Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي کي عوام هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪندا.حق پرست سينيٽر.


جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي کي عوام هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪندا.حق پرست سينيٽر.
 Posted on: 1/27/2016
جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي کي عوام هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪندا.حق پرست سينيٽر.
ڪراچي: 27 جنوري 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي سينيٽرن چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي جمهوريت ۽ اظهار رائي جي آزادي جي بلڪل خلاف آهي ۽ ان پابندي کي حق پرست عوام هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪندا. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي جي خلاف ڪالھھ ڪراچي جي لکين ماڻهن چورنگين ۽ روڊن تي پنهنجو پرامن احتجاج ريڪارڊ ڪرايو آهي. جيڪو اختياري ڌرين کي آگاھ ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي. انهن چيو ته جمهوري دور ۾ حڪومت جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي اظهار  رائي جي آزادي جون ڌڄيون اڏائڻ جي برابر آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته ملڪ ۾ پابندي وڌل تنظيمن جا نام نهاد اڳواڻ پاڪ فوج، ملڪ ۽ قوم جي خلاف کلي عام لائوڊ اسپيڪرن تي تقريرون ڪري رهيا آهن. پر انهن تي ته ڪا به پابندي نه آهي پر جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي. انهن اظهار رائي جي آزادي جي علمبردار ملڪي ۽ عالمي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽  تصويرن تي عائد پابندي جي خلاف آواز  بلند ڪن. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان به مطالبو ڪيو ته اهي جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي جو فوري طور تي خاتمو ڪرائين نه ته عوام ان پابندي جي خلاف ان وقت تائين احتجاج رکندا جيستائين ان جو خاتمو ٿي نه ٿو وڃي. 
*****

5/10/2024 6:52:31 AM