Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان کي سنڌ ۾ رائج غير منصفانه ڪوٽا سسٽم هاڻي ڪنهن به قيمت تي منظور نه آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


اسان کي  سنڌ ۾ رائج غير منصفانه ڪوٽا سسٽم هاڻي ڪنهن به قيمت تي منظور نه آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/17/2016
اسان کي  سنڌ ۾ رائج غير منصفانه ڪوٽا سسٽم هاڻي ڪنهن به قيمت تي منظور نه آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اختياري ڌرين کي ملڪ ۾ نوان صوبا بڻائڻا پوندا، سنڌ ۾ به ٻه يا ٽي صوبا بڻائڻا پوندا.
اسان پنهنجن حقن جي جدوجهد کان ڪنهن به قيمت تي پوئتي نه هٽنداسين.
لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيندڙ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب.
لنڊن: 17 جنوري 2016 
                  ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان کي سنڌ ۾ رائج غير منصفانه ڪوٽا سسٽم هاڻي ڪنهن به قيمت تي قبول نه آهي. اختياري ڌرين کي هاڻي ان سلسلي کي ختم ڪرڻو پوندو. ملڪ ۾ نوان صوبا بڻائڻا پوندا. ۽ سنڌ ۾ به ٻه يا ٽي صوبا بڻايا وڃن. اسان پنهنجن حقن کان ڪنهن به قيمت تي پوئتي نه هٽنداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي سمورن سيڪٽرن ۽ يونٽن جي ڪارڪنن، ذميوارن، تنظيمي ونگز ۽ شعبن سان تعلق رکندڙ ڪارڪنن، بزرگن ۽ عورتن، ايم ڪيو ايم جي نمائندن، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کان علاوه رابطا ڪميٽي به شرڪت 
ڪئي. ان موقعي تي جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي تنظيمي اسٽرڪچر ۾ تبديلين جو اعلان به ڪيو. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ ايم ڪيو ايم جي قيام جي سببن ۽ مهاجرن تي ٿيندڙ ظلمن جي ڏک ڀريل داستان بيان ڪرڻ سان گڏو گڏ تحريڪ جي تاريخ تي به تفصيلي روشني وڌي. انهن فرمايو ته اڪثر انسان خطرن کان ڊڄندو آهي، مشڪلاتن ۽ تڪليفن کان پري رهڻ چاهيندو آهي. پر مان مهاجرن تي ظلم ڏٺا ته انهن تي خاموش رهڻ جي بجاءِ انهن جي خلاف جدوجهد جو آغاز ڪيو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ اي پي ايم ايس او جي بنياد رکي. تحريڪ شروع ڪرڻ جي ڏوھ ۾ مون کي ٽي ڀيرا گرفتار به ڪيو ويو. سرڪاري ٽارچر سيلن ۾ مون تي تشدد ڪيو ويو. منهنجي قتل جون سازشون ڪيون ويون ۽ جڏهن مون تي بم حملو ٿيو ته مرڪزي ڪميٽي سخت اصرار ڪري مون کي پاڪستان کان ٻاهر موڪليو ۽ مان ساٿين جي اصرار تي لنڊن اچي ويم. 19 جون 1992 تي ايم ڪيو ايم جي خلاف بدترين فوجي آپريشن ڪيو ويو. جيڪو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اڄ به جاري آهي. ان دوران ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي پڪڙي پڪڙي انهن جو ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. سرڪاري ٽي وي تي ايم ڪيو ايم ۽ خصوصن منهنجي ذات جي خلاف انتهائي زهريلو پروفيگنڊو ڪيو ويو. جڏهن تمام تر ظلمن ۽ زهريلن پروفيگنڊن جي باوجود عوام منهنجو ساٿ نه ڇڏيو ته منهنجو حوصلو ٽوڙڻ جي لاءِ منهنجي وڏي ڀاءُ 66 سالن جي ناصر حسين ۽ 28 سالن جي ڀائيٽي عارف حسين کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٽن ڏينهن تائين انهن تي وحشياڻو تشدد ڪري 9 ڊسمبر 1995 تي انهن کي شهيد ڪيو ويو. انهن بدترين ظلمن تي به منهنجن حوصلن کي ٽوڙيو نه سگهيو ويو. مان الله تعالٰي کان اها ئي دعا ڪئي ته اهو مون کي صبر عطا ڪري ۽ مان پنهنجن ڪارڪنن ۽ عوام کي به صبر جي تلقين ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان جي بزرگن پاڪستان جي قيام جي لاءِ 20 لک جانين جي قرباني ڇا ان جي ڪري ڏني هئي جو انهن جي اولادن سان اهڙو وحشياڻو سلوڪ ڪيو وڃي؟ آخر اسان جو ڏوھ ڪهڙو آهي؟ آخر ڪهڙي ڏوھ ۾ منهنجن پيارن پيارن ساٿين جون لاشون وڇايون ويون. انهن فرمايو ته 2013 ۾ آرمي چيف ، وزير اعظم، ڊي جي آئي ايس آئي ۽ وزير اعلٰي سنڌ جي موجودگي ۾ آل پارٽيز ڪانفرس سڏرائي ڪراچي ۾ آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان ۾ اهو ئي طئي ڪيو ويو هو ته آپريشن ڪنهن سياسي جماعت جي خلاف نه ٿيندو. پر صورتحال واضع آهي ته آپريشن صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي ڪيو پيو وڃي. ان آپريشن جي دوران به ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ٻه ڀيرا ڇاپا هنيا ويا ۽ ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ اڄ به ڪيو پيو وڃي. انهن سوال ڪيو ته جيڪڏهن اهو آپريشن بغير ڪنهن فرق جي آهي ته پوءِ ڇا اڄ تائين ڪنهن ٻئي سياسي جماعت جي سربراھ جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو؟ آخر ايم ڪيو ايم تي ظلم ڇو ڪيو پيو وڃي؟ ڇا اسان جي بزرگن جي قربانين جو اهو ئي بدلو آهي؟ انهن فرمايو ته اسان جو ڏوھ  اهو آهي ته اسان پنهنجن حقن جي لاءِ آواز بلند ڪئي ۽ ان جي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ اسٽيٽس ڪو کي چيلنج ڪيو. انهن فرمايو ته اسان پڪو پھھ ڪري ورتو آهي ته ڀلي اسان تي ڪيترائي ظلم ڇو نه ڪيا وڃن، اسان پنهنجي جدوجهد کان پوئتي نه هٽنداسين ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. انهن ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته مان اوهان کي وصيت ڪريان ٿو ته جيڪڏهن ان جدوجهد ۾ مون کي شهيد به ڪيو وڃي ته تڏهن به اوهان پنهنجي جدوجهد کي جاري رکجو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي ميمبرن قومي اسيمبلي ۾ هڪ قرارداد جمع ڪرائي آهي ته پاڪستان ۾ 20 صوبا بڻايا وڃن ۽ آبادي جي تناسب سان انتظامي بينادن تي صوبا ۽ انتظامي يونٽ قائم ڪيا وڃن.اهڙي طرح سنڌ ۾ به ٻه يا ٽي صوبا بڻايا وڃن. انهن فرمايو ته اڄ  اسان واضع لفظن ۾ اهو اعلان ڪريون ٿا ته ڪوٽا سسٽم جيڪو  1973 کان وٺي ڪري سنڌ ۾ رائج آهي. پر هاڻي سنڌ ۾ اهو غير منصفانه ڪوٽا سسٽم ڪنهن به قيمت تي منظور نه آهي. انهن ڪارڪنن تي زور ڏنو ته اهي ايندڙ حالتن کي منھھ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي ذهني ۽ جسماني طور تي تيار رکن. انهن سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪٿاڻ جي حوالي سان عوام کي چيو ته ڀلي حالتون ڪهڙيون به هجن پر اسان پاڻ ۾ نه وڙهنداسين ۽ پاڻ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي سان رهنداسين. 
*****

5/10/2024 5:28:33 AM