Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين تي عائد پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم جي مطالبي جي ڀرپور حمايت ڪريان ٿو. پي پي سينيٽر ڊاڪٽر قيوم سومرو


جناب الطاف حسين تي عائد پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم جي مطالبي جي ڀرپور حمايت ڪريان ٿو. پي پي سينيٽر ڊاڪٽر قيوم سومرو
 Posted on: 2/22/2016
جناب الطاف حسين تي عائد پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم جي مطالبي جي ڀرپور حمايت ڪريان ٿو. پي پي سينيٽر ڊاڪٽر قيوم سومرو
جناب الطاف حسين جي آواز ۽ تصوير تي پابندي آئين ۽ جمهوريت جي خلاف آهي. صوبائي صدر اي اين پي ولي خان گروپ فضل ڪريم لالا،آل ڪراچي واپاري اتحاد جو صدر عتيق مير،سابق چيئرمين اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪنور دلشاد، سينيئر تجزيه نگار ۽ صحافي ادريس بختيار،ابوالحسن عثماني، نيوز اينڪر جنيد اقبال ۽ سابق صوبائي مشير صلاح الدين حيدر ۽ ٻيا
ڪراچي 22 فيبروري 2016 
                       قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ تصوير تي عائد پابندي جي خلاف علامتي بک هڙتالي ڪيمپ جي ٽئين ڏينهن مختلف وفدن جي آمد جو سلسلو جاري رهيو. ٽئين ڏينهن بک هڙتالي ڪميپ تي ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي پي پي سينيٽر قيوم سومرو چيو ته مان جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي آواز ۾ آواز ملائي رهيو آهيان ۽ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار به ڪريان ٿو. انهن چيو ته پي پي هميشه مظلومن جو ساٿ ڏنو آهي ۽ جناب الطاف حسين تان اها پابندي ختم ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي اي اين پي ولي خان گروپ جي صدر فضل ڪريم لالا چيو  ته سلام ان قائد جمهوريت کي جنهن پنهنجي پوري زندگي حق جي لاءِ گذاري ڇڏي آهي. انهن چيو ته ان قائد جي مٿان پابندي آئين جي سراسر خلاف آهي ۽ انساني حقن جي به خلاف ورزي آهي . ان موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي آل ڪراچي تاجر اتحاد جي صدر عتيق مير چيو ته جناب الطاف حسين جا پيغام انهن جي چاهڻ وارن جي لاءِ انرجي کان گهٽ نه آهن ان جي ڪري جناب الطاف حسين تان پابندي فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي سابق چيئرمين اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ  فائونڊيشن جي چيئرمين ڪنور دلشاد چيو ته قومي اسيمبلي ، صوبائي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي نظر ۾ رکندي جناب الطاف حسين تان پابندي فوري طور تي هٽائي وڃي.ان موقعي تي سينيئر تجزيه نگار ادريس بختيار  چيو ته ايوب دور ۾ به اسان اهڙي پابندي نه ڏٺي هئي، ان دور ۾اخبار به بند ٿيندا هئا، سنسر شپ به ٿيندي هئي پر اهڙي پابندي نه ڏٺي جو ڪنهن جي بيان ۽ تصوير تي پابندي عائد هجي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين تان پابندي فوري طور تي هٽائي وڃي. ان موقعي تي سابق صوبائي مشير ۽ ڪالم نگار صلاح الدين حيدر چيو ته اڄ به منهنجو دل ايم ڪيو ايم ۽ جناب الطاف حسين سان گڏ ڌڙڪي رهيو آهي. ان موقعي تي انگريزي اخبار نيشنل ڪوريئر جي ايڊيٽر انچيف ابوالحسن عثماني، هيومن رائيٽس ڪميشن ميڊيا جي ڪوآرڊينيٽر انور ڪمال، نيشنل بينڪ آف پاڪستان آفيسرز ايسوسي ايشن جي سيڪريٽري جنرل محسن جميل، پي ٽي آئي ڪراچي جي سابق انفارميشن سيڪريٽري ايم اي علي جان، نيوز اينڪر جنيد اقبال، اسپورٽس مين ايسوسي ايشن جي وفد، ايپٽا جي وفد، رٽائرڊ آفيسرز ايسوسي ايشن جي وفد، فرينڊز پرائيويٽ اسڪولز ايسوسي ايشن جي چيئرمين جهانزيب حسين، عيسائي برادري جي وفد، نيو ڪراچي جي پٽني برادري جي وفد،جماعت المسلمين جي وفد، پير آف جهڏو شريف، ڪراچي ويلفيئر ايسوسي ايشن جي وفد ۽ نالي واري مزاحيه فنڪار سليم آفريدي به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته جناب الطاف حسين تان پابندي فوري طور تي هٽائي وڃي.
*****

5/7/2024 9:13:15 AM