Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
عالمي شهرت يافته قوال امجد صابري شهيد کي هزارين آلين اکين سان گڏ پاپوش نگر جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

                      عالمي شهرت يافته قوال امجد صابري شهيد کي هزارين آلين اکين سان گڏ پاپوش نگر جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز جي موقعي تي هر اک آلي هئي ۽ علائقي جو سمورو ڪاروبار به بند هو. عوام پنهنجن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون هيون. جنازي نماز جو جلوس ايترو وڏو هو جو اهو لياقت آباد نمبر 4 کان ناظم آباد نمبر 7 تائين نظر اچي
Read More    Posted on: 23 Jun 2016
امجد صابري شهيد جي سڃاڻپ پاڪستان هئي ۽ انهن جي شهادت پاڪستان جو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين

                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته امجد صابري شهيد پاڪستاني قوم جا نمائندا هئا. اهي پاڪستان جي نالي سان سڃاتا ويندا هئا ۽ پاڪستان ئي انهن جي سڃاڻپ هئي. انهن جي شهادت پاڪستان جو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. ڪوئي به مهاجر امجد صابري جو قتل نه ٿو ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن فرض ڪريو ڪنهن مهاجر امجد صابري جو قتل ڪيو به 
Read More    Posted on: 23 Jun 2016
عوام امجدصابری شہید کے جنازے میں بھرپورتعدادمیں شرکت کر کے عظیم قوال کوخراج عقیدت پیش کریں۔الطاف حسین
متحدہ قومی موومنٹ کے قائدجناب الطاف حسین نے کراچی کے شہریوں سے اپیل کی ہے کہ وہ کل بروزجمعرات امجدصابری شہید کے جنازے میں بھرپور تعدادمیں شرکت کریں ۔اپنے بیان میں جناب الطا ف حسین نے کہاکہ امجدصابری شہیدقومی اثاثہ تھے جن کی شہادت پر ہرآنکھ اشکباراورہردل سوگوارہے۔ جناب الطاف حسین نے عوام سے اپیل کی کہ وہ امجدصابری شہید کے جنازے میں بھرپورتعدادمیں شرکت کر کے عظیم قوال کوخراج عقیدت پیش کریں۔
Read More    Posted on: 22 Jun 2016
پاڪستان جي ممتاز قوال امجد صابري جي شهادت هڪ قومي سانحو آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت

                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت پاڪستان جي ممتاز قوال امجد صابري جي شهادت جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته امجد صابري جي شهادت جو واقعو هڪ قومي سانحو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت امجد صابري کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته امجد صابري هڪ قومي اثاثو هئا ۽ اهي هڪ وڏي قوال گهراڻي سان تعلق رکندا هئا. انهن جا والد حاجي غلام فريد صابري مرحوم ۽ چاچو حاجي مقبول صابري پاڪستان جا تمام وڏا قوال هئا. امجد صابري پنهنجي والدين جي فن کي اڳتي وڌايو
Read More    Posted on: 22 Jun 2016
سينيٽر حمد الله جي طرفان ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي

                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جميعت العلماء اسلام جي سينيٽر حمد الله جي طرفان معروف اينڪر پرسن ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سينيٽر حمد الله نه صرف هڪ مذهبي جماعت جا اڳواڻ آهن بلڪه ايوان بالا 
Read More    Posted on: 22 Jun 2016
متحده قومي موومينٽ امجد صابري جي شهادت تي ٽي روزه سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو

                   متحده قومي موومينٽ عالمي شهرت يافته صوفي ۽ قوال امجد صابري جي شهادت تي ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهو اعلان رابطا ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ ڪيو ويو. تفصيلات جي مطابق اڄ نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي، اسيمبلي ميمبرن، شعبن جي ميمبرن ۽ زونل ڪميٽين جي ميمبرن جي ذميوارن جو گڏيل اجلاس منعقد ٿيو جنهن جي صدارت رابطا ڪميٽي جا ڪنوينر نديم نصرت ڪري رهيا هئا.
Read More    Posted on: 22 Jun 2016
امجد صابري جي شهادت قومي سانحو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين

                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين دهشت گردي جي واقعي ۾ نالي واري قوال امجد صابري جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي کي قومي سانحو قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته امجد صابري نه صرف عالمي شهرت يافته قوال هئا. بلڪه اهي ايم ڪيو ايم جي سچن ۽ مخلص همدردن ۾ به شمار ڪيا ويندا هئا
Read More    Posted on: 22 Jun 2016
سنڌي امڙين،ڀينرن، بزرگن ۽ نوجوانن جي نالي الطاف حسين جو خصوصي پيغام
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم غريب ۽ مظلوم سنڌين کي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي چنبي کان نجات ڏيارڻ چاهي ٿي ۽ ان جدوجهد ۾ حقن کان محروم سنڌين کي الطاف حسين جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. اها ڳالھھ انهن ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اليڪشن سيل جي ميمبر ۽ دادو جي سينيئر ساٿي غلام علي شاهاڻي سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمائي،
Read More    Posted on: 17 Jun 2016
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي نارٿ ناظم آباد بلاڪ بي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت

                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي نارٿ ناظم آباد بلاڪ بي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. نارٿ ناظم آباد بلاڪ بي ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن جي طرفان بوهري برادري سان تعلق رکڻ وارن ادريس حسين ۽ حسين تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ٻنهي کي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ عباسي شهيد اسپتال نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي ادريس حسين ڌڻي تعالٰي کي پيارا ٿي ويا ۽ جڏهن ته حسين جي حالت به انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.
Read More    Posted on: 17 Jun 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي بينڪ اڪائونٽن جي حوالي سان شايع ۽ نشر ٿيندڙ خبرون بي بنياد آهن. ايم ڪيو ايم ترجمان

                    متحده قومي موومينٽ جي ترجمان مختلف چينلن تي  قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي بينڪ اڪائونٽن جي حوالي سان شايع ۽ نشر ٿيندڙ خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي ۽ انهن خبرن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي بينڪ اڪائونٽن جي حوالي سان سامهون ايندڙ ڪهاڻي ۾ ۽ لڳايل الزامن ۾ ڪائي به صداقت نه آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم وٽ هڪ وقت ۾ هميشه ايترائي بينڪ اڪائونٽ رهيا آهن جيترا جو ڪنهن عام ماڻهو جا هوندا آهن.
Read More    Posted on: 17 Jun 2016
منهاج قاضي جي ويڊيو ريڪارڊنگ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف عدم اعتماد آهي ۽ توهين عدالت به آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار نائن زيرو جي مبينه سيڪيورٽي انچارج منهاج قاضي جي ريڪارڊ ڪيل ويڊيو بيان ۽ ان ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪيم سعيد قتل ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. انهن چيو ته اسان ان تي سخت احتجاج ڪندي انهن ڪوڙن الزامن کي رڌ ڪريون ٿا. 
Read More    Posted on: 17 Jun 2016
ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمينن جي چونڊ جو نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪيو ويو ۽ انهن کي اختيار نه ڏنا ويا ته سڄي ڪراچي ۾ دمادم مست قلندرٿيندو. رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ

                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ چيو آهي ته ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمينن جي چونڊ جو نوٽيفيڪيشن جاري نه ڪيو ويو ۽ انهن کي اختيار نه ڏنا ويا ته سڄي ڪراچي ۾ ڌمادم مست قلندر ٿيندو ۽ سپريم ڪورٽ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمينن جي چونڊ جي غير قانوني التوا تي سوموٽو ايڪشن وٺي .
Read More    Posted on: 16 Jun 2016
ايم ڪيو ايم ايٽلانٽا چيپٽر جي زير اهتمام سانحه اوولينڊ جي متاثرن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون

                ايم ڪيو ايم ايٽلانٽا چيپٽر جي زير اهتمام آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر اوورلينڊ ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جي واقعي ۾ هلاڪ ٿيندڙن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون.
Read More    Posted on: 15 Jun 2016
نواب شاھ ۾ پوليس ۽ سي آئي اي جا ڇاپا، ايم ڪيو ايم جي 7 ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪري ورتو ويو.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي

                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي نواب شاھ ۾ پوليس ۽ سي آئي اي جي طرفان ايم ڪيو ايم جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هڻي ڪري 7 ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي
Read More    Posted on: 15 Jun 2016
نامزد حق پرست ميئر وسيم اختر ، ميئر ، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي خلاف ڪالھھ 16 جون بروز خميس تي منجهند 2 وڳي ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس جي ٻاهران پرامن احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪري ڇڏيو
نامزد حق پرست ميئر وسيم اختر ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ کي ملتوي ڪرڻ جي خلاف ڪالھھ 15 جون بروز خميس تي منجهند 2 وڳي ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس جي ٻاهران پرامن احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، انهن وڌيڪ چيو آهي ته اها چونڊ ملتوي ڪرڻ جي خلاف حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ نواب شاھ ۾ به اليڪشن ڪميشن جي آفيسن جي سامهون احتجاجي مظاهرن جو انعقاد ڪيو ويندو.
Read More    Posted on: 15 Jun 2016
Items 121 to 135 of 2634