Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ڊفينس ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سان شهريار نالي نوجوان جي هلاڪت ۽ ان واقعي کي پوليس مقابلو قرار ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڊفينس ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سان  شهريار نالي نوجوان جي هلاڪت ۽ ان واقعي کي پوليس مقابلو قرار ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 18 Jan 2016
اسان کي سنڌ ۾ رائج غير منصفانه ڪوٽا سسٽم هاڻي ڪنهن به قيمت تي منظور نه آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان کي سنڌ ۾ رائج غير منصفانه ڪوٽا سسٽم هاڻي ڪنهن به قيمت تي قبول نه آهي. اختياري ڌرين کي هاڻي ان سلسلي کي ختم ڪرڻو پوندو. ملڪ ۾ نوان صوبا بڻائڻا پوندا. ۽ سنڌ ۾ به ٻه يا ٽي صوبا بڻايا وڃن. اسان پنهنجن حقن کان ڪنهن به قيمت تي پوئتي نه هٽنداسين. 
Read More    Posted on: 17 Jan 2016
ايم ڪيو ايم جي تنظيمي اسٽرڪچر ۾ بنيادي تبديلين جو اعلان
 ايم ڪيو ايم جي نئين مڪاني نظام سان هم آهنگ ڪرڻ، تحريڪ کي جديد خطن تي استوار ڪرڻ ۽ تنظيمي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جا ڪيترن ئي ڏينهن تائين گڏيل اجلاس ٿيا. انهن اجلاسن ۾ ان ڳالھھ تي تفصيلي غور ڪيو ويو ته تحريڪ جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ جيڪي بنيادي تنظيمي يونٽ بڻايا ويا هئا. اهي ان زماني جي مڪاني تڪن سان مطابقت رکندا هئا. ان مطابقت جو فائدو اهو ٿيو هو ته يونٽ جا ذميوار ۽ مڪاني ڪائونسلر گڏجي ڪري  ڪم ڪندا رهيا. ۽ يونٽ جي عوام جي خدمت ڪندا رهيا. پر نئين مڪاني نظام ۾ تبديلي سان گڏ تڪن ۾ به تبديلي ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي
تصاویر
Read More    Posted on: 17 Jan 2016
ڪراچي ۾ حق پرست مڪاني نمائندن کي ڪامياب ڪرائڻ تي سنڌ حڪومت ڪراچي جي ماڻهن کي ڏکائين ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڪنور نويد جميل.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪنور نويد جميل چيو آهي ته ڪارڪنن جي تمام گهڻي محنت ۽ عوام جي حمايت سان مڪاني اليڪشن ۾ اسان ڪامياب ٿيا آهيون. پر سڙيل ذهنن جا حڪمران مڪاني نمائندن کي اختيار ئي نه ڏيئي رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.
Read More    Posted on: 17 Jan 2016
ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي ڊي آئي جي سينٽرل فيروز شاھ سان ملاقات.
                  قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي پارليماني ليڊر ريحان هاشمي جي سربراهي ۾ اسيمبلي ميمبرن عبدالوسيم، شيخ صلاح الدين، سفيان يوسف، ريحان ظفر، جمال احمد، وسيم قريشي ۽ حاجي انور ڊي آئي جي سينٽرل فيروز شاھ سان انهن جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. 
Read More    Posted on: 17 Jan 2016
خورشيد شاھ جو ميئر کي 2013 جي مڪاني نظام جي مطابق اختيار ڏيڻ جو بيان کل جوڳو آهي. خواجه اظهار الحسن.
  سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن پي پي اڳواڻ خورشيد شاھ جي ان بيان تي ته“ مڪاني نمائندن ۽ ميئر کي اختيار 2013 جي مڪاني نظام جي تحت ئي ڏنا ويندا ” کي کل جوڳو قرار ڏنو آهي.
Read More    Posted on: 17 Jan 2016
صلح جي لاءِ وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي سعودي عرب ۽ ايران جي دوري جو خير مقدم ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مان سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ صلح جي لاءِ وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي طرفان سعودي عرب ۽ ايران جي دوري جو خير مقدم ڪريان ٿو ۽ انهن کي ان تي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهو هڪ سٺو قدم آهي ۽ امن ۽ صلح جي انهن مثبت ڪوششن ۾ وزير اعظم ۽ جنرل راحيل شريف کي منهنجو غير مشروط تعاون حاصل هوندو. انهن خيالن جو اظهار انهن نارٿ ناظم آباد جيم خانه ۾ نارٿ ناظم آباد ريذيڊنس
تصاویر
وڈیو حصہ اول   دوم
Read More    Posted on: 16 Jan 2016
اڄ اسان جي نوجوان نسل علم جي حصول کان پري ٿيندي پئي وڃي ۽ ان جي ڪري ئي اها غلط واٽ تي هلي رهي آهي . شاهد پاشا
ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا  چيو آهي ته جيڪا تعليم انسان کي خود غرضي جي ترغيب ڏي اها تعليم ڪنهن به ڪم جي نه آهي. هڪ ٻئي جي خدمت ۽ مدد ڪرڻ وارو انسان ئي بهترين انسان هوندو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن نارٿ ناظم آباد ريذيڊنس ڪميٽي جي زير اهتمام جيمخانه ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر، سي اي سي ميمبر  ۽ ٻيا به موجود هئا. شاهد پاشا چيو ته تحريڪ آزادي جي جدوجهد ۾ تعليم جو هڪ وڏو ڪردار هو،
تصاویر
Read More    Posted on: 16 Jan 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين خداداد صلاحيتن جا مالڪ آهن. ايم ڪيو ايم ڏکڻ پنجاب جو صدر فرقان مغل
متحده قومي موومينٽ ڏکڻ پنجاب جو اجلاس ملتان هائوس ۾ ٿيو. جنهن ۾ ذميوارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڏکڻ پنجاب جي صدر خطاب ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين  خداداد صلاحيتن جا مالڪ آهن ۽ انهن جي بصيرت ۽ دورانديشي کان ڪوئي به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. انهن چيو ته داعش جي خطري جي باري
Read More    Posted on: 16 Jan 2016
ڪراچي ۽ اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ داعش جون ڪاروائيون پاڪستان ۾ داعش جي وجود کان انڪار ڪرڻ وارن جي منھھ تي چماٽ آهي.ايم ڪيو ايم سانگهڙ ۽ ٽنڊو الهيار زونَ
متحده قومي موومينٽ سانگهڙ ۽ ٽنڊو الهيار زونن جي انچارجن ۽ ميمبرن چيو آهي ته اسلام آباد ۽ ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ داعش جون ڪاروائيون پاڪستان ۾ داعش جي وجود کان انڪار ڪرڻ وارن جي منھھ تي چماٽ آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اهي واحد ليڊر آهن جن پاڪستان ۾ 
Read More    Posted on: 16 Jan 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي 17 جنوري بروز آچر شام جو 4 وڳي لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ جنرل ورڪرز اجلاس منعقد ڪيو ويندو
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم جوا هم جنرل ورڪرز اجلاس 17 جنوري بروز آچر تي شام جو 4 وڳي لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ منعقد ٿيندو. جنرل ورڪرز اجلاس کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين انتهائي اهم ۽ تاريخي خطاب فرمائيندا ۽ اعلان به ڪندا.
Read More    Posted on: 16 Jan 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪيترائي سال اڳ پاڪستان ۾ طالبانائزيشن ۽ داعش جي خطرن کان قوم کي آگاھ ڪري ڇڏيو هو. ڊاڪٽر سليم دانش
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ ايم ڪيو ايم برطانيه جي آرگنائيزر  ڊاڪٽر سليم دانش چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪيترائي سال اڳ پاڪستان ۾ طالبانائزيشن ۽ داعش جي خطرن کان قوم کي آگاھ ڪري ڇڏيو هو. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم برطانيه ٽوٽنگ ۽ ويمبلي يونٽن ۾ الڳ الڳ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.
Read More    Posted on: 16 Jan 2016
وزير اعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو سعودي عرب ۽ ايران جي دوري جو اعلان هڪ سٺو قدم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي طرفان سعودي عرب ۽ ايران جي وچ  ۾ ٽياڪڙو ڪرائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي دوري جي اعلان جو زبردست خير مقدم ڪيو آهي ۽ ان کي هڪ سٺو قدم قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته سعودي عرب ۽ ايران جي تڪرار جي شروعات کان وٺي ئي ايم ڪيو ايم جو اهو اصولي موقف رهيو آهي ته پاڪستان اسلامي ملڪن جي ان تڪرار ۾ ڌر بڻجڻ ۽ ڪنهن هڪ ملڪ جو ساٿ ڏيڻ جي بجاءِ غير جانبدار رهي ۽ مصالحت جو ڪردار ادا ڪري. انهن فرمايو ته
Read More    Posted on: 16 Jan 2016
حڪومت ملڪ ۾ داعش جي موجودگي کان انڪار ڪري ملڪ ۽ قوم کي دهشت گردن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. ايم ڪيو ايم ميرپور خاص، سکر، نواب شاھ ۽ خيرپور جا زونل انچارجَ .
متحده قومي موومينٽ جي ميرپورخاص، سکر، نواب شاھ ۽ خيرپور جي زونل انچارجن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مذهبي انتها پسندي جي خلاف ڪاروائي کان لنوائڻ جي ڪري ئي دهشت گردي جو عذاب پوري ملڪ ۾ ڦيلجي چڪو آهي. 
Read More    Posted on: 15 Jan 2016
داعش جي ڪراچي، اسلام آباد ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪاروائين کان پوءِ ان جي موجودگي کان ڪوئي به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. حق پرست سينيٽر ۽ صدر پنجاب ميان عتيق.
متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر ۽ صدر پنجاب ميان عتيق چيو آهي ته داعش جي ڪراچي، اسلام آباد ۽ پاڪستان ۾ ڪاروائين کان پوءِ ان جي موجودگي کان ڪوئي به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين داعش جي پاڪستان ۾ موجودگي جي باري ۾ اڄ کان ڏيڍھ سال اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو
Read More    Posted on: 15 Jan 2016
Items 556 to 570 of 2634