Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نيشنل ايڪشن پلان پوري ملڪ جي لاءِ هو پر حڪومت ان کي سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


نيشنل ايڪشن پلان پوري ملڪ جي لاءِ هو پر حڪومت ان کي سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/25/2016
نيشنل ايڪشن پلان پوري ملڪ جي لاءِ هو پر حڪومت ان کي سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
نيشنل ايڪشن پلان جي آڙ ۾ پختونن، بلوچن، سنڌين ۽ مهاجرن جي خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي پر جڏهن ته پنجاب ۾ ايڪشن ڪرڻ کان ئي انڪار ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن پنجاب ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي تحت ڪاروائي نه ڪرڻي آهي ته پوءِ پنجاب کي الگ ۽ باقي ٽن صوبن کي  الڳ ڪري ڇڏجي. 
جنرل راحيل شريف صاحب پاڪستان ۾ 20 صوبا بڻايو ۽ سنڌ ۾ اسان جو به صوبو بڻايو ته پوءِ پورو سنڌ اوهان جي عهدي جي مدي ۾ ٽن سالن جي واڌاري جي حمايت ڪندو.
ڪراچي ۾ مزار قائد جي سامهون ايم ڪيو ايم جي تحت هڪ وڏي احتجاجي مظاهري کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 25 جنوري 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان پوري ملڪ جي لاءِ هو پر حڪومت ان کي سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي آڙ ۾ فوج ۽ رينجر جي ذريعي پختونن، بلوچن، سنڌين ۽ مهاجرن جي خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. پر جڏهن ته پنجاب ۾ ايڪشن ڪرڻ کان ئي انڪار ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن پنجاب ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي تحت ڪاروائي نه ڪرڻي آهي ته پوءِ پنجاب کي الڳ ۽ باقي ٽن صوبن کي الڳ ڪري ڇڏجي. فوج، ايف سي ۽ رينجر جا سپاهي اڄ واعدو ڪن ته انهن جي هٿان ڪنهن به بي گناھ جو رت نه وهندو، سڄي ملڪ جي قومن جا غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو جاگيردارن، وڏيرن ۽ سردارن جو ساٿ ڇڏي ڏين ۽ الطاف حسين سان گڏ ملي وڃن، اسان گڏجي ڪري ملڪ کي چورن ۽ ڌاڙيلن کان نجات ڏيارينداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي ۾ قائد اعظم جي مزار جي سامهون ايم ڪيو ايم جي تحت هڪ وڏي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي فرمايو. اهو مظاهرو جناب الطاف حسين جي تقرير، تحرير ۽ تصوير نشر ۽ شايع ڪرڻ تي پابندي  جي خلاف منعقد ڪيو ويو هو. مظاهري ۾ سمورين قومن، برادرين ۽ مختلف مذهبي اقليتن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي، حق پرست سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قائد اعظم جي مزار جي چوڌاري پري پري تائين ماڻهن جو سمنڊ اٿليل هو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين آمريڪا جي 20 جي رياستن ۾ ايندڙ برفاني طوفان جي تباهين جو ذڪر ڪندي فرمايو ته  عالمي سطح تي وڏي تيزي سان تبديليون اچي رهيون آهن. آمريڪا جهڙي ترقي يافته ملڪ جي موسمياتي کاتي جي طرفان برفاني طوفان جي پيشن گوئي ته ڪئي وئي هئي پر ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته اهو برفاني طوفان ايترو سخت هوندو جو آمريڪا جون 20 رياستون ان طوفان جي ڪري مفلوج ٿي ڪري رهجي وينديون. اهڙي طرح ڪنهن جي به علم ۾ نه هو ته عراق ، مصر ۽ لبيا جنگ جي حالت ۾ اچي ويندا. يمن گهرو ويڙھ جي ور چڙهي ويندو، ايران ۽ سعودي عرب جا معاملا ٻنهي ملڪن کي جنگ جي ڪناري تي وٺي ويندا. اهڙي طرح ڪوئي به اهو اندازو نه پيو ڪري سگهي ته افغانستان ۾ آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ سرد جنگ وڌندي وڌندي 30 سالن تائين ڊگهي ٿي ويندي. ان جنگ ۾ هزارين ماڻهو ماريا ويندا. هزارين گهر اجڙي ويندا ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن کي هجرت ڪرڻي پوندي ۽ سوويت يونين جي افغانستان کان وڃڻ کان پوءِ حالتون ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ نيٽو فوج کي پاڪستان اچڻو پوندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ ۾ هڪ الطاف حسين جي ئي آواز هئي جيڪا قوم کي سچ ۽ حق کان آگاھ ڪندي هئي پر سچائي بيان ڪرڻ تي الطاف حسين کي لعن و طعن جو نشانو بڻايو ويو، ان جو مذاق اڏايو ويو. انهن جي ڳالهين کان انڪار ڪيو ويو. پر وقت ۽ حالتن ثابت ڪري ڇڏيو ته الطاف حسين جيڪو چوي ٿو اهو جلد يا ڪجھھ وقت کان پوءِ قوم جي سامهون اچي وڃي ٿو ۽ الطاف حسين جي چيل هڪ هڪ ڳالھھ سچ ثابت ٿئي ٿي. پر حڪومت جي طرفان گذريل ٽن مهينن کان منهنجي تقرير ۽ تصوير شايع ڪرڻ تي پابندي عائد آهي. ڇو ته مان قوم کي سچ ٻڌايان ٿو. انهن فرمايو ته ڀلي مون تي ڪيتري به پابندي لڳائي وڃي پر جيستائين عوام سان رابطي جا ذريعا موجود آهن. مان آخري ذريعي تائين پنهنجي عوام سان رابطي جي ڪوشش ڪندو رهندس. انهن فرمايو ته مان پنهنجي پوري زندگي تحريڪ ۽ قوم جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي ۽ اڄ جي ڏينهن تائين سمورين ذاتي مصروفيتن کان ڪٽجي ڪري ڏينهن رات قوم ۽ تحريڪ جي لاءِ مصروف آهيان. ان جدوجهد جي لاءِ مون کي ڪنهن به مجبور نه ڪيو هو ۽ نه ئي ڪنهن مون تي ڏاڍ ڪيو هو. جڏهن مان ڏٺو ته پاڪستان ۾ غريب ۽ محروم مهاجرن، بلوچن، پختونن، سنڌين، پنجابين ، سرائيڪين، ڪشميرين ۽ ٻين مظلومن جي ڌانهن ٻڌڻ وارو ڪوئي نه آهي ۽ پاڪستان ۾ ٻه سيڪڙو مراعات يافته سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي حڪومت آهي جنهن کي ڪجھھ فوجي جنرلن جي به حمايت حاصل آهي ته مان ملڪ ۽ قوم جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي پيش ڪري ڇڏيو. جناب الطاف حسين رياست ۽ حڪومت جي تعريف بيان ڪندي فرمايو ته رياست عدالت، انتظاميه ۽ مقننه تي ٻڌل هوندي آهي ۽ حڪومت ڪنهن ملڪ جي آئين جي تقاضن کي پورو ڪندي چار يا پنجن سالن جي لاءِ چونڊي وڃي ٿي. ڪنهن ملڪ ۾ صدارتي نظام هوندو آهي ته ڪنهن  ۾ پارليماني نظام قائم ٿئي ٿو. مقننه جو ڪم قانون سازي هوندو آهي. عدالت جو  ڪم ان قانون ۽ آئين جي مطابق مختلف مقدمن جا فيصلا ڏيڻ هوندو آهي ۽ جڏهن ته انتظاميه يعني حڪومت، فوج ۽ بيوروڪريسي جو ڪم سرحدن جي حفاظت ڪرڻ، ملڪ ۾ اندروني ڏڦيڙ ۽ حادثن يا قدرتي آفتن کان نڀرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ هوندو آهي. انهن فرمايو ته مقننه عوامي نمائندن تي ٻڌل هوندي آهي ۽ عدالت جا جج صاحب به انسان هوندا آهن ، حڪومتي وزير ، بيوروڪريسي ۽ فوجي آفيسر ۽ جوان به اسان وانگر انسان هوندا آهن ۽ انسان غلطين جو پتلو هوندو آهي. جيڪڏهن مقننه ، عدالت، فوج يا انتظاميه کان ڪا غلطي ٿي سگهي ٿي ته مون کان به غلطي ٿي سگهي ٿي. ڇو ته اسان سڀ انسان آهيون. جناب الطاف حسين احتجاجي مظاهري جي شرڪاء کان پچيو ته ڇا حڪومت، عدالت ۽ فوج ۾ شامل ڪجھھ ماڻهو ڪميشن ۽ رشوت وٺڻ ۾ ملوث نه هوندا آهن؟ جنهن تي شرڪاء هڪ زبان ٿي ڪري چيو ته بلڪل هوندا آهن. جناب الطاف حسين ٻيهر  پچيو ته گذريل ٻن سالن جي دوران ڪنهن حڪمران، جج يا فوج جي ڪنهن آفيسر کي غير قانوني ڪاروبار ڪرڻ ، چوري ۽ رشوت وٺڻ ۾ ملوث هجڻ جي ڏوھ ۾ سزا ٿي؟ جنهن تي شرڪاء يڪ زبان ٿي ڪري چيو ته هرگز به نه. جناب الطاف حسين فرمايو ته وزير اعظم ميان نواز شريف نيشنل ايڪشن پلان جي موقعي تي متفقه طور تي هڪ فيصلو ڪيو جنهن ۾ سڀني کان آخر ۾ ايم ڪيو ايم تڏهن شامل ٿي جڏهن پاڪ فوج جي ذميوار ماڻهن ۽ وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊار لنڊن ٽيليفون ڪري وزير اعظم ميان نواز شريف جي طرفان خاطري ڪرائي ته نيشنل ايڪشن پلان جي تحت جيٽ بليڪ دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. جيڪي مسجدن ۽ امام بارگاهن تي حملا ڪري نمازين کي شهيد ڪن ٿا. اسڪولن تي حملا ڪري معصوم ٻارن کي شهيد ڪن ٿا ۽ بزرگن جي مزارن کي بمن سان نشانو بڻائين ٿا. انهن جي خلاف ئي ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ اها به خاطري ڪرائي وئي هئي ته ڪاروائي سياسي بنيادن تي هرگز به نه ڪئي ويندي. جڏهن نيشنل ايڪشن پلان جي تحت ڪاروائي جو آغاز ٿيو ته منهنجي گهر تي ٻه ڀيرا ڇاپو هنيو ويو ۽ چيو ويو ته نائن زيرو تي ٽارگيٽ ڪلر، ڀتا خور ۽ اغوا برائي تاوان جون وارداتون ڪرڻ وارا رهي رهيا هئا. اهي ڪوڙ ڳالهائي ڪري ايم ڪيو ايم کي سڄي ملڪ ۾ بدنام ڪيو ويو. غير قانوني ڇاپا هڻي ڪري نائن زيرو جي آس پاس جي رهائشين مان 150 ماڻهن کي گرفتار ڪري انهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. سڄي شهر ۾ رينجر وارن ڇاپا هڻي ڪري ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي انهن جي والدين جي سامهون گرفتار ڪيو. جن کي بعد ۾ لاپتا ڪيو ويو ۽ پوءِ انهن جون تشدد  ٿيل لاشون روڊن تي اڇلايون ويون. اڄ تائين ايم ڪيو ايم جا 150 کان وڌيڪ ڪارڪن لاپتا آهن ، ڪيترائي ڪارڪن گرفتاري کان پوءِ ماورائي عدالت قتل به ڪيا ويا آهن. پر انهن ۾ ملوث ڪنهن به سرڪاري اهلڪار کي گرفتار ڪري ان کي سزا نه ڏني وئي آهي. انهن فرمايو ته اڄ سڄي ملڪ جا عوام اهو سوچڻ تي مجبور آهن ته نيشنل ايڪشن پلان پاڪستان کان مذهبي انتها پسندن ۽ دهشت گردن جي خاتمي جي لاءِ ڪيو ويو آهي يا ان جو مقصد ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جي لاءِ آهي؟ انهن فرمايو ته نيشنل ايڪشن پلان جو مقصد ملڪ جي سڀني کان مضبوط ۽ منظم تنظيم کي بدنام ڪري ۽ ان تي ڪوڙا الزام هڻي ڪري ان جي خلاف ڪاروائي جو جواز پيدا ڪرڻ آهي ۽ طالبان ۽ القائده جو الزام هڻي ڪري پختونن ۽ غداري جو الزام هڻي ڪري بلوچن کي نشانو بڻائڻ آهي. انهن فرمايو ته جڏهن ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ نائن زيرو تي ڇاپو هنيو ويو ته سنڌ جي حڪمرانن ان تي خوشي جو اظهار ڪندي جهمريون پاتيون،وزير اعلٰي قائم علي شاھ ۽ صوبائي وزيرن بيان ڏنا ته رينجر بلڪل صحيح ڪاروائي ڪري رهي آهي ۽ اسان ان سان گڏ آهيون. جناب الطاف حسين فرمايو ته ٽي وي چينلن تي ايم ڪيو ايم جي خلاف زهريلو پروفيگنڊو ڪيو ويو،ڪجھھ تجزيي نگارن ۽ اينڪرپرسنن صحافتي اصولن جي مطابق حقيقتون بيان ڪيون. جنهن تي مان انهن کي سلام تحسين پيش ڪريان ٿو. پر ڪجھھ تعصب پرست تجزيي نگارن ۽ اينڪرپرسنن رينجر جي ڪوڙين رپورٽن کي لوڻ مرچ هڻي ڪري عوام کي گمراھ ڪيو  اهڙا عناصر پنهنجي ضمير جو سودو ڪري ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪري رهيا آهن. انهن فرمايو ته اڄ تائين ڪوئي به اهو سوال نه اٿيو ته رينجر جي جن اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو آهي انهن کي سزا ڪير ڏيندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته نواز شريف اڄ چئي رهيا آهن ته نيشنل ايڪشن پلان تي پوري طرح سان عمل ٿي رهيو آهي. جڏهن انهن 
کان سوال ڪيو وڃي ٿو ته  اهو عمل ڪهڙي طرح ٿي رهيو آهي ته اهي جواب ڏين ٿا ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تي دهشت گردن جا حملا ٿي رهيا آهن، استاد ۽ شاگرد مري رهيا آهن ، ٿر ۾ ڏڪر ۽ بيمارين سان ٻار مري رهيا آهن. اهو سڀ ڪجھھ ٿي رهيو آهي ۽ اسان اولھھ وارن ملڪن جا دورا ڪري رهيا آهيون. انهن فرمايو ته پنهنجي گهر ۾ باھ لڳل آهي ۽ نواز شريف اهو چئي ڪري ٻاهرين ملڪن جي دورن تي هليا وڃن ٿا ته اسان سعودي عرب ۽ ايران ۾ دوستي ڪرائڻ وڃي رهيا آهيون، انهن فرمايو ته ان تي ملڪ جو ڪيترو پيسو خرچ ڪيو ويو. انهن فرمايو ته حڪومت قوم کي اهو چيو هو ته نيشنل ايڪشن پلان پوري ملڪ جي لاءِ آهي پر نيشنل ايڪشن پلان کي سنڌ،بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي تائين محدود ڪيو ويو آهي ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي آڙ ۾ پختونن، سنڌين ۽ مهاجرن جي خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. پر جڏهن مختلف طبقن جي ماڻهن حڪومت کان اهو مطالبو ڪيو ته سڀني کان وڌيڪ جهادي مدرسا ته پنجاب ۾ آهن. ان جي ڪري  ٻين صوبن وانگر  پنجاب ۾ به فوج يا رينجر جي ذريعي آپريشن ڪيو وڃي ته وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار۽ پنجاب جا وزير اعلٰي ميان شهباز شريف ميدان ۾ اچي ويا ته پنجاب ۾ فوج يا رينجر جي ذريعي آپريشن نه ٿيندو.  انهن سوال ڪيو ته جيڪڏهن پنجاب ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي تحت ڪاروائي نه ڪرڻي آهي ته پوءِ پنجاب کي الڳ ۽ باقي ٽن صوبن کي الڳ ڪري ڇڏجي.  انهن فرمايو ته حڪومت جو ايڪشن پلان اهو آهي ته پختونن، بلوچن، سنڌين ۽ مهاجرن جي خلاف ته فوج جي ذريعي ڪاروائي ڪئي وڃي پر پنجاب ۾ ڪاروائي نه ڪئي وڃي. انهن سوال ڪيو ته تعصب الطاف حسين ڪري رهيو آهي يا حڪومت ڪري رهي آهي؟ وزير اعظم قوم سان ڪوڙ ڳالهايو آهي. اصل پابندي ته وزير اعظم تي لڳڻ گهرجي.جناب الطاف حسين فرمايو ته سڄو ملڪ دهشت گردي جي ور چڙهيل آهي. معصوم شهري دهشت گردن جي هٿان ماريا پيا وڃن پر نواز شريف شهرين جي جان و مال جي تحفظ جي بجاءِ پنجاب خصوصن لاهور ۾ ميٽرو بڻائڻ ۾ مصروف آهن. ڇو ته انهن کي ملڪ جي نه بلڪه تخت لاهور جي ڳڻتي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن وزير اعظم ميان نواز شريف وزير اعلٰي سنڌ قائم علي شاھ کي سنڌ ۾ رينجر جي اختيارن جي معاملي تي ڳالھھ ٻولھھ جي لاءِ گهرايو ته ملاقات ۾ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار به موجود هئا.  وزير اعظم چوڌري نثار کي سنڌ ۾ وڃي ڪري معاملي کي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر چوڌري نثار سنڌ نه آيا. انهن سوال ڪيو ته ڇا ان ملڪ ۾ ڪائي حڪومت قائم آهي؟ هڪ طرف ته نيشنل ايڪشن پلان جي تحت سنڌ ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ماڻهن کي  گرفتار ڪيو پيو وڃي پر کلي عام دهشت گردي جي ترغيب ڏيڻ واري ۽ فوج تي حملا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ واري لال مسجد جي مولانا عبدالعزيز کي گرفتار ڪيو نه ٿو وڃي. وزير داخلا قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ غلط بياني ڪئي ته مولانا عبدالعزيز کي ان جي ڪري گرفتار ڪيو نه ٿو وڃي جو  انهن جي خلاف ڪوئي به مقدمو نه آهي.  جڏهن ته پارليامينٽ ۾ مولانا عبدالعزيز جي خلاف مقدمن جا ثبوت پيش ڪيا ويا آهن. انهن سوال ڪيو ته ڇا چوڌري نثار کي مولانا عبدالعزيز جي مرضي تي لال مسجد وارن جي هٿان فوج جي ليفٽنٽ ڪرنل ۽ ايس ايس جي جي ڪمانڊر ۽ پوليس اهلڪارن جي شهادت جا واقعا نظر نه ٿا اچن؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته مان محب وطن غريب ۽ مظلوم پنجابي عوام کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو ساٿ ڇڏي ڏين ۽ تخت لاهور تي ويٺل ماڻهن کان نجات حاصل ڪرڻ جي لاءِ الطاف حسين سان گڏ اچي ملن. انهن پختونن، بلوچن، سنڌين ، هزاري والن، سرائيڪين، گلگتي بلتستانين ۽ ڪشميري ڀائرن کي به چيو ته اهي به الطاف حسين کي پنهنجو ڀاءُ سمجهن. جعلي سياستدانن جو ساٿ ڇڏي ڏين ۽ وڏيرن ۽ جاگيردارن کان نجات جي لاءِ الطاف حسين سان گڏ اچي ملن. جناب الطاف حسين فوج ۽ رينجر جي سپاهين کي به مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان پاڪستان جي دفاع جي لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪريو ٿا. اوهان اڄ واعدو ڪريو ته اوهان جي هٿن سان ڪنهن به مظلوم جو رت نه وهندو. اوهان جا ٻار اسان جي ٻارن وانگر آهن. اوهان جون امڙيون ۽ ڀينرون به اسان جي امڙين ۽ ڀينرن وانگر مسئلن جي حل جي لاءِ در در جون ٺوڪرون کائينديون وتن ٿيون.اوهان فوج ۾ بغاوت نه ڪريو بلڪه ملڪ جي نظام جي بهتري جي لاءِ الطاف حسين سان گڏ اچي وڃو. انهن فرمايو ته مان پوري ملڪ جي سمورن غريبن کي دعوت ڏيان ٿو ته اهي الطاف حسين جو ساٿ ڏين، اسان ملڪ کي چورن ۽ ڌاڙيلن کان نجات ڏيارينداسين ۽ ملڪ تي غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني قائم ڪنداسين. انهن سمورن مڪاتب فڪر سان تعلق رکندڙ عالمن سڳورن کي به اپيل ڪئي ته اهي به پنهنجي فقه ۽ مسلڪ تي قائم رهندي شيطاني قوتن کان نجات جي لاءِ الطاف حسين جا هٿ مضبوط ڪن . جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ملڪ جي ان موجوده صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اوهان کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.  پاڪستان ۾ 20 صوبا بڻايو ۽ سنڌ ۾ اسان جو به صوبو بڻائي ڇڏيو ته پوءِ پورو سنڌ اوهان جي عهدي جي مدي ۾ ٽن سالن جي واڌاري جي حمايت ڪندو.جناب الطاف حسين فرمايو ته مان سچيون ۽ کريون ڳالهيون ڪريان ٿو انهي جي ڪري حڪومت پيمرا جي ذريعي منهنجن خطابن کي نشر ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. انهن فرمايو ته منهنجي تصوير ڀلي نه ڏيکاري وڃي پر ماڻهن تائين منهنجي آواز پهچڻ ڏني وڃي ۽ ان غيرقانوني پابندي کي ختم ڪيو وڃي. انهن سمورن تنظيمي شعبن جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي تلقين ڪئي ته اهي پنهنجي ڪم کي بهتر بڻائين ۽ پنهنجين صفن ۾ اتحاد کي وڌيڪ مضبوط بڻائين.  انهن اوورسيز جي يونٽن تي به زور ڏنو ته اهي به پنهنجين پنهنجين ذميوارين جو احساس ڪن ۽ مظاهرن ۽ خطن جي ذريعي قوم تي ٿيندڙ ظلمن کان سڄي دنيا کي آگاھ ڪن. 
*****

5/10/2024 2:07:17 AM