Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڊفينس ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سان شهريار نالي نوجوان جي هلاڪت ۽ ان واقعي کي پوليس مقابلو قرار ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.


ڊفينس ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سان شهريار نالي نوجوان جي هلاڪت ۽ ان واقعي کي پوليس مقابلو قرار ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.
 Posted on: 1/18/2016
ڊفينس ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سان شهريار نالي نوجوان جي هلاڪت ۽ ان واقعي کي پوليس مقابلو قرار ڏيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 18 جنوري 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڊفينس ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سان  شهريار نالي نوجوان جي هلاڪت ۽ ان واقعي کي پوليس مقابلو قرار ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته شهر ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سان بي ڏوهي نوجوان جي هلاڪت جو اهو ڪو پهريون واقعو نه آهي بلڪه ان کان اڳ به پوليس سان جعلي مقابلن ۾ نوجوانن جي هلاڪت جا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن. جنهن سان پوليس کاتي ۽ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا. رابطا ڪميٽي چيو  ته شهريار جي جعلي پوليس مقابلي ۾ هلاڪت وڏي پوليس گردي آهي ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي طرفان پنهنجن اختيارن کان تجاوز ڪرڻ جو هڪ ٻيو وڏو ثبوت آهي.جنهن جي جتيري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪڏهن عوام جي جان و مال جي تحفظ جو کاتو پوليس ئي  شهرين ۽ ڏوهارين ۾ تميز  ڪرڻ ڇڏي ڏي ۽ اهو پنهنجي پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ته شهري پنهنجي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ ڪيڏانهن وڃن. رابطا ڪميٽي شهريار جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهريار کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.  رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي شهريار جي جعلي پوليس مقابلي ۾ هلاڪت جي لاءِ فوري طور تي تحقيقاتي ڪميٽي قائم ڪن ۽ غفلت جو مظاهرو ڪرڻ وارن پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن جي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. 
*****

5/9/2024 10:17:53 PM