Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حڪمران جناب الطاف حسين جي اظهار رائي جي آزادي تي پابندي لڳائي ڪري قوم کي اونڌاهين ۾ ڌڪي رهيا آهن. ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا


حڪمران جناب الطاف حسين جي اظهار رائي جي آزادي تي پابندي لڳائي ڪري قوم کي اونڌاهين ۾ ڌڪي رهيا آهن. ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا
 Posted on: 2/21/2016
حڪمران جناب الطاف حسين جي اظهار رائي جي آزادي تي پابندي لڳائي ڪري قوم کي اونڌاهين ۾ ڌڪي رهيا آهن. ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا
ڪراچي پريس ڪلب بک هڙتالي ڪيمپ تي صحافين کي بريفنگ
ڪراچي: 21 فيبروري 2016 
                  ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا حڪمرانن کان مطالبو ڪيو آهي ته ميڊيا تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تحرير، تقرير ۽ تصوير تي عائد غير جمهوري پابندي جو خاتمو ڪيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن بک هڙتالي ڪيمپ جي ٽئين ڏينهن ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا. شاهد پاشا چيو ته غير آئيني ۽ غير جمهوري طريقي سان جناب الطاف حسين جي زبان بندي ڪري ناانصافي جو سلسلو جاري رکيو ويو ته ان عمل سان ملڪ ۾ ناانصافي کي فروغ ملندو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي بک هڙتال کي پرامن رهڻ ڏنو وڃي جيڪڏهن اسان کي انصاف نه مليو ته اسان احتجاج جي ان سلسلي کي پوري دنيا ۾ ڦيلائينداسين ۽ دنيا کي جناب الطاف حسين سان ٿيندڙ ناانصافي کان آگاھ ڪنداسين. انهن چيو ته جناب الطاف حسين ڪيترائي سال اڳ ئي ملڪ ۾ انتها پسندن جي اچڻ جو اشارو ڏيئي ڇڏيو هو پر ان تي ڪوبه ڪن نه ڌريو ويو. انهن چيو ته مذهبي انتها پسندي ۾ ملوث عناصر جي زبان تي ڪا به پابندي نه لڳائي وئي آهي ۽ اهي کلي عام فرقي واريت ۽ نفرت انگيز ڳالهيون ڪري رهيا آهن.جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. 
*****

5/7/2024 12:40:10 PM