Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اڄ اسان جي نوجوان نسل علم جي حصول کان پري ٿيندي پئي وڃي ۽ ان جي ڪري ئي اها غلط واٽ تي هلي رهي آهي . شاهد پاشا


اڄ اسان جي نوجوان نسل علم جي حصول کان پري ٿيندي پئي وڃي ۽ ان جي ڪري ئي اها غلط واٽ تي هلي رهي آهي . شاهد پاشا
 Posted on: 1/16/2016
اڄ اسان جي نوجوان نسل علم جي حصول کان پري ٿيندي پئي وڃي ۽ ان جي ڪري ئي اها غلط واٽ تي هلي رهي آهي . شاهد پاشا
گذريل 40 سالن کان سنڌ جي شهري علائقن ۾ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪري ناانصافي ڪئي پئي وڃي. عبدالقادر خانزاده
پي پي ڪڏهن به ڪراچي کي پنهنجو شهر نه سمجهيو آهي، ڇا ڪراچي سنڌ جو حصو نه آهي؟ نامزد ميئر وسيم اختر
نارٿ ناظم آباد ۾ ريذيڊنس ڪميٽي جي تحت جيمخانه ۾ تقريب کي خطاب
ڪراچي: 16 جنوري 2016 
ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا  چيو آهي ته جيڪا تعليم انسان کي خود غرضي جي ترغيب ڏي اها تعليم ڪنهن به ڪم جي نه آهي. هڪ ٻئي جي خدمت ۽ مدد ڪرڻ وارو انسان ئي بهترين انسان هوندو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن نارٿ ناظم آباد ريذيڊنس ڪميٽي جي زير اهتمام جيمخانه ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر، سي اي سي ميمبر  ۽ ٻيا به موجود هئا. شاهد پاشا چيو ته تحريڪ آزادي جي جدوجهد ۾ تعليم جو هڪ وڏو ڪردار هو، اڄ اسان جي نوجوان نسل علم جي حصول کان پري ٿيندي پئي وڃي ۽ ان جي ڪري ئي اها غلط واٽ تي هلي رهي آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالقادر خانزاده چيو ته گذريل 70 سالن کان ڪراچي جي عوام سان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي اهو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. انهن چيو ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪوٽا سسٽم نافذ ڪري ناانصافين جو سلسلو جاري آهي.انهن چيو ته پهرين ته شهري نوجوانن جو نوڪرين ۾ استحصال ڪيو ويندو رهيو هو پر هاڻي سنڌ جي شهري علائقن خصوصن ڪراچي جي مڪاني نمائندن کان اختيار به ڇنيا پيا وڃن. ان موقعي تي نامزد ميئر وسيم اختر خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي پاڪستان جو سڀني کان وڏو شهر آهي. جيڪو سنڌ کي 85  سيڪڙو روينيو ڏيئي ٿو پر اڄ ڪراچي بي پناھ مسئلن جو شڪار آهي ڇو  ته گذريل حق پرست نمائندن جيڪي منصوبا مڪمل ڪيا هئا اڄ انهن تي ڪابه توجه نه ٿي ڏني وڃي. انهن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پي پي ڪراچي کي پنهنجو سمجهيو ئي نه آهي. انهن سنڌ حڪومت ۽ پي پي کان سوال ڪيو ته ڪراچي سان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ان تي اسان کي ٻڌايو وڃي ته ڇا ڪراچي سنڌ جو حصو نه آهي؟ انهن چيو ته اسان کي مڪاني اختيار ڏنا وڃن ته اسان صرف ڪراچي ئي جي نه بلڪه پوري سنڌ جي خدمت ڪنداسين ۽ ترقي يافته بڻائينداسين. انهن چيو ته مڪاني حڪومت جمهوريت ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي. پر ڪنهن به چونڊيل حڪومت مڪاني اليڪشن نه ڪرايا آهن ۽ هاڻي اهي اليڪشن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٿيا آهن. انهن چيو ته پي پي لڳاتار 7 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪندي پئي اچي پر ان دوران سنڌ جي شهري علائقن کي فنڊ نه ڏنا ويا ۽ نه ئي سنڌ ۾ عوام کي سهولتون ميسر آهن. انهن چيو ته جيڪڏهن اسان کي مڪاني اختيار نه ڏنا ويا ته اسان آئين ۽ قانون جي حدن ۾ رهي ڪري جدوجهد ڪنداسين. انهن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ضرب عضب ۾ مصروف آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سياسي محاذ تي طالبان ۽ داعش جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن. انهن چيو ته فرسوده ذهن رکڻ وارو معاشرو ڪڏهن به ترقي ڪري نه ٿو سگهي. تقريب کي ٻين به خطاب ڪيو.






مزید تصاویر

5/10/2024 12:44:21 PM