Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عالمي شهرت يافته قوال امجد صابري شهيد کي هزارين آلين اکين سان گڏ پاپوش نگر جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو


عالمي شهرت يافته قوال امجد صابري شهيد کي هزارين آلين اکين سان گڏ پاپوش نگر جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو
 Posted on: 6/23/2016
عالمي شهرت يافته قوال امجد صابري شهيد کي هزارين آلين اکين سان گڏ پاپوش نگر جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو
جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار،ڊپٽي ڪنوينرن ڪنور نويد جميل، ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن، حق پرست سينيٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن ، نامزد ميئر وسيم اختر ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي هزارن جي تعداد ۾ شرڪت
ڪراچي: 23 جون 2016 
                      عالمي شهرت يافته قوال امجد صابري شهيد کي هزارين آلين اکين سان گڏ پاپوش نگر جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز جي موقعي تي هر اک آلي هئي ۽ علائقي جو سمورو ڪاروبار به بند هو. عوام پنهنجن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون هيون. جنازي نماز جو جلوس ايترو وڏو هو جو اهو لياقت آباد نمبر 4 کان ناظم آباد نمبر 7 تائين نظر اچي رهيو هو. شهيد جي جنازي نماز ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار، ڊپٽي ڪنوينرن ڪنور نويد جميل، ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن، نامزد ميئر وسيم اختر ، ڊپٽي ميئر ارشد وهره، حق پرست سينيٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کان علاوه ڪارڪنن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان کان علاوه سياسي و مذهبي شخصيتن، فنڪارن، عالمن سڳورن، نعت خوان حضرات ۽ قوال حضرات سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن به هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد شعبه خواتين ۽ اسيمبلي جي عورت ميمبرن سان گڏجي شهيد جي گهر وڃي ڪري انهن جي پونئرن سان تعزيت ڪئي ۽ انهن کي صبر جي تلقين به ڪئي.
*****

4/24/2024 1:30:50 AM