Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي تنظيمي اسٽرڪچر ۾ بنيادي تبديلين جو اعلان


ايم ڪيو ايم جي تنظيمي اسٽرڪچر ۾ بنيادي تبديلين جو اعلان
 Posted on: 1/17/2016
ايم ڪيو ايم جي تنظيمي اسٽرڪچر ۾ بنيادي تبديلين جو اعلان
نئين تنظيمي اسٽرڪچر ۾ يونٽ َ “ يوسيز ” چورائيندا ، يونٽ انچارج َ يوسي آرگنائيزر چورائيندا
جڏهن ته يونٽ ڪميٽي  يونين آرگنائيزنگ ڪميٽي چورائيندي
نئين تنظيمي اسٽرڪچر ۾ سيڪٽر َ “ ٽائون ” چورائيندا، سيڪٽر انچارج  “ ٽائون آرگنائيزر چورائيندا
سيڪٽر ڪميٽي  ٽائون آرگنائزنگ ڪميٽي چورائيندي
ٽائون جي تنظيمي معاملن جي نگراني سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل ڪندي
تنظيمي اسٽرڪچر ۾ ڪئي ويندڙ انهن تبديلين جو اطلاق في الحال صرف ڪراچي ۾ ٿيندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي انهن فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي
ڪراچي: 17 جنوري 2016 
 ايم ڪيو ايم جي نئين مڪاني نظام سان هم آهنگ ڪرڻ، تحريڪ کي جديد خطن تي استوار ڪرڻ ۽ تنظيمي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جا ڪيترن ئي ڏينهن تائين گڏيل اجلاس ٿيا. انهن اجلاسن ۾ ان ڳالھھ تي تفصيلي غور ڪيو ويو ته تحريڪ جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ جيڪي بنيادي تنظيمي يونٽ بڻايا ويا هئا. اهي ان زماني جي مڪاني تڪن سان مطابقت رکندا هئا. ان مطابقت جو فائدو اهو ٿيو هو ته يونٽ جا ذميوار ۽ مڪاني ڪائونسلر گڏجي ڪري  ڪم ڪندا رهيا. ۽ يونٽ جي عوام جي خدمت ڪندا رهيا. پر نئين مڪاني نظام ۾ تبديلي سان گڏ تڪن ۾ به تبديلي ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي اهي يونٽ يوسي  چورائيندا. پکيڙ جي لحاظ کان اهي يوسيون نه ته پراڻن بلدياتي يونٽن سان مطابقت رکن ٿيون ۽ نه ئي اسان جي تنظيمي يونٽن سان مطابقت رکن ٿيون. جنهن جي ڪري اهو مسئلو  پيش آيو آهي ته ڪجھھ يوسين ۾ هڪ کان وڌيڪ يونٽ شامل آهن. ڪنهن يوسي ۾ صرف هڪ يونٽ آهي ته ڪنهن ۾ ٻه ۽ ڪنهن ۾ اڍائي يا ٽي يونٽ شامل آهن. مڪاني نظام جي تڪن ۾ تبديلي جي ڪري تنظيمي مسئلا پيش اچي رهيا آهن. هڪ  مسئلو اهو به آهي ته يوسي ڪائونسلر ڪهڙي يونٽ سان گڏجي ڪري ڪم ڪري ۽ جيڪڏهن ڪوئي ڪائونسلر عوام جي صحيح طريقي سان خدمت نه ڪري رهيو آهي ته ڪهڙي يونٽ کان جواب ورتو وڃي. جيتوڻيڪ ان صورتحال جي روشني ۾ تفصيلي بحث مباحثي ۽ غور کان پوءِ هاڻي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم کي نئين مڪاني نظام سان هم آهنگ ڪرڻ، تحريڪ کي جديد خطن تي استوار ڪرڻ ۽ تنظيمي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ تنظيمي اسٽرڪچر ۾ تبديلي آندي وڃي ۽ پراڻي مڪاني نظام سان مطابقت رکڻ وارن يونٽن کي هاڻي نئين يوسين جي بنياد تي جوڙيو وڃي. تنظيمي اسٽرڪچر جي حوالي سان رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ هي فيصلا ڪيا ويا آهن. 
1 هاڻي ڪراچي ۾ يوسين جي بيناد تي يونٽ هوندا.
2 نئين تنظيمي اسٽرڪچر ۾ هاڻي يونٽَ....... يوسيون چورائيندا.
3 يونٽ انچارجز ....هاڻي يوسي آرگنائيزر  چورائيندا.
4 يونٽ ڪميٽي  هاڻي يونين آرگنائيزرنگ ڪميٽي چورائيندي. 
5 نئين تنظيمي اسٽرڪچر ۾ سيڪٽر هاڻي ٽائون چورائيندا.
6 سيڪٽر انچارجَ هاڻي ٽائون آرگنائيزر  چورائيندا. 
7 سيڪٽر ڪميٽي هاڻي ٽائون آرگنائيزنگ ڪميٽي چورائيندي.
ڪراچي ۾ هن وقت ايم ڪيو ايم جا 26 سيڪٽر آهن، نئين تنظيمي اسٽرڪچر جي تحت اهي 26 ٽائون چورائيندا. 
8 انهن 26 ٽائونن جا تنطيمي معاملا سينٽرل آرگنائزنگ ڪائونسل ڏسندي. 
9 ٽائون جي تنظيمي معاملن جي نگراني جي لاءِ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبرن ۾ ڪراچي جي ضلعن جي سطح تي ڪم جي ورهاست ڪئي ويندي. يعني سي اي سي جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽيون پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ ايندڙ ٽائونن جا تنطيمي معاملا ڏسنديون. 
10 يونين آرگنائيزنگ ڪميٽين ۽ ٽائون آرگنائيزنگ ڪميٽين جي تنظيم نو سي اي سي ڪندي. اها تنطيم نو مرڪزي رابطا ڪميٽي جي منظوري سان ڪئي ويندي ۽ سي اي سي رابطا ڪميٽي کي جوابده هوندي. 
11   يونين آرگنائيزنگ ڪميٽين ۽ ٽائون آرگنائيزنگ ڪميٽين جي مدت ٻه سال هوندي. هر ٻن سالن کان پوءِ نيون ڪميٽيون تشڪيل ڏنيون وينديون. 
12 ٻين تنظيمي شعبن مثال طور شعبه خواتين ۽ ليبر ڊويزن وغيره جي تنظيم نو جو ڪم به جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. تنظيمي ڪميٽين جي شعبن جو مدو به ٻه سال هوندو. 
13 تنظيمي اسٽرڪچر ۾ ڪئي ويندڙ انهن تبديلين جو اطلاق في الحال صرف ڪراچي ۾ ٿيندو. 
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي انهن فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي ۽ سي اي سي جي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته تنظيمي اسٽرڪچر ۾ ڪئي ويندڙ انهن تبديلين جي روشني ۾ سابقه يونٽن ۾ گهربل ضروري تبديليون ۽ يوسين جي ڪميٽين جي تشڪيل جو ڪم به جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.

  

5/10/2024 1:51:05 AM