Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
پاڻي فراهم ڪرڻ جي منصوبي ڪي فور کي هڪ سال کان روڪي رکڻ ۽ ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جي ڪوٽا ۾ اضافو نه ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار


                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي منصوبي ڪي فور کي هڪ سال کان روڪي رکڻ جي ۽ ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جي ڪوٽا ۾ اضافو نه ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي جي آبادي ۾ لاڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي. جنهن جي ڪري پاڻي جو استعمال به وڌي چڪو آهي.
Read More    Posted on: 24 Mar 2016
نائن زيرو تي هندو برادري جو مذهبي ڏڻ هولي ملهايو ويو
                 نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي شعبي اقليتي امور جي تحت هندو برادري جو مذهبي ڏڻ هولي ملهايو ويو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سميت قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هندو برادري سان تعلق رکندڙ عورتن ۽ ٻارن کي رابطا ڪميٽي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان هولي جي مبارڪباد به پيش ڪئي. ان کان پوءِ هندو برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن کي هولي جو رنگ هنيو ۽ مٺائي به ورهائي .
Read More    Posted on: 24 Mar 2016
ماسڪو ايئرپورٽ تي گذريل ڏينهن کان ڦاتل پاڪستاني واپارين جي واپسي جي لاءِ هر سطح تي سفارتي تعلقات استعمال ڪيا وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي

                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ماسڪو ايئرپورٽ تي 150 کان وڌيڪ پاڪستاني واپارين کي ايئرپورٽ تي گذريل ڏينهن کان بغير ڪنهن جواز جي روڪڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته انهن واپارين جي واپسي جي لاءِ فوري طور تي سفارتي تعلقات استعمال ڪيا وڃن
Read More    Posted on: 24 Mar 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ميرپورخاص ۾ ريلي جو انعقاد

                   قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم ميرپورخاص زون جي زير اهتمام اسٽيٽ لائيف بلڊنگ حيدرآباد روڊ کان هڪ عظيم الشان ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ بزرگن، امڙين، ڀينرن ۽ نوجوانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن محمد حسين، عبدالحسيب ۽ اقبال مقدم ڪئي. ان موقعي تي ريلي جي شرڪاء پنهنجن هٿن ۾ پاڪستان ۽ ايم ڪيو ايم جا جهنڊا ، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جون تصويرون ۽ بينرَ کنيا هئا.
Read More    Posted on: 24 Mar 2016
حيدرآباد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وفادارن جو شهر آهي. رابطا ڪميٽي ميمبرَ عبدالحسيب ۽ اقبال مقدم

                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب ۽ اقبال مقدم حيدرآباد ۾ زونل آفيس تي ايلڊر ونگ جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته حيدرآباد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو شهر آهي. ان موقعي تي حيدرآباد جو نگران زونل انچارج ظفر خان ۽ ٻيا به موجود هئا
Read More    Posted on: 24 Mar 2016
اين اي 245 جي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار محمد ڪمال ناظم آباد گلبهار ٽائون جي يوسي 46، 47 ۽ 48 ۾ اليڪشن آفيسن جو افتتاح ڪري ڇڏيو

                  اين اي 245 جي ننڍي چونڊ جي حق پرست اميدوار محمد ڪمال  چيو آهي ته 7 اپريل تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اميدوار کي ئي ڪامياب ڪرائيندا. انهن خيالن جو اظهار انهن ناظم آباد گلبهار ٽائون جي يوسين 46، 47 ۽ 48 ۾ اليڪشن آفيسن جو افتتاح ڪندي ڪيو.
Read More    Posted on: 23 Mar 2016
ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم وفد جي يوم پاڪستان جي موقعي تي قائد اعظم جي مزار تي حاضري
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد يوم پاڪستان جي موقعي تي قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڏني ۽ فاتحه خواني به ڪئي. ايم ڪيو ايم وفد ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان، محفوظ يار خان، اسيمبلي ميمبرَ، وسيم اختر ۽ ٻيا به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار مزار تي گلن جي چادر چڙهائي ۽ ملڪ و قوم جي ترقي، 
Read More    Posted on: 23 Mar 2016
پاڪستان اسٽيل مل ۽ فيبر ڪيٽنگ جي ملازمن کي انهن جون پگهارون فوري طور تي ادا ڪيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي

                    ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاڪستان اسٽيل مل ۽ فيبر ڪيٽنگ جي ملازمن کي انهن جون پگهارون نه ملڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پاڪستان اسٽيل مل ۽ فيبر ڪيٽنگ جي ملازمن کي ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه ملڻ وڏو ظلم ۽ ناانصافي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته پگهارون نه ملڻ تي انهن جي گهرن ۾ فاقا ڪشي ٿي رهي آهي. 
Read More    Posted on: 22 Mar 2016
ڪينيڊين ڊپٽي هيڊ آف مشن ANDREW TURNER جو نائن زيرو جو دورو

                  ڪينيڊين ڊپٽي هيڊ آف مشن ANDREW TURNER  نائن زيرو جو دورو ڪيو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر سيد سردار احمد سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي حق پرست اسيمبلي ميمبر خالد افتخار ۽ محترمه سميتا افضال به موجود هئي. ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي، معاشي، سماجي ۽ اقتصادي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٽ به ڪئي وئي.
Read More    Posted on: 22 Mar 2016
بيلجيئم جي گادي جي هنڌ برسلز ۾ بم ڌماڪن تي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي طرفان مذمت جو اظهار
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار بيلجيئم جي گادي جي هنڌ برسلز  ۾ايئرپورٽ ۽ ميٽرو اسٽيشن جي ويجهو هڪ ٻئي پٺيان ڪيترن ئي بم ڌماڪن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ انهن بم ڌماڪن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي  هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي پوري دنيا جي امن جي لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪي آهي
Read More    Posted on: 22 Mar 2016
ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، ڪارڪنن ۽ چونڊيل نمائندن جي ڇتين گرفتارين کي سامهون رکندي صفائي مهم معطل ڪئي وئي آهي.نديم نصرت جي زير صدارت ٿيندڙ رابطا ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ فيصلو

                متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر جي هٿان ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، ڪارڪنن ۽ چونڊيل نمائندن جي ڇتين گرفتارين کي سامهون رکندي صفائي مهم کي في الحال ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڳالھھ جو فيصلو ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت هيٺ ٿيندڙ رابطا ڪميٽي جي هڪ هنگامي اجلاس ۾ ڪيو ويو.
Read More    Posted on: 22 Mar 2016
رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا جي گرفتاري کليل ظلم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان گرفتاري کي کليل ظلم قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته شاهد پاشا ايم ڪيو ايم جا هڪ محنتي، ايماندار ۽ سينيئر ڪارڪن آهن ۽ انهن جي محنت ۽ ذميواري کي ڏسندي ئي انهن کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو هو ۽ ڊپٽي ڪنوينر جي ذميواري تي فائز ڪيو ويو هو
Read More    Posted on: 22 Mar 2016
ڪراچي ۾ پاڻي جي سخت ڪمي تي حق پرست اسيمبلي ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار

                  سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن ڪراچي ۾ پاڻي جي سخت ڪمي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي سخت قلت جي ڪري شهري پيسن سان ٽينڪر خريد ڪري رهيا آهن . انهن چيو ته پاڻي جي قلت جي ڪري مسجدن، اسپتالن ۽ تعليمي ادارن جي صورتحال به تمام گهڻي خراب ٿي چڪي آهي.
Read More    Posted on: 21 Mar 2016
ڇاپا ، گرفتاريون ۽ ظلمَ حق پرست عوام کي حقن جي جدوجهد کان باز رکي نه ٿا سگهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڌمڪين، ڇاپن ، گرفتارين ۽ ظلمن  سان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام کي حقن جي جدوجهد کان باز رکي نه ٿو سگهجي. حق پرست ڪارڪن ۽ عوام اهو گڏيل فيصلو ڪيو آهي ته ڀلي هڪ هڪ حق پرست کي گرفتار ڇو نه ڪيو وڃي  پر باطل قوتن جي اڳيان اهي پنهنجو سر نه جهڪائيندا
Read More    Posted on: 21 Mar 2016
ممتاز اينڪر ۽ مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ممتاز اينڪر ۽ مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي طالبان جي طرفان ملندڙ ڌمڪين جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڊاڪٽر عامر لياقت حسين مذهبي رواداري ۽ برداشت  جي فروغ جي لاءِ ڪوشان آهن ۽ طالبان جي طرفان انهن کي ملندڙ ڌمڪيون وڏي ڳڻتي جي ڳالھھ آهي.
Read More    Posted on: 21 Mar 2016
Items 301 to 315 of 2634