Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيٽر حمد الله جي طرفان ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


سينيٽر حمد الله جي طرفان ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 6/22/2016
سينيٽر حمد الله جي طرفان ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ قابل مذمت آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
سينيٽر حمد الله نه صرف هڪ مذهبي جماعت جا  اڳواڻ آهن بلڪه ايوان بالا  جا ميمبر به آهن. رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 22 جون 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جميعت العلماء اسلام جي سينيٽر حمد الله جي طرفان معروف اينڪر پرسن ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سينيٽر حمد الله نه صرف هڪ مذهبي جماعت جا اڳواڻ آهن بلڪه ايوان بالا جا ميمبر به آهن ۽ انهن کي شريف ماڻهن وانگر ڳالھھ ٻولھھ ڪرڻ جو مهذبانه انداز اپنائڻ گهرجي. رابطا ڪميٽي چيو ته سينيٽر حمد الله ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ڪڏهن ڪنهن جي زبان ڇڪڻ جي ڌمڪي ڏين ٿا ته ڪڏهن ڪنهن عورت تجزيه نگار سان گندي زبان استعمال ڪن ٿا ته ڪڏهن عامر لياقت حسين جهڙي هر دلعزيز اينڪر پرسن کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏين ٿا ، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته سينيٽر حمد الله جي طرفان بار بار دليلن جو جواب غير شائسته زبان ۽ ڌمڪين سان ڏيڻ نه صرف افسوسناڪ آهي بلڪه قابل مذمت به آهي ۽ جي يو آئي جي قيادت کي گهرجي ته اها سينيٽر حمد الله جي ڌمڪين جو فوري طور تي نوٽس وٺي ۽ انهن کي لگام ڏي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ چيئرمين سينيٽ ميان رضا رباني کان مطالبو ڪيو ته اهي حمد الله جي طرفان اينڪر پرسنن ۽ تجزيه نگارن کي ڌمڪيون ڏيڻ جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ انهن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪن. رابطا ڪميٽي ڊاڪٽر عامر لياقت حسين سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي يقين ڏياريو ته ايم ڪيو ايم سينيٽر حمد الله جي بيهودگي ۽ ڌمڪين جي خلاف هر سطح تي آواز بلند ڪندي رهندي. 
*****

4/19/2024 10:29:05 PM