Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ حق پرست مڪاني نمائندن کي ڪامياب ڪرائڻ تي سنڌ حڪومت ڪراچي جي ماڻهن کي ڏکائين ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڪنور نويد جميل.


ڪراچي ۾ حق پرست مڪاني نمائندن کي ڪامياب ڪرائڻ تي سنڌ حڪومت ڪراچي جي ماڻهن کي ڏکائين ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڪنور نويد جميل.
 Posted on: 1/17/2016
ڪراچي ۾ حق پرست مڪاني نمائندن کي ڪامياب ڪرائڻ تي سنڌ حڪومت ڪراچي جي ماڻهن کي ڏکائين ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڪنور نويد جميل.
لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب.
ڪراچي: 17 جنوري 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪنور نويد جميل چيو آهي ته ڪارڪنن جي تمام گهڻي محنت ۽ عوام جي حمايت سان مڪاني اليڪشن ۾ اسان ڪامياب ٿيا آهيون. پر سڙيل ذهنن جا حڪمران مڪاني نمائندن کي اختيار ئي نه ڏيئي رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. انهن وڌيڪ چيو ته ٽي وي چينلن تي ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪوڙا پروفيگندا ڪيا ويا. پر عوام پنهنجي طاقت سان سمورن پروفيگنڊن کي رڌ ڪري ڇڏيو. انهن چيو ته مڪاني اختيارن جي لاءِ اسان پهرين آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪنداسين ۽ ڪورٽن جو سهارو وٺنداسين پر جيڪڏهن اسان کي پوءِ به اختيار نه مليا ته پوءِ اسان عوام جي مدد سان اختيار وٺي ڪري ترقي جو سلسلو شروع ڪنداسين. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جمهوري نظام کي ترقي ڪندو ڏسڻ چاهين ٿا پر عوام کي بي اختيار ڪري جمهوريت جي گاڏي کي هلائي نه ٿو سگهجي. انهن چيو  ته ڪراچي ۾ مڪاني نظام کان پوءِ سنڌ حڪومت شهرين کي ڏکائين ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ انهن کي حق پرستي جي سزا ڏني پئي وڃي ۽ هڪ منصوبي جي تحت ڪراچي جا گٽر بند ڪيا پيا وڃن ته جيئن ڪراچي جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي وڃي. 

5/10/2024 3:12:49 AM