Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گجرانوالا ۾ آزادي مارچ جي شرڪاء تي فائرنگ ۽ پٿراءُ ڪرڻ جي واقعن تي جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


گجرانوالا ۾ آزادي مارچ جي شرڪاء تي فائرنگ ۽ پٿراءُ ڪرڻ جي واقعن تي جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
 Posted on: 8/15/2014
گجرانوالا ۾ آزادي مارچ جي شرڪاء تي فائرنگ ۽ پٿراءُ ڪرڻ جي واقعن تي جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي وجود کي تسليم ڪن ۽ قيمتي انساني جانين جي تحفظ جي لاءِ پرامن رهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 15 آگسٽ 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنجاب جي شهر گجرانوالا ۾ آزادي مارچ جي شرڪاء تي شرپسندن جي طرفان فائرنگ ۽ پٿراءُ ڪرڻ جي واقعن تي وڏي ڳڻتي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي،پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين ٻنهي ڌرين کي دردمندانه اپيل ڪئي ته اهي هڪ ٻئي جي وجود کي تسليم ڪن، قيمتي انساني جانين جي تحفظ جي لاءِ پرامن رهن، هڪ ٻئي جي سياسي، آئيني ۽ قانوني حقن جو احترام ڪن ۽ هر قسم جي اشتعال انگيزي کان پاسو ڪن. جناب الطاف حسين فائرنگ ۽ پٿراءُ  ڪرڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ ڪارڪنن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.


6/17/2024 1:03:32 AM