Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان رينجر ، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ 4 ڪارڪنن جي گرفتارين تي مذمت جو اظهار


 Posted on: 8/13/2016
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان رينجر ، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ 4 ڪارڪنن جي گرفتارين تي مذمت جو اظهار 
ان کان علاوه شاھ فيصل ڪالوني جي 4 ڪارڪنن ۽ هڪ همدرد جي حيدرآباد ويندي لاپتا ٿيڻ جي واقعي تي به ڳڻتي جو اظهار
ڪراچي: 13 آگسٽ 2016
                    ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته رينجر، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي 4 ڪارڪنن جي غير قانوني گرفتارين ۽ ڇاپن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کان علاوه شاھ فيصل ڪالوني مان 4 ڪارڪنن ۽ هڪ همدرد جي حيدرآباد ويندي لاپتا ٿيڻ جي واقعي تي به وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر ، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن لياقت آباد يوسي 37 جي ڪارڪن رضوان، اورنگي ٽائون يوسي 19 جي ڪارڪن منهاج ، يوسي 17 جي ڪارڪن ساجد حسين ۽ گلشن اقبال يوسي 26 جي ڪارڪن شاهد عباسي کي انهن جي گهرن تي ڇاپا هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو آهي.ان کان علاوه شاھ فيصل ڪالوني يوسي 11 جي آرگنائيزر ڪامران خانزاده، يوسي ڪميٽي جي ميمبر ڪمال خانزاده، ڪارڪنَ حارث خانزاده ۽ عمير ۽ هڪ همدرد گڊو حيدرآباد ويندي گاڏي سميت لاپتا ٿي ويا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ دهشت گردي، فرقي واريت ۽ ڏوهن ۾ ملوث عناصر ته آزاد آهن پر ڪراچي آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي سياسي ۽ جمهوري حقن کي بري طرح سان پامال ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي ، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل هڪ هفتي کان ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جون لڳاتار گرفتاريون ڪيون پيون وڃن پر انهن کان ڪوئي به پچڻ وارو نه آهي ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي ڪراچي ۾ آپريشن جو اختيار دهشت گردن ۽ ڏوهارين جي خاتمي جي لاءِ ڏنو ويو آهي يا  ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ ڪڇلڻ جي لاءِ ڏنو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اها ڳالھھ انتهائي افسوسناڪ ۽ قومي سلامتي جي خلاف آهي ته جيڪو آپريشن دهشت گردن ۽ ڏوهارين جي خاتمي جي لاءِ شروع ڪيو ويو هو اهو اڄ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي خلاف ڪيو پيو وڃي ۽ انهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. رابطا ڪميٽي چيو ته جڏهن بي گناھ ڪارڪنن کي صرف سياسي بنيادن تي اهڙي طرح ئي نشانو بڻائڻ جو سلسلو جاري رکڻو آهي ته اسان کي کلي ڪري ٻڌايو وڃي ته ايم ڪيو ايم ۽ ان سان لاڳاپيل ڪارڪن ۽ ووٽر سڀ ئي جناب الطاف حسين سان وفاداري جي ڏوھ ۾ ڏوهاري بڻجي چڪا آهن ۽ ان جي سزا ڇاپا، گرفتاريون ۽ تشدد آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي دهشت گردن کي گرفتار ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ ايم ڪيو ايم جي ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گهرن تي بي ڏوهي ڇاپن ۽ گرفتارين جو نوٽس وٺن ۽ ان تي آواز بلند ڪن. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي بي ڏوهي گرفتارين ۽ انهن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جو سلسلو فوري طور تي بند ڪرائين ۽ گرفتار ٿيل ڪارڪنن  کي به آزاد ڪرائين.

4/19/2024 4:03:02 AM