Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نامزد حق پرست ميئر وسيم اختر ، ميئر ، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي خلاف ڪالھھ 16 جون بروز خميس تي منجهند 2 وڳي ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس جي ٻاهران پرامن احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪري ڇڏيو


نامزد حق پرست ميئر وسيم اختر ، ميئر ، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي خلاف ڪالھھ 16 جون بروز خميس تي منجهند 2 وڳي ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس جي ٻاهران پرامن احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪري ڇڏيو
 Posted on: 6/15/2016
نامزد حق پرست ميئر وسيم اختر ، ميئر ، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي خلاف ڪالھھ 16 جون بروز خميس تي منجهند 2 وڳي ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس جي ٻاهران پرامن احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪري ڇڏيو
ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ کي هڪ سازش جي تحت مختلف بهانا بڻائي ڪري لڳاتار ٽاريو پيو وڃي ۽ هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت طرح طرح جون رڪاوٽون بيهاريون پيون وڃن. وسيم اختر
ڪراچي پريس ڪلب تي ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي جي چونڊيل ميمبرن سان گڏجي پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 15 جون 2016 
                   نامزد حق پرست ميئر وسيم اختر ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ کي ملتوي ڪرڻ جي خلاف ڪالھھ 15 جون بروز خميس تي منجهند 2 وڳي ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس جي ٻاهران پرامن احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، انهن وڌيڪ چيو آهي ته اها چونڊ ملتوي ڪرڻ جي خلاف حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ نواب شاھ ۾ به اليڪشن ڪميشن جي آفيسن جي سامهون احتجاجي مظاهرن جو انعقاد ڪيو ويندو. انهن سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته اها ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ ملتوي ڪرڻ جو پاڻ مرادو نوٽس وٺي ۽ چونڊ فوري طور تي ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب تي ايم ڪيو ايم۽  پي ٽي آئي جي چونڊيل چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن سان گڏجي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر زاهد منصوري ۽ عارف خان کان علاوه ٻيا به موجود هئا. وسيم اختر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نه ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊ ڪرائڻ جي لاءِ تيار هئي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ اليڪشن ڪرايا پيا وڃن. سپريم ڪورٽ واضع حڪم ڏيئي ڪري ملڪ ۾ مڪاني اليڪشن جي انعقاد کي يقيني بڻايو ۽ پوءِ ڪي پي ڪي ، بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ ٿي، پر سنڌ ۾ هن مهل تائين ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ نه ٿي سگهي آهي. انهن چيو ته مڪاني ادارا جمهوري نظام جي نرسري هوندا آهن سڄي دنيا ۾ بنيادي شهري مسئلن جو حل مڪاني ادارا ۽ با اختيار مڪاني حڪومتون هونديون آهن. پر سنڌ هن مهل تائين مڪاني حڪومتن کان محروم آهي. انهن چيو ته ڪراچي ۽ سنڌ ۾ مڪاني چونڊ کي ٿئي 7 مهينا ٿي چڪا آهن پر هن مهل تائين ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ نه ڪرائي وئي آهي. انهن چيو ته ان چونڊ کي هڪ سازش جي تحت لڳاتار بهانو بڻائي ڪري ٽاريو پيو وڃي ۽ هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت رڪاوٽون بيهاريون پيون وڃن. انهن چيو ته هڪ طرف ته سنڌ حڪومت رڪاوٽون بيهاري رهي آهي ته ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن ۽ وفاق جي اسٽيبلشمينٽ ۾ موجود تعصب پرست عناصر ڪراچي ۽ سنڌ ۾ ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ جي رستي ۾ رڪاوٽون بيهاري رهيا آهن. انهن چيو ته هن ڀيري چونڊ ملتوي ڪرڻ جو اهو انتهائي گندو رستو اختيار ڪيو ويو آهي. ڇو ته اليڪشن ڪميشن جا چار ميمبر رٽائر ٿي ويا آهن. ان جي ڪري نون ميمبرن جي مقرري تائين اها چونڊ نه ٿي ٿي سگهي. انهن سوال ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي 14 جون تي ئي خبر پئي آهي ته اليڪشن ڪميشن جا چار ميمبر رٽائر ٿي رهيا آهن؟ انهن چيو ته ايتري وڏي منصب تي فائز شخصيتن جي رٽائرمينٽ جو مهينو ايستائين جو تاريخ جو ئي گهڻو وقت اڳ سمورن لاڳاپيل ذميوارن کي معلوم هوندو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي رٽائرمينٽ ويجهو هئي ته 9 جون تي اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول جو اعلان ڇو ڪيو؟ انهن چيو ته جڏهن اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي رٽائرمينٽ ويجهو هجڻ جي باوجود اليڪشن جو شيڊول جاري ٿي سگهي ٿو ته پوءِ اليڪشن ڇو نه ٿا ٿي سگهن؟ انهن چيو ته  اسان سمجهون ٿا ته چئن ميمبرن جي رٽائرمينٽ ته فقط هڪ بهانو آهي ۽ اڳ ۾ به ڪيترائي بهانا ڪيا ويندا رهيا آهن ان مان صاف ظاهر آهي ته اسلام آباد ۾ ويٺل اختياري ڌريون ڪراچي ۽ شهري سنڌ کي حڪمراني جو حق ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهن. بلڪه انهنکي انهن جي حڪمراني جي حق کان ڄاڻي ٻجهي محروم رکڻ چاهين ٿيون. انهن ٻڌايو ته انهن  سڄي صورتحال تي ايم ڪيو ايم جي قيادت پنهنجو هڪ ڊگهو اجلاس ڪيو جنهن ۾ اسان فيصلو ڪيو آهي ته ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ کي ملتوي ڪرڻ جي خلاف ڪالھھ 16 جون بروز خميس تي صوبائي اليڪشن ڪميشن جي سامهون پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. انهن چيو ته ان مسئلي تي سمورين جماعتن سان رابطا به ڪنداسين. انهن چيو ته سپريم ڪورٽ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ کي ملتوي ڪرڻ جو پاڻ مرادو نوٽس وٺي ۽ فوري طور تي چونڊ ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري. انهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سميت سمورين اختياري ڌرين کان مطالبو ڪيو ته خدا جي واسطي اهي ڪراچي ۽ سنڌ دشمني بند ڪن ۽ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمينن جي چونڊ فوري طور تي ڪرائي وڃي. 
*****


4/18/2024 4:22:58 PM