقين رکي ٿي.سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سياست برائي خدمت تي يقين رکي ٿي. وسيلن جي ڪمي ۽ اختيارن کان محرومي جي باوجود اسان شهرين جي خدمت ڪندا رهنداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن صفائي مهم جي سلسلي ۾ رنڇوڙ لائين جي يوسي 24 ۾ صحافين کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو
Read More    Posted on: 11 Mar 2016
تمام تر سازشن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ايم ڪيو ايم کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي تمام تر سازشن ۾ ناڪامي کان پوءِ هاڻي ايم ڪيو ايم کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن
Read More    Posted on: 10 Mar 2016
Items 346 to 360 of 2634