Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي زبان بندي جي خلاف جاري بک هڙتال جي آخري ڏينهن به ڪيمپ تي سياسي، سماجي ۽ زندگي جي مختلف شعبن جي شخصيتن جي وفدن سميت آمد


 Posted on: 2/22/2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي زبان بندي جي خلاف جاري بک هڙتال جي آخري ڏينهن  به ڪيمپ تي سياسي، سماجي ۽ زندگي جي مختلف شعبن جي شخصيتن جي وفدن سميت آمد
جناب الطاف حسين تان پابندي فوري طور تي هٽائي وڃي.صدر ڪراچي بار ايسوسي ايشن محمود الحسن، پاڪستان بار ڪائونسل جو ميمبر محمد عاقل، صدر بوٽ بيسن ايسوسي ايشن ميان محمود، علامه عباس ڪميلي، علامه علي ڪرار نقوي، چيئرمين پاڪستان سني تحريڪ مطلوب اعواڻ، نالي وارو صحافي نذير لغاري ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو صدر بشارت مرزٰي
ڪراچي: 22 فيبروري 2016  
                     قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ تصوير تي عائد پابندي جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران بک هڙتال جو سلسلو جاري آهي. ان بک هڙتالي ڪيمپ ۾ سياسي، سماجي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارين شخصيتن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. ڪيمپ تي آمد جي موقعي تي ڪراچي بار ايسوسي ايشن جي صدر محمود الحسن چيو ته جناب الطاف حسين تي پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن علامتي بک هڙتال جي جيڪا تحريڪ هلائ
آهي ان تي مان انهن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ انشاء الله تعالٰي اها جدوجهد رنگ لائيندي. ان موقعي تي پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر محمد عاقل چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي جيڪا پابندي لڳائي وئي آهي اها آئين ۽ قانون جي خلاف آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين هڪ وڏي سياسي جماعت جا قائد آهن پر اها پابندي ته هڪ عام ماڻهو تي به نه ٿي لڳائي سگهجي. ان موقعي تي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر محمد عالم چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ ئي نه بلڪه دنيا جا عظيم ليڊر آهن ۽ انهن تي پابندي جي خلاف هي بک هڙتال تعريف جي لائق آهي. ان موقعي تي علامه عباس ڪميلي چيو ته هاڻي ظلم ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ تبديلي جو وقت به اچي ويو آهي ۽ هاڻي جيڪا تبديلي ايندي اها وقتي نه هوندي . ان موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي علامه علي ڪرار نقوي چيو ته اها پابندي جناب الطاف حسين تي نه لڳائي وئي آهي بلڪه اها پابندي سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي غيرت مند ماڻهن تي لڳائي وئي آهي. انهن چيو ته اردو ڳالهائڻ وارن کي هميشه استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته غريب تنظيم جا ماڻهو سنڌ ۽ پنجاب جي غريبن جا مخالف ٿي وڃن.ان موقعي تي آل پاڪستان سني تحريڪ جي چيئرمين مطلوب اعواڻ چيو ته جناب الطاف حسين جو پيغام ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلجي چڪو آهي ۽ هاڻي پنجابي به چئي رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم جي ماڻهن سان زيادتي ٿي رهي آهي. ان موقعي تي نالي واري صحافي نذير لغاري چيو  ته جناب الطاف حسين جي سياسي سرگرمين کي روڪڻ ۽ انهن تي پابندي لڳائڻ آئين جي خلاف آهي ۽ اها آئين جي دفعات جي ذمري ۾ به اچي ٿي. ان موقعي تي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر بشارت مرزٰي چيو ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪنهن تي ظلم ٿيو آهي ته جناب الطاف حسين ان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ اسان جناب الطاف حسين تي پابندي جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا.ان  موقعي تي بوٽ بيسن ايسو سي ايشن جي صدر ميان محمود ۽ اي پي ايم ايس او آدم جي سائنس ڪاليج جي نوجوانن به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ جناب الطاف حسين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار  ڪيو.

5/7/2024 3:38:58 PM