Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بابائي اردو مولوي عبدالحق مرحوم جي 55 هين ورسي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس


بابائي اردو مولوي عبدالحق مرحوم جي 55 هين ورسي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس
 Posted on: 8/16/2016
بابائي اردو مولوي عبدالحق مرحوم جي 55 هين ورسي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس
اجلاس ۾ بابائي اردو مولوي عبدالحق مرحوم کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو
ڪراچي: 16 آگسٽ 2016 
                  بابائي اردو مولوي عبدالحق مرحوم جي 55 هين ورسي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس ٿيو. جنهن ۾ بابائي اردو مولوي عبدالحق مرحوم کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ بابائي اردو مولوي عبدالحق مرحوم جي اردو جي لاءِ بي مثال خدمتن کي ساراهڻ تي ٻڌل هڪ گڏيل قرارداد به منظور ڪئي وئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته بابائي اردو مولوي عبدالحق مرحوم اردو جي ترقي جي لاءِ عثمانيه يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آندو ۽ ان سان گڏ ئي الترجمه به قائم ڪيو. جنهن اردو زبان کي اهو مقام ڏياريو جنهن جي اها حقدار هئي. پر افسوس جو اڄ بانيان پاڪستان جي اولادن جيڪي اردو زبان ڳالهائين ٿيون انهن سان ناانصافين جو سلسلو جاري آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته بابائي اردو مولوي عبدالحق مرحوم اردو جي ترقي جي لاءِ پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي پر اڄ ڪراچي ۾ اردو ڳالهائڻ وارن سان ظلم ڏسي ڪري انهن جي روح ضرور تڙپي رهي هوندي. اجلاس ۾ چيو ويو ته ضرورت ان ڳالھھ جي آهي ته اردو ڳالهائڻ وارن سان ناانصافين ۽ زيادتين جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ تعصب ۽ نفرت جي بنياد تي اردو ڳالهائڻ وارن کي ڀت سان لڳائڻ جو سلسلو به بند ڪيو وڃي.

4/19/2024 4:58:00 AM