Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

هن احتجاجي مظاهري ۾ اهي ملازم پنهنجي ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ پروموشن جي لاءِ نه آيا آهن بلڪه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيانن ۽ تصويرن تي پابندي جي خلاف يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ آيا آهن.ليبر ڊويزن جوائنٽ انچارج ارشد انصاري.

 Posted on: 1/28/2016

پريس ڪلب تي مظاهري کي خطاب.
ڪراچي: 28 جنوري 2016 
                     ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي جوائنٽ انچارج ارشد انصاري چيو آهي ته  ڪراچي جا ملازم جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي جي خلاف هتي گڏ ٿيا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ٻيا به موجود هئا.  مظاهري ۾ ملازمن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ارشد انصاري خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي سامهون ملازمن جو اهو سڀني کان وڏو مظاهرو آهي. هتي اهي ملازم پنهنجي ٽرانسفر ، پوسٽنگ ۽ پروموشن ڪرائڻ جي لاءِ نه بلڪه جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي جي خلاف يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ آيا آهن. انهن چيو ته تاريخ 
شاهد آهي ته مزدور طبقو جيڪڏهن منظم ٿي ڪري احتجاج ڪري ته پوءِ تاج ۽ تخت به سلامت رهي نه ٿا سگهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي ليبر ڊويزن جوائنٽ انچارج انجنيئر ڪاشف چيو ته ميڊيا تي جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي پاڪستان جي آئين جي خلاف آهي پر جڏهن ته هڪ عام شهري کي اظهار رائي جي آزادي جو به مڪمل حاصل حق آهي.انهن چيو ته لاهور هائي ڪورٽ جناب الطاف حسين تي پابندي اهو چئي ڪري لڳائي هئي ته اها پابندي صرف 15 ڏينهن جي لاءِ آهي. پر جڏهن ته هاڻي ان پابندي کي ٽن مهينن کان به وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي. 
*****

5/10/2024 2:52:43 AM