Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ هٿيارن جي تلاشي جي نالي تي گهر گهر ڇاپا هڻڻ واري پوليس ۽ رينجر کي لاهور ۾ جديد هٿيار کڻي ڪري گهمڻ وارا ۽ شهرين کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ وارا ويڙهاڪ ٽولا نظر ڇو نه ٿا اچن؟ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي

 Posted on: 7/28/2016

ڪراچي: 28 جولائي 2016 
    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لاهور ۾ ويڙهاڪ ٽولي جي دهشت گردن جي طرفان لاهور جي روڊن تي کلي عام جديد هٿيارن جي نمائش ۽ شهرين کي خوف زده ڪرڻ جي واقعن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪجھھ ٽي وي چينلن تي ڪيترن ئي ڏينهن کان اهي خبرون هلي رهيون آهن ته لاهور ۾ هڪ ويڙهاڪ ٽولي جا هٿيار بند روڊن تي هٿيار کڻي ڪري گهمن ٿا ۽ اهي کلي عام ڇتي فائرنگ به ڪن ٿا. پر انهن  کي روڪڻ وارو ڪوئي به نه آهي. ان خطرناڪ ويڙهاڪ ٽولي کي سياسي سرپرستي به حاصل آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ وارن ، ڪراچي ۾ هٿيارن جي تلاشي جي نالي تي گهر گهر ڇاپا هڻڻ وارن، گهرن، آفيسن، پارڪن ۽ ميدانن کي کوٽڻ واري پوليس ۽ رينجر جي جوانن کي لاهور ۾ جديد هٿيار کڻي ڪري هلڻ وارا ۽ شهرين کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ وارا اهي ويڙهاڪ ٽولا نظر ڇو نه ٿا اچن. ڪراچي وانگر لاهور ۽ سڄي ملڪ کي به هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي ڳالھھ ڇو نه ٿي ڪئي وڃي. ڪرمنلائيزشن جي پاليسي جي تحت ڪراچي ۾ ويڙهاڪ ٽولن جو الزام لڳائڻ وارن کي لاهور ۾ اهي ويڙهاڪ ٽولا نظر ڇو نه ٿا اچن. آخر لاهور جي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرڻ جي ڳالھھ ڇو نه ٿي ڪئي وڃي. ڇا لاهور جا اهي هٿيار بند ٽولا هر قسم جي قانون کان آزاد آهن يا ان جي ڪري جو انهن کي سياسي سرپرستي حاصل آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪڏهن هڪ ئي ملڪ ۾ هڪ شهر يعني لاهور کي قانون کان مٿانهون سمجهيو ويندو ته ان سان ملڪ جي باقي حصن جي عوام ۾ امتيازي سلوڪ جو احساس وڌيڪ شدت اختيار ڪندو جيڪو اڳ ۾ ئي تمام گهڻو  وڌي چڪو آهي.

4/25/2024 8:29:45 PM