Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

منهاج قاضي جي ويڊيو ريڪارڊنگ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف عدم اعتماد آهي ۽ توهين عدالت به آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار


منهاج قاضي جي ويڊيو ريڪارڊنگ سپريم ڪورٽ جي  فيصلي جي خلاف عدم اعتماد آهي ۽ توهين عدالت به آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 6/17/2016
منهاج قاضي جي ويڊيو ريڪارڊنگ سپريم ڪورٽ جي  فيصلي جي خلاف عدم اعتماد آهي ۽ توهين عدالت به آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
منهاج قاضي جي مبينه ريڪارڊ ڪيل اعترافي بيان ۾ حڪيم محمد سعيد قتل ڪيس ۾ جن ماڻهن جا نالا ظاهر ڪيا ويا آهن. اهي سڀ سپريم ڪورٽ کان بري ٿيل آهن
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 17 جون 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار نائن زيرو جي مبينه سيڪيورٽي انچارج منهاج قاضي جي ريڪارڊ ڪيل ويڊيو بيان ۽ ان ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪيم سعيد قتل ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. انهن چيو ته اسان ان تي سخت احتجاج ڪندي انهن ڪوڙن الزامن کي رڌ ڪريون ٿا. انهن چيو ته منهاج قاضي جي مبينه ريڪارڊ ڪيل اعترافي بيان ۾ حڪيم سعيد قتل ڪيس ۾ جن ماڻهن جا نالا ظاهر ڪيا ويا آهن اهي سڀ سپريم ڪورٽ کان بري ٿيل آهن. انهن خيالن  جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محفوظ يار خان، سي اي سي ميمبر ڪرم چند ، ساٿي اسحاق ۽ عبدالمجيد ڪارواني به موجود هئا.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم جي ميڊيا ٽرائل جو هڪ ڀيرو ٻيهر  سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.  مبينه  طور تي ايم ڪيو ايم نائن زيرو جي سيڪيورٽي انچارج منهاج قاضي جي حوالي سان اڄ هڪ ويڊيو جاري ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ حڪيم محمد سعيد قتل ڪيس ۾ ٻيهر ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ان ڪيس ۾ هائي ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي سمورن ڪارڪنن کي باعزت بري ڪري چڪيون آهن. انهن چيو ته حڪيم محمد سعيد جيڪي هڪ نالي وارا تعيلم دان هئا ۽ اهي علم سان محبت ڪندا هئا.آڪٽوبر 1998 ۾ انهن کي شهيد ڪيو ويو هو. انهن چيو ته 1998 کان وٺي ڪري حڪيم سعيد قتل ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي. واضع رهي ته 1998 ۾ جڏهن سنڌ ۾ گورنر راڄ هو ته ان وقت به ان ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جو  ميڊيا ٽرائل ٿيو هو، انهن چيو ته منهاج قاضي جو بيان رينجر جي تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ ظاهر آهي ته 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي ڪوئي به شخص هوندو ته ان کان اهڙو ڪوئي بيان وٺڻ ڪوئي مشڪل ڪم نه آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن ڪيس ۽ الزام ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سان جوڙڻا آهن ته اها ڳالھھ واضع رهي ته 1998 کان وٺي ڪري اڄ 2016 اچي ويو آهي ۽ انهن 18 سالن ۾ ڪوئي به نئون هائي پروفائيل مرڊر ڪيس اهڙو نه آهي. جو جنهن جو ڪيس ايم ڪيو ايم جي مٿان نه ٿوپيو ويو هجي. انهن چيو ته اهو ايم ڪيو ايم جي خلاف ٽيون آپريشن ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وڃي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي 60 ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي ۽ 130 ڪارڪنن کي ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪيو ويو آهي. پر ان جو مطلب اهو آهي ته 1998 ۾ به ايم ڪيو ايم کي تنهائي جو شڪار ڪرڻ جي لاءِ حڪيم سعيد جي قتل جو ڪوڙو الزام ايم ڪيو ايم تي هنيو ويو هو ۽ اڄ وري ايم ڪيو ايم کي آئيسوليس ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر الزام هنيو پيو وڃي. انهن چيو ته سپريم ڪورٽ منهاج قاضي جي ويڊيو بيان ۽ توهين عدالت 

جو ئي صرف نوٽس نه وٺي بلڪه ان کان پهرين به ٻه ويڊيوز هڪ خالد شميم ۽ هڪ صولت مرزٰي جي اچي چڪيون آهن. صولت مرزٰي سان ته هڪ وڏي رانڌ ڪئي وئي ۽ انهن جي زندگي سان وڏو ڌوڪو ڪيو ويو انهن کي زندگي جو لالچ ڏيئي ڪري انهن جي ماضي جا ٻه بيان وٺي ڪري ٽيون نئون بيان ورتو ويو جنهن کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ضروري هو ته گهٽ ۾ گهٽ صولت مرزٰي کي ان وقت تائين جيئرو رکڻو هو ته پوءِ سوال اهو آهي ته صولت مرزٰي کي ڦاهي ڇو ڏني وئي. انهن چيو ته منهاج قاضي جي ويڊيو بيان جو مقصد ايم ڪيو ايم کي قومي ۽ عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ايم ڪيو ايم کان متنفر ڪرڻ آهي ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪري ڪنهن ٻئي جي لاءِ هتي جڳھھ خالي ڪرڻ آهي. انهن چيو ته خالد شميم جي ويڊيو بيان کان پوءِ چوڌري نثار تحقيقات ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر اڄ تائين ان جي تحقيقات سامهون نه آئي آهي.انهن چيو ته اهي ٽئي وڊيو بيان زير حراست ورتا ويا آهن. ته ان جو جواب وزير اعظم ميان محمد نواز شريف ۽ وزير داخلا چوڌري نثار کي ڏيڻو پوندو ته ڪنهن جي اجازت سان اهي ويڊيوز بڻايون ويون . انهن چيو ته اختياري ڌرين جي اها ذميواري آهي ته انهن کي ويڊيو بڻائڻ ۽ جاري ڪرڻ وارن جو تعين ڪرڻو پوندو ۽ انهن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻي پوندي ۽ اهي ڪير آهن جيڪي پاڪستان ۾ پاڻ کي آئين ۽ قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا. انهن ملڪي ۽ عالمي انساني حقن جي علمبردار تنظيمن ، وڪلاء تنظيمن، ڪراچي بار، سنڌ هائي ڪورٽ بار،پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي عهديدارن کي اپيل ڪئي ته اهي ايم ڪيو ايم کي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪيم سعيد قتل ڪيس ۾ باعزت طريقي سان بري ڪرڻ جي باوجود ٻيهر ملوث ڪرڻ جي سازش جي خلاف آواز بلند ڪن. انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي خصوصي طور تي اپيل ڪئي ته اهي اهڙي طرح جي عمل کي روڪرائين. ان سان رياستي ادارن جي ساک داءُ تي لڳي رهي آهي. انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي منهاج قاضي جي ويڊيو بيان کي منظر عام تي آڻڻ ۽ ان ۾ ٻيهر ايم ڪيو ايم کي حڪيم سعيد قتل ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جو سنجيدگي سان نوٽس وٺن ۽ ايم ڪيو ايم جو ميڊيا ٽرائل بند ڪرائين ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي. 
*****

4/16/2024 5:42:27 AM