Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو سعودي عرب ۽ ايران جي دوري جو اعلان هڪ سٺو قدم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


وزير اعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو سعودي عرب ۽ ايران جي دوري جو اعلان هڪ سٺو قدم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 1/16/2016
وزير اعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو سعودي عرب ۽ ايران جي دوري جو اعلان هڪ سٺو قدم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ايم ڪيو ايم جو اهو اصولي موقف رهيو آهي ته پاڪستان برادر اسلامي ملڪن جي تڪرار ۾ ڌر بڻجڻ ۽ ڪنهن هڪ ملڪ جو ساٿ ڏيڻ جي بجاءِ غير جانبدار رهي.جناب الطاف حسين
لنڊن: 16 جنوري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي طرفان سعودي عرب ۽ ايران جي وچ  ۾ ٽياڪڙو ڪرائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي دوري جي اعلان جو زبردست خير مقدم ڪيو آهي ۽ ان کي هڪ سٺو قدم قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته سعودي عرب ۽ ايران جي تڪرار جي شروعات کان وٺي ئي ايم ڪيو ايم جو اهو اصولي موقف رهيو آهي ته پاڪستان اسلامي ملڪن جي ان تڪرار ۾ ڌر بڻجڻ ۽ ڪنهن هڪ ملڪ جو ساٿ ڏيڻ جي بجاءِ غير جانبدار رهي ۽ مصالحت جو ڪردار ادا ڪري. انهن فرمايو ته ماضي ۾ به حڪمرانن ٻين جي تڪرارن ۾ پاڪستان کي ڌڪي ڪري ملڪي سلامتي، استحڪام، سيڪيورٽي ۽ غير جانبداري کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو ۽ وقتي مفادن جي لاءِ اهڙا فيصلا ڪيا جن جو نتيجو پاڪستان ۽ خصوصن ان جا عوام اڄ تائين دهشت گردي جو نشانو بڻجي ڪري ڀوڳي رهيا آهن.جناب الطاف حسين فرمايو ته مون کي خوشي آهي ته وزير اعظم ۽ آرمي چيف قوم جي آواز تي لبيڪ چوندي سعودي عرب ۽ ايران جي تڪرار ۾ ڌر بڻجڻ جي بجاءِ مصالحت جو ڪردار ادا ڪرڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي اهو نه صرف عوامي خواهشن جي مطابق آهي بلڪه پاڪستان جي عين مفاد ۾ به آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مون کي اميد آهي ۽ مان خدا جي حضور دعاگو به آهيان ته اهو وزير اعظم ۽ آرمي چيف جي سعودي عرب ۽ ايران جي ان دوري کي ڪامياب بڻائي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪٿاڻ جو خاتمو ڪري ۽ ڀائري وارا تعلقات قائم ڪري ۽ وچ اوڀر سميت سڄي دنيا ۾ هميشه جي لاءِ امن قائم ڪري. 


5/9/2024 10:15:01 PM