Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي لکين چاهڻ وارن جي طرفان پرامن احتجاجي مظاهرن کي سڄي دنيا ۾ سٺي نظر سان ڏٺو پيو وڃي . گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد.


           گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ماضي ۾ به مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي مڙسي سان منهن ڏنو آهي ۽ اڄ به انهن جا حوصلا بلند آهن .انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي معاملي تي حڪومت پاڪستان ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف مسلسل سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ آهن. ڪراچي؛ 5 جون 2014            گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ماضي ۾ به مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي مڙسي سان منهن ڏنو آهي ۽ اڄ به انهن جا حوصلا بلند آهن .انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي معاملي تي حڪومت پاڪستان ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف مسلسل سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ آهن ۽ اسان برطانوي حڪومت کي يقين ڏياريو آهي ته جناب الطاف حسين کي بهتر علاج معالجي جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ انهن سان انصاف ڪيو وڃي.انهن خيالن جو اظهار انهن نمائش چورنگي تي مظاهري جي لکين شرڪاء سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي لکين چاهڻ وارن جي طرفان ان پرامن احتجاجي مظاهري کي سڄي دنيا ۾ سٺي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جناب الطاف حسين جا چاهڻ وارا انهن جي صحت ۽ سلامتي جي لاءِ دعائون ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته جناب الطاف حسين لنڊن سيڪريٽريٽ ۾ فون تي ڳالھ ٻولھ ڪري پنهنجن چاهڻ وارن کي انمول تحفو ڏنو آهي جنهن تي هر شخص کي دلي سڪون مليو آهي. انهن عوام کي چيو ته جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو پيار ۽ انهن جون دعائون جناب الطاف حسين جي لاءِ سڀني کان وڏي طاقت ۽ انهن جي لاءِ بي پناھ دولت آهي. انهن عوام ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي چيو ته اهي جناب الطاف حسين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ ۽ انهن جي مشڪلاتن جي خاتمي جي لاءِ دعائون ڪن ۽ الله تعالٰي جي ذات مبارڪ ۾ اميد رکن. *****
Read More    Posted on: 05 Jun 2014
جھ ماڻهو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي باري ۾ طرح طرح جون افواهون ڦيلائي رهيا آهن ته جيئن عوام ۾ ڪاوڙ ۽ اشتعال پيدا ٿئي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
          متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ بيان ۾ فرمايو آهي ته ڪجھ ماڻهو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي باري ۾ طرح طرح جون افواهون ڦيلائي رهيا آهن ته جيئن عوام ۾ ڪاوڙ ۽ اشتعال پيدا ٿئي، رابطا ڪميٽي واضع لفظن ۾ چيو ته انهن افواهن ۾ ڪابه صداقت نه آهي.
Read More    Posted on: 05 Jun 2014
سابق وزراء اعظم ۽ پيلپز پارٽي جي سينيئر رهنمائن يوسف رضا گيلاني ، راجه پرويز اشرف ۽ مخدوم امين فهيم جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪرڻ جي مان مذمت ڪريان ٿو.قائدتحريڪ جناب الطاف حسين.
        متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سابق وزراء اعظم ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر رهنمائن يوسف رضا گيلاني ،راجه پرويز اشرف ۽ مخدوم امين فهيم جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪرڻ جي مذمت ڪندي ان عمل کي سياسي انتقام قرار ڏنو آهي ۽ ان تي انهن رهنمائن ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ سابق صدر آصف علي زرداري سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 02 Jun 2014
ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي لڳاتار گرفتار ڪيو پيو وڃي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
      متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي لڳاتار گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته شهر ۾ ڀتي مافيا،دهشت گرد ۽ پابندي وڌل تنظيمون کلي عام ڪاروائيون ڪري رهيون آهن ۽ ٻئي طرف قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي انهن جي گهرن ۽ آفيسن کان گرفتار ڪري لاپتا ڪري رهيا آهن ۽ پوءِ انهن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي ڪري قتل ڪري رهيا آهن . رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل رات به رينجر ، پوليس ۽ ايس آئي يو جي ٽيمن لانڍي سيڪٽر يونٽ 81 جي ڪارڪن عباس علي ، لياقت آباد

Read More    Posted on: 01 Jun 2014
ايم ڪيو ايم هڪ خاندان وانگر آهي جيڪا ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
       متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ خاندان وانگر آهي جيڪا ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. انهن رابطا ڪميٽي کي هدايت فرمائي ته اهي نه صرف تحريڪي ساٿين سان مسلسل رابطي ۾ رهن بلڪه انهن جي هر ممڪن سار سنڀال به لهندارهن. اها ڳالھ انهن آچر جي صبح پاڪستان ۽ لنڊن جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي گڏيل اجلاس کي ٽيليفون تي خطاب ڪندي فرمائي . 
Read More    Posted on: 01 Jun 2014
ايم ڪيو ايم ايمپلائمينٽ سيل جي انچارج ارشد شاھ جي ڀاءُ جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي شعبه ايمپلائمينٽ سيل جي انچارج ارشد شاھ جي ڀاءُ عتيق الرحمٰن جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين ارشد شاھ سميت مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن 
Read More    Posted on: 30 May 2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان جسمم رهنما منير چولياڻي جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
سنڌي قوم پرست جماعتن جي رهنمائن جو لڳاتار قتل سنڌ جو امن خراب ڪرڻ جي هڪ سازش آهي. رابطا ڪميٽي.
Read More    Posted on: 30 May 2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ناظم آباد ۾ اسڪول جي پرنسپال فرحان شاھ جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت
هڪ مخصوص ايجنڊي واري سوچ رکندڙ گروپ سڄي ملڪ خصوصن ڪراچي ۾ استادن، عالمن سڳورن، دانشورن، وڪيلن ،انجنيئرن، ڊاڪٽرن ۽ سماجي تنظيمن جي ذميوارن سميت ٻين اعلٰي دماغ رکندڙ ماڻهن کي چونڊي چونڊي قتل ڪري رهيا آهن.رابطا ڪميٽي.
Read More    Posted on: 30 May 2014
ڪفر جي حڪومت ته قائم رهي سگهي ٿي پر ظلم جي حڪومت قائم رهي نه ٿي سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
آئين ۽ قانون جي ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ايم ڪيو ايم سان تعلق رکڻ واري ماڻهو کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان سواءِ ان کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ۽ پوءِ قتل ڪري ان جي تشدد ٿيل لاش کي روڊ تي اڇلايو وڃي.
Read More    Posted on: 30 May 2014
ڪي اليڪٽرڪ جو بجلي چوري نه ڪرڻ واري صارف کي وڌيڪ بل موڪلڻ ۽ ان جي ادائگي تي اصرار ڪرڻ وڏي زيادتي ۽ ناانصافي آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان بجلي جي صارفين کي وڌيڪ بل موڪلڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته بجلي جي چوري جي روڪٿام جي لاءِ مناسب قدمَ کڻڻ جي ضرورت آهي. ۽ جيڪي
Read More    Posted on: 28 May 2014
ڪراچي ماس ٽرانزٽ منصوبي جي خاتمي تي قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار
 قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جاپان انٽرنيشنل ڪارپوريشن ايجنسي جي طرفان  سنڌ حڪومت کي لکيل هڪ خط ۾ جنهن ۾ ڪراچي ماس ٽرانزٽ منصوبي تي ڪم ڪرڻ کان معذرت ڪئي وئي آهي، تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي . پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته
Read More    Posted on: 28 May 2014
سک برادري جي مقدس ڪتاب جي بي حرمتي جو واقعو قابل مذمت ۽ افسوسناڪ آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
رابطا ڪميٽي جي ميمبرن احمد سليم صديقي ۽ سيف يار خان جي گرنٿ صاحب گردواري ۾ سک برادري جي رهنما سردار رميش سنگ سان ملاقات.
Read More    Posted on: 28 May 2014
لاهورهائي ڪورٽ جي ٻاهران پي ۽ ڀائرن جي طرفان لٺيون ۽ سروٽا هڻي پنهنجي 25 ساله حامله نياڻي فرزانه پروين کي قتل ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت
فرزانه پروين جو غيرت جي نالي تي قتل سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي لاءِ بدنامي جو ڪارڻ بڻيو آهي. رابطا ڪميٽي.
Read More    Posted on: 28 May 2014
خانه ڪعبه جي ڪليد بردار( ڪنجي سنڀاليندڙ) شيخ عبدالقادر لاشيبي جي علالت تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
پوري دنيا جا مسلمان ۽ حق پرست عوام شيخ عبدالقادر لاشيبي جي صحت يابي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪن. جناب الطاف حسين.
Read More    Posted on: 28 May 2014
قائد تحريڪ سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ پنجاب هائوس لاهور ۾ ڪارڪنن پنهنجي رت سان ڏيئا روشن ڪيا.
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم پنجاب هائوس لاهور ۾ ذميوارن ۽ ڪارڪنن پنهنجي رت سان ڏيئا روشن ڪيا ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو
Read More    Posted on: 26 May 2014
Items 2566 to 2580 of 2634