Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تنظيم نو، سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي کي تحليل ڪري ٽي رڪني سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي آهي


ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تنظيم نو، سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي کي تحليل ڪري ٽي رڪني سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي آهي
 Posted on: 1/25/2016
ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تنظيم نو، سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي کي تحليل ڪري ٽي رڪني سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي آهي
توقع آهي ته نوان ميمبر  نارٿ آمريڪا ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪم کي جديد سائنسي طريقن سان وڌيڪ بهتر بڻائيندا.نديم نصرت
لنڊن: 25 جنوري 2016 
 ايم ڪيو ايم اوورسيز يونٽن جي تنظيم نو جي ٻئي مرحلي ۾ ايم ڪيو ايم نارٿ آمريڪا جي تنظيم نو جو آغاز ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي جي موجوده ڪميٽي کي تحليل ڪري ٽي رڪني ڪميٽي مقرر ڪئي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ان فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.فيصلي جو اعلان ايم ڪيو ايم جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت ايم ڪيو ايم آمريڪا جي جنرل ورڪرز اجلاس سان ٽيلفون تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڪيو.  رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي مطابق ايم ڪيو ايم جي نئين سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي جو انچارج تحريڪ جو سينيئر ميمبر ۽ سابق ڊپٽي ميئر ڪراچي متين يوسف هوندو، جڏهن ته سابق ميمبر سنڌ اسيمبلي عارف صديقي سينيئر جوائنٽ آرگنائيزر  ۽ شميم صديقي جوائنٽ آرگنائيزر هوندا.  نئين ڪميٽي آئنده ڪجھھ ڏينهن ۾ مشاورت ڪري سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي ۾ نون ميمبرن جي اضافي جي سفارش به ڪندي. اجلاس کي خطاب ڪندي نديم نصرت آمريڪا يونٽ جي سابقه آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبرن جي تنظيمي خدمتن تي انهن کي خراج تحسين به پيش ڪيو. انهن نئين ڪميٽي کي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي ان توقع جو اظهار ڪيو ته نوان ذميوار نارٿ آمريڪا ۾ تحريڪ جي ڪم کي جديد سائنسي طريقن سان وڌيڪ بهتر بڻائيندا. نديم نصرت ڪارڪنن ۽ ذميوارن تي زور ڏنو ته اهي آمريڪا جي سمورين رياستن ۾ تحريڪ جي پيغام کي ڦيلائڻ جي لاءِ پنهنجن فرضن کي پوري ذميواري سان انجام ڏين ۽ آمريڪا جي پارليامينٽ ۽ انساني حقن جي ادارن کي به ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي لڳاتار گرفتارين ، انهن کي لاپتا ڪرڻ، ماورائي عدالت قتلن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي واقعن کان به آگاھ ڪن. 


5/9/2024 6:16:24 PM