Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
هن احتجاجي مظاهري ۾ اهي ملازم پنهنجي ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ پروموشن جي لاءِ نه آيا آهن بلڪه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيانن ۽ تصويرن تي پابندي جي خلاف يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ آيا آهن.ليبر ڊويزن جوائنٽ انچارج ارشد انصاري.
                     ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي جوائنٽ انچارج ارشد انصاري چيو آهي ته  ڪراچي جا ملازم جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي جي خلاف هتي گڏ ٿيا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. 
Read More    Posted on: 28 Jan 2016
پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي اظهار رائي جي آزادي جو حق ۽ هر شهري کي سياسي سرگرمين جي اجازت ڏيئي ٿو. طاهر کوکر.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين تي آزادي اظهار رائي جي آزادي تي پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم جي تحت ڪشمير ۾ دربار سهيلي سرڪار آزاد جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
Read More    Posted on: 28 Jan 2016
اڱاري جو ڏينهن اسيمبلي ۾ پرائيويٽ ميمبر ڏينهن هوندو آهي پر سنڌ حڪومت ان ڏينهن لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 جي بل ۾ ترميم آندي آهي. خواجه اظهار الحسن.
 سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته اڱاري جو ڏينهن اسيمبلي ۾ پرائيويٽ ميمبر ڏينهن هوندو آهي پر سنڌ حڪومت جي طرفان ان ڏينهن ترميم ڪئي وئي آهي جيڪو غير قانوني آهي. 
Read More    Posted on: 28 Jan 2016
پريس فوٽو گرافر، ڪيميره مين ۽ رپورٽر هڪ وڏو معصوم طبقو آهي جن کي انهن جي محنت جي حساب سان پگهار نه ٿي ملي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پريس فوٽو گرافرن، ڪيميره مينن ۽ رپورٽرن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو آهي ته اهو هڪ وڏو معصوم طبقو آهي، جيڪو خطرن جي باوجود پنهنجيون جانيون ٿري تي رکي ڪري ڪم ڪري ٿو، پر انهن کي پگهارون انهن جي محنت جي حساب سان نه ٿيون ملن.
Read More    Posted on: 28 Jan 2016
جناب الطاف حسين جي ميڊيا ڪوريج تي پابندي جهڙا غير آئيني ۽ غير جمهوري قدم مذمت جوڳا آهن. ايم ڪيو ايم شعبه خواتين.
ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي انچارج ڪشور زهرٰي ۽ ٻين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي سراسر غير آئيني آهي جنهن جي اسان ڀرپور مذمت ڪريون ٿا.
Read More    Posted on: 27 Jan 2016
پاڪستان ميڊيا ڪائونسل جي وفد جي ايم ڪيو ايم پنجاب هائوس لاهور ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني سان ملاقات.
پاڪستان ميڊيا ڪائونسل جي وفد ايم ڪيو ايم پنجاب هائوس لاهور جو دورو ڪيو ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبر شبير احمد قائم خاني سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صوبائي تنظيمي ڪميٽي جو صدر خالد اعواڻ ۽ ٻيا به موجود هئا. پاڪستان ميڊيا ڪائونسل جي وفد ۾ قائم مقام صدر و سيڪريٽري جنرل  ۽ معروف صحافي علي رضوي، مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات جاويد غفاري، چيئرمين صدف منظور ۽ ٻيا به شامل هئا
Read More    Posted on: 27 Jan 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ميڊيا تي انهن جي زبان بندي جي خلاف 28 جنوري بروز خميس تي ليبر ڊويزن جي تحت ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.ايم ڪيو ايم جو اعلان.
                    متحده قومي موومينٽ جي ليبر ڊويزن جو هڪ اجلاس لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيو. جنهن ۾ ليبر ڊويزن جي انچارج اسد ڪاظمي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب تي 28 جنوري بروز خميس تي هڪ وڏو مظاهرو ڪيو ويندو ۽ ليبر ڊويزن ان وقت تائين چپ ڪري نه ويهندي جيستائين قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تان غير قانوني پابندي ختم نه ٿي ڪئي وڃي. 
Read More    Posted on: 27 Jan 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن سميت هر قسم جي غير آئيني پابندين کي بلڪل رڌ ڪريون ٿا ۽ اسان احتجاجي مظاهرن جو اعلان به ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم آمريڪا.
ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف چيو آهي ته ايم ڪيو ايم آمريڪا قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي کي بلڪل رڌ ڪري ٿي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تنظيم نو کان پوءِ چيپٽر انچارجن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.
Read More    Posted on: 27 Jan 2016
جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي کي عوام هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪندا.حق پرست سينيٽر.
متحده قومي موومينٽ جي سينيٽرن چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي جمهوريت ۽ اظهار رائي جي آزادي جي بلڪل خلاف آهي ۽ ان پابندي کي حق پرست عوام هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪندا.
Read More    Posted on: 27 Jan 2016
ڪيترائي ڏينهن گذرڻ جي باوجود به سنڌ اسيمبلي جي متاثرن جي آبادڪاري جي لاءِ سنڌ حڪومت هن مهل تائين ڪي به قدم نه کنيا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سنڌ اسيمبلي جي دائري ۾ ڪيرايل ڪوارٽرن جي متاثرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي ان ڳالھھ جي سخت مذمت ڪئي آهي ته ٻه ڏينهن گذرڻ جي باوجود  به کليل آسمان جي هيٺان ويٺل متاثرن جي آبادڪاري جي لاءِ سنڌ حڪومت ڪي به قدم نه کنيا آهن. انهن فرمايو ته هي هڪ خالص انساني مسئلو آهي،
Read More    Posted on: 25 Jan 2016
محروم ۽ مظلوم عوام جا مسئلا اهو ئي حل ڪري سگهي ٿو جيڪو انهن مسئلن مان گذريو هجي. شبير احمد قائم خاني
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر شبير احمد قائم خاني چيو آهي ته غربت ، مهانگائي ۽ ٻين مسئلن جي شڪار پاڪستان جي محروم عوام جا مسئلا اهو ئي حل ڪري سگهي ٿو جيڪو انهن مسئلن مان گذريو هجي. انهن خيالن جو اظهار انهن اپر پنجاب ڪميٽي جي تنظيم نو جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. انهن چيو ته جيڪي عاليشان محلن
Read More    Posted on: 25 Jan 2016
ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تنظيم نو، سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي کي تحليل ڪري ٽي رڪني سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي آهي
 ايم ڪيو ايم اوورسيز يونٽن جي تنظيم نو جي ٻئي مرحلي ۾ ايم ڪيو ايم نارٿ آمريڪا جي تنظيم نو جو آغاز ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي جي موجوده ڪميٽي کي تحليل ڪري ٽي رڪني ڪميٽي مقرر ڪئي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ان فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.فيصلي جو اعلان
Read More    Posted on: 25 Jan 2016
دنيا ميڊيا گروپ جي چيئرمين ميان عامر محمود جي والد ميان ظهورالحق جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت جو اظهار
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين دنيا جي ميڊيا گروپ ۽ پنجاب گروپ آف ڪاليجز جي چيئرمين ميان عامر محمود جي والد ظهور الحق جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 25 Jan 2016
حق پرست سينيٽر ۽ ملڪ جي ممتاز آئيني ۽ قانوني ماهر بيرسٽر فروغ نسيم کي پاڪستان بار ڪائونسل جو وائيس چيئرمين چونڊجڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش
  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حق پرست سينيٽر ۽ ممتاز آئيني ۽ قانون ماهر بيرسٽر فروغ نسيم کي پاڪستان بار ڪائونسل جو وائس چيئرمين چونڊجڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته بيرسٽر فروغ نسيم جي ڪاميابي هڪ تاريخي سنگ ميل آهي جنهن تي مان پنهنجي ۽ ايم ڪيو ايم جي سمورن
Read More    Posted on: 25 Jan 2016
نيشنل ايڪشن پلان پوري ملڪ جي لاءِ هو پر حڪومت ان کي سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان پوري ملڪ جي لاءِ هو پر حڪومت ان کي سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي آڙ ۾ فوج ۽ رينجر جي ذريعي پختونن، بلوچن، سنڌين ۽ مهاجرن جي خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. پر جڏهن ته پنجاب ۾ ايڪشن ڪرڻ کان ئي انڪار ڪيو ويو آهي.
Read More    Posted on: 25 Jan 2016
Items 526 to 540 of 2634