Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ناظم آباد ۾ اسڪول جي پرنسپال فرحان شاھ جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت


ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ناظم آباد ۾ اسڪول جي پرنسپال فرحان شاھ جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت
 Posted on: 5/30/2014
هڪ مخصوص ايجنڊي واري سوچ رکندڙ گروپ سڄي ملڪ خصوصن ڪراچي ۾ استادن، عالمن سڳورن، دانشورن، وڪيلن ،انجنيئرن، ڊاڪٽرن ۽ سماجي تنظيمن جي ذميوارن سميت ٻين اعلٰي دماغ رکندڙ ماڻهن کي چونڊي چونڊي قتل ڪري رهيا آهن.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 30 مئي 2014 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي علائقي ناظم آباد گول مارڪيٽ ۾ اڻ ڄاتل هٿياربند دهشت گردن جي فائرنگ سان هڪ پرائيويٽ اسڪول جي پرنسپال فرحان شاھ جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي ڪراچي ۾ رهندڙ  ماڻهن جي انٽيليجنٽيا ختم ڪرڻ جي هڪ سوچيل سمجهيل سازش جو حصو قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ مخصوص ايجنڊي واري سوچ رکندڙ ماڻهو سڄي ملڪ خصوصن ڪراچي جهڙي ميگا سٽي ڪراچي ۾ استادن، وڪيلن، دانشورن، انجنيئرن، ڊاڪٽرن ۽ سماجي تنظيمن جي ذميوارن سميت بهترين دماغ رکندڙ ماڻهن کي چونڊي چونڊي قتل ڪري رهيا آهن ته جيئن ملڪ ۽ قوم کي تباهي، غلامي ۽ جهالت جي انڌاهين ۾ ڌڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته لڳاتار ملڪ جي سڀني کان وڏي شهر ڪراچي ۾  فساد برپا ڪرڻ جي لاءِ اعلٰي تعليم يافته ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي ۽ ڪڏهن وري فرقي واريت جي باھ کي ڦيلايو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن 
2
ڪراچي جي علائقي حسين آباد ۾ به ڊاڪٽر حسن علي کي انهن جي ڪلينڪ جي سامهون فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو ۽ اڄ هڪ پرنسپال کي قتل ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ، وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ هڪ ملڪ دشمن ٽولي جي طرفان سوچيل سمجهيل سازش جي تحت پڙهيل لکيل ۽ ذهين ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو نوٽس وٽن ۽ سڄي ملڪ خصوصن ڪراچي ۾ مقيم عالمن سڳورن، دانشورن، ليکڪن، استادن، وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي جان و مال کي تحفظ فراهم ڪن. 


5/3/2024 12:45:34 AM