Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اڱاري جو ڏينهن اسيمبلي ۾ پرائيويٽ ميمبر ڏينهن هوندو آهي پر سنڌ حڪومت ان ڏينهن لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 جي بل ۾ ترميم آندي آهي. خواجه اظهار الحسن.


اڱاري جو ڏينهن اسيمبلي ۾ پرائيويٽ ميمبر ڏينهن هوندو آهي پر سنڌ حڪومت ان ڏينهن لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 جي بل ۾ ترميم آندي آهي. خواجه اظهار الحسن.
 Posted on: 1/28/2016
اڱاري جو ڏينهن اسيمبلي ۾ پرائيويٽ ميمبر ڏينهن هوندو آهي پر سنڌ حڪومت ان ڏينهن لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 جي بل ۾ ترميم آندي آهي. خواجه اظهار الحسن.
پي پي پنهنجي اڪثريت جي بنياد تي پنهنجي مرضي جون ترميمون آڻي رهي آهي. جنهن کي اسان هائي ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو آهي. وسيم اختر.
سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي آرڊيننس 2013 جي متعلق سنڌ هائي ڪورٽ ۾ مقدمي جي ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ.
ڪراچي: 28 جنوري 2016 
                     سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته اڱاري جو ڏينهن اسيمبلي ۾ پرائيويٽ ميمبر ڏينهن هوندو آهي پر سنڌ حڪومت جي طرفان ان ڏينهن ترميم ڪئي وئي آهي جيڪو غير قانوني آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن  سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي آرڊيننس 2013 جي خلاف سنڌ هائي ڪورٽ ۾ مقدمي جي ٻڌڻي کان پوءِ هائي ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ ۽ نامزد ميئر وسيم اختر به موجود هئا. خواجه اظهار الحسن چيو ته پي پي پنهنجي اڪثريت جي بنياد تي اسيمبلي کي پنهنجي اوطاق بڻائي ڇڏيو آهي ۽ انهي جي ڪري اها پنهنجي مرضي جون ترميمون ڪرائي رهي آهي، پر اسان هائي ڪورٽ کي اهو ئي ٻڌائڻ آيا آهيون ته اها شو آف هينڊ جي ترميم اڳ نه هئي، پر هاڻي ان قسم جون ترميمون ڪري مڪاني نمائندن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وسيم اختر چيو ته پي پي اسيمبلي ۾ اڪثريت ۾ هجڻ جي ڪري پنهنجي مرضي جون ترميمون ڪري رهي آهي. جنهن کي اسان هائي ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو آهي. انهن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسان کي هائي ڪورٽ کان انصاف ملندو. انهن وڌيڪ چيو ته اليڪشن جي رولز جي مطابق شيڊول انائونس هجڻ کان پوءِ ترميم نه ٿي ڪري سگهجي. 
*****

5/9/2024 11:48:10 PM