Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

امجد صابري شهيد جي سڃاڻپ پاڪستان هئي ۽ انهن جي شهادت پاڪستان جو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


امجد صابري شهيد جي سڃاڻپ پاڪستان هئي ۽ انهن جي شهادت پاڪستان جو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 6/23/2016
امجد صابري شهيد جي سڃاڻپ پاڪستان هئي ۽ انهن جي شهادت پاڪستان جو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ڪوئي به مهاجر امجد صابري جو قتل ڪري نه ٿو سگهي، پر جيڪڏهن فرض ڪريو ڪنهن مهاجر امجد صابري کي قتل ڪيو به هجي ته اهو يقنن مهاجرن سان نفرت ڪندڙ قوتن جي لاءِ ڪم ڪندڙ ۽ انهن کان پگهار کڻندڙ هوندو
مهاجر دشمنن پاڪستان جي هيري کي پاڪستان کان جدا ڪري ڇڏيو ۽ پاڪستان جي خوبصورتي کي تباھ ڪري ڇڏيو
امجد صابري شهيد جي لاءِ وڏي کان وڏي يادگار بڻائي ويندي ۽ انهن جي شهادت جي ڏينهن کي قومي سوڳ جي طور تي ملهايو ويندو
نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن سان ڳالھھ ٻولھھ
لنڊن: 23 جون 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته امجد صابري شهيد پاڪستاني قوم جا نمائندا هئا. اهي پاڪستان جي نالي سان سڃاتا ويندا هئا ۽ پاڪستان ئي انهن جي سڃاڻپ هئي. انهن جي شهادت پاڪستان جو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. ڪوئي به مهاجر امجد صابري جو قتل نه ٿو ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن فرض ڪريو ڪنهن مهاجر امجد صابري جو قتل ڪيو به هجي ته يقينن اهو مهاجر دشمن قوتن ۽ مهاجرن کان نفرت ڪندڙ قوتن  جي لاءِ ڪم  ڪندڙ ۽ انهن جي پگهار کڻندڙ هوندو. انهن خيالن جو اظهار انهن اڄ صبح نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين ممتاز صوفي ۽ قوال امجد صابري جي شهادت تي رابطا ڪميٽي پاڪستان، لنڊن، سي اي سي ، تنظيمي شعبن، اي پي ايم ايس او، ليبر ڊويزن، شعبه خواتين، ليگل ايڊ ڪميٽي،نيوز ڪميٽي ۽ ٻين سمورن شعبن ۽ يونٽن جي سمورن ڪارڪنن ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي فرمايو ته پاڪستان جي معروف قوال ،دانشور، محقق ۽ عوام جي دلين ۾ وسندڙ ۽ پيار ڀري شخصيت جنهن کي الله سائين آواز جي دولت سان مالا مال ڪيو هو. اڄ انهن کي دهشت گردن فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. انا لله و انا اليه راجعون. مان ان سانحي تي سڀني سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو ۽ دعا ڪريان ٿو ته الله تعالٰي شهيد امجد صابري کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي. انهن کي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي صدقي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي. پنجتن پاڪ ۽ ڪربلا جي معصومن جي صدقي ۽ حسينيت جي صدقي انهن جي قبر کي ڪشادو فرمائي. انهن جي قبر کي رحمتن سان ڀري ڇڏي ۽ انهن جي گهر وارن ۽ پونئرن ۽ ٻين سڀني کي صبر جميل عطا فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته امجد صابري جي شهادت پاڪستان جو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. جيڪو شايد ڪڏهن به ڀرجي نه سگهي. قاتل نه صرف فن جا دشمن هئا، پر اهي دين اسلام جا به دشمن هئا ۽ سڀني کان وڌي ڪري قاتل ان ڳالھھ کان سخت نالان هئا ته هڪ اهڙو اڀرندڙ قوال جنهن هڪ فنڪار جي شڪل ۾ ڪراچي کان آمريڪا، آمريڪا کان آفريڪا، آفريڪا کان ايشيا ۽ ايشيا کان آسٽريليا تائين پوري دنيا ۾ پنهنجي فن کي مڃرايو هجي. پوري دنيا ۾ ايشيا سان تعلق رکڻ وارو يا فن سان محبت ڪرڻ وارو شايد ئي ڪوئي اهڙو ماڻهو هجي جيڪو امجد صابري جا نالي سان واقف نه هجي. اها اڀرندڙ شخصيت مهاجر قوم مان هئي ۽ مهاجر قوم جي دشمنن کي جهڙي طرح قائد اعظم ناپسند هئا. محترمه فاطمه جناح ناپسند هئي. خان لياقت علي خان ناپسند هئا. اهڙي طرح امجد صابري جي وڌندڙ مقبوليت به انهن کي ناپسند هئي. انهن جي فن کي دنيا ۾ مڃيو ويندو هو ۽ دشمنن کي انهن جي شهرت ناپسند هئي ته مهاجرن ۾ ايترو وڏو فنڪار ڪيئن پيدا ٿيو انهي جي ڪري ئي پاڪستان جي مهاجر دشمنن امجد صابري کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪوئي به مهاجر امجد صابري کي قتل ڪري نه ٿو سگهي ۽ فرض ڪريو جيڪڏهن ڪنهن مهاجر امجد صابري جو قتل ڪيو به هجي ته يقينن اهو مهاجر دشمن قوتن جو هٿيار ۽ انهن کان پگهار کڻندڙ هوندو.الله تعالٰي کان دعا آهي ته جن به امجد صابري جي قتل جو منصوبو بڻايو، انهن سڀني تي غيب سان پنهنجو عذاب نازل فرمائي. جناب الطاف حسين پاڪستان جي عوام کي مخاطب ڪندي فرمايو ته مهاجر دشمن قوتن امجد صابري جو قتل ڪري امجد صابري جو نقصان نه ڪيو آهي ۽ مهاجر قوم جي اڀرندڙ فنڪار کي قتل ڪري صرف مهاجر قوم کي ئي نقصان نه پهچايو آهي بلڪه انهن پاڪستان کي نقصان پهچايو آهي. اهي مهاجر قوم جا ضرور هئا. پر اهي پاڪستاني قوم جا نمائندا هئا. اهي پاڪستان جي نالي سان سڃاتا ويندا هئا ۽ پاڪستان ئي انهن جي سڃاڻپ هئي. انهن جي شهادت پاڪستان جو نقصان آهي. مهاجر دشمن قوتن پاڪستان جي هيري کي پاڪستان کان جدا ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي خوبصورتي کي تباھ ڪري ڇڏيو. الله تعالٰي امجد صابري کي قتل ڪندڙ دشمنن کي تباھ و برباد ڪري ڇڏي. انهن تي پنهنجو قهر نازل فرمائي. امجد صابري شهيد جي والده، بيوه،  ٻارن، ڀائرن، خاندان ۽ ٻين مٽن مائٽن کي صبر جميل عطا فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته  دهشت گردن خوشيون ورهائيندڙ ۽ ذهني اذيت جي شڪار ماڻهن کي ذهني سڪون پهچائڻ واري فرشتي نما انسان کي هن دنيا مان ميٽائي ڇڏيو. امن و سڪون جي دشمنن  انهن کي رستي تان هٽائي ڇڏيو. امجد صابري شهيد سرڪار دو عالم صلي الله عليه وسلم ۽ بزرگان دين جي شان ۾ انتهائي عقيدت سان نعتون شريف پڙهيون ۽ اهي بزرگن سان انتهائي عقيدت رکندا هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته انهن جا قاتل ماڻهن کان ته لڪي سگهن ٿا پر اهي الله تعالٰي کان لڪي نه ٿا سگهن. اهو اهڙو صدمو آهي جو دل کي ڀلي ڪيتري ئي تسلي ڏني وڃي پر اهو غم کي وساري نه ٿو سگهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته مان پاڪستان جي سمورن محب وطن ماڻهن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي امجد صابري شهيد جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪن، قرآن پاڪ پڙهي ڪري انهن کي بخشين ۽ انهن جي مغفرت جي لاءِ دعائون ڪن. ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌن ۽ گهرن ۽ دڪانن تي ڪارا جهنڊا لهرائي ڪري اهو ثابت ڪري ڇڏين ته اهي امجد صابري شهيد جي گهر وارن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته امجد صابري شهيد جي لاءِ هڪ وڏي کان وڏي يادگار بڻائي ويندي. انهن جي شهادت جي ڏينهن کي قومي سوڳ جي طور تي ملهايو ويندو. هر سال ان ڏينهن جي موقعي تي فاتحه خواني ۽ محفل سماع جو انعقاد ڪري انهن جي روح کي ثواب پهچايو ويندو.
*****

4/20/2024 12:48:51 AM