Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

صلح جي لاءِ وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي سعودي عرب ۽ ايران جي دوري جو خير مقدم ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


صلح جي لاءِ وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي سعودي عرب ۽ ايران جي دوري جو خير مقدم ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 1/16/2016
صلح جي لاءِ وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي سعودي عرب ۽ ايران جي دوري جو خير مقدم ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لشڪر جهنگوي، جيش محمد، جماعت الدعوه، جماعت اسلامي، اسلامي جميعت طلبه ۽ ٻين مذهبي انتها پسند تنظيمن تي فوري طور تي پابندي لڳائي ڪري انهن جي مرڪزن تي تالا وڌا وڃن
ميڊيا کي ميئر جي منصب جي عزت ڪندي وسيم اختر کي ميڊيا ۾ انهن جو جائز حصو ڏيڻ گهرجي
نارٿ ناظم آباد جيم خانه ۾ نارٿ ناظم ريذيڊنس ڪميٽي جي زير اهتمام منعقد ڪيل اجتماع کي خطاب
لنڊن: 17 جنوري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مان سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ صلح جي لاءِ وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي طرفان سعودي عرب ۽ ايران جي دوري جو خير مقدم ڪريان ٿو ۽ انهن کي ان تي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهو هڪ سٺو قدم آهي ۽ امن ۽ صلح جي انهن مثبت ڪوششن ۾ وزير اعظم ۽ جنرل راحيل شريف کي منهنجو غير مشروط تعاون حاصل هوندو. انهن خيالن جو اظهار انهن نارٿ ناظم آباد جيم خانه ۾ نارٿ ناظم آباد ريذيڊنس ڪميٽي جي زير اهتمام منعقد ڪيل اجتماع کي خطاب ڪندي فرمايو. تقريب ۾ وڪيلن، انجنيئرن، اديبن، شاعرن، پروفيسرن، واپارين، دانشورن ۽ ٻين معززن سان گڏو گڏ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، نامزد ميئر وسيم اختر، اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين ذميوارن شرڪت ڪئي. جناب الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ان موقف کي ورجايو ته پاڪستان کي 34 ملڪي اتحاد ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي. اسان ڪنهن به تڪرار ۾ پنهنجي فوج کي نه ڌڪيون ۽ پاڪستان جي سلامتي جي لاءِ سوچون. سمورن حاظرين پنهنجا هٿ مٿي کڻي ڪري جناب الطاف حسين جي ان ڳالھھ جي تائيد ڪئي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي سعودي عرب ۽ ايران جي دوري جو خير مقدم ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن اهي سعودي عرب ۽ ايران ۾ مصالحت ڪرائي ڇڏين ته اهو هن پرڳڻي جي لاءِ هڪ سٺو سنوڻ هوندو. قرآن پاڪ جي سوره حجرات ۾ به الله تعالٰي جو اهو ئي فرمان آهي ته جيڪڏهن مومنن جون ٻه ڌريون پاڻ ۾ وڙهي پون ته انهن ۾ صلح ڪرائي ڇڏيو. انهن فرمايو ته مان دعا ڪريان ٿو ته الله تعالٰي وزير اعظم نواز شريف ۽ جنرل راحيل شريف جي ڪوششن کي ڪامياب ڪري. انهن فرمايو ته اسان کي پروڪسيز بڻائڻ ۽ انهن کي مخصوص مقصدن جي لاءِ ٻين ملڪن ۾ موڪلڻ جي پاليسي کي ترڪ ڪرڻ گهرجي. اسان کي نه ته پروڪسيز بڻائڻ گهرجن ۽ نه ئي انهن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. انهن مطالبو ڪيو ته لشڪر جهنگوي، جيش محمد، جماعت الدعوه، جماعت اسلامي ، جميعت طلبه ۽ اهڙين ٻين مذهبي انتها پسند تنظيمن تي فوري طور تي پابندي لڳائي ڪري انهن جي مرڪزن تي تالا وڌا وڃن. 
سمورن حاظرين ان مطالبي جي هٿ مٿي کڻي ڪري تائيد ڪئي. انهن فرمايو ته اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه دوست ۽ ڀلائي چاهيندڙ آهيون. اسان پاڪستان جي سلامتي ، بقا ۽ ترقي چاهيون ٿا. اسان جيڪڏهن سخت ڳالهيون به ڪريون ٿا ته اهي پاڪستان جي دوست ۽ خير خواھ جي حيثيت سان ۽ ملڪي مفاد ۾ ڪريون ٿا. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ سياسي تحريڪ آهي، جيڪا فرسوده جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ڪري محروم ماڻهن کي انهن جا حق ڏيارڻ چاهي ٿي. اسان مهاجرن سان گڏو گڏ سموريون زبانون ڳالهائڻ وارن غريبن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. ڪوٽا سسٽم جي نالي تي صوبائي نوڪرين ۾ مهاجرن کي بلڪل ئي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. اڄ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ مهاجر ڳولڻ سان به نه ٿا ملن. اسان چاهيون ٿا ته ملڪ کان ڪوٽا سسٽم جو اهو غير منصفانه قانون ختم ٿئي ۽ فوج ، پوليس ۽ سول سروسز سميت سمورن شعبن ۾ مهاجرن سان ٿيندڙ امتيازي سلوڪ ختم ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته مان سنڌي، پنجابي، بلوچ، پختون، سرائيڪي، ڪشميري، هزاري وال يا ڪنهن به قوم کان نفرت نه ٿو ڪريان. پر مان صرف اهو چاهيان ٿو ته مهاجرن سان به نفرت نه ڪئي وڃي. ۽ انهن کي به برابر جو پاڪستاني سمجهيو وڃي. جناب الطاف حسين پاڪستان ۾ وڌيڪ صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي قيام جي مطالبي کي به ورجايو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر يقين ڏياريو ته سنڌ ۾ شهري صوبي تي صرف مهاجرن جو ئي حق نه هوندو بلڪه هتي رهندڙ سمورن سنڌين، بلوچن، پنجابين، پختونن، سرائيڪن، هزاري والن، ڪشميرين ۽ سمورين برادرين ۽ مذهبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جو برابر جو حق هوندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم هر بار عوام جي ووٽن سان ڪامياب ٿيندي آئي آهي پر ان جي باري ۾ اهو پروفيگنڊو ڪيو  ويندو رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم بندوق جي زور تي يا ڏاڍ جي ذريعي ووٽ حاصل ڪري ٿي. ايم ڪيو ايم رينجر ۽ فوج جي موجودگي ۾ نه صرف اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي بلڪه هن مڪاني اليڪشن ۾ به ڪراچي ، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، نواب شاھ، ٽنڊو الهيار ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ دنيا کي هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ٻڌائي ڇڏيو ته ان کي عوام جو حقيقي مينڊيٽ حاصل آهي. هاڻي سياسي مخالفن، سياسي تجزيه نگارن ۽ اينڪر پرسنن کي به ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ جي باري ۾ منفي پروفيگنڊو ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو وڃي ۽ چونڊيل نمائندن کي اختيار ڏنا وڃن ته جيئن اهي عوام جا مسئلا حل ڪري سگهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته نامزد ميئر وسيم اختر عوام جو ڀرپور مينڊيٽ وٺي ڪري ڪامياب ٿيا آهن ان جي ڪري ميڊيا کي به ميئر جي منصب جي عزت ڪندي انهن کي ميڊيا ۾ انهن جو جائز حصو ڏيڻ گهرجي.
مکمل وڈیو

5/10/2024 3:23:51 AM