Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ايم ڪيو ايم جي ڪنهن ڪارڪن کي گرفتار ڪن ته ان کي قانوني طور تي 24 ڪلاڪن جي اندر ڪورٽ ۾ پيش ڪن ۽ ان جو ڏوھ به ٻڌائين.رابطا ڪميٽي ميمبرَ محفوظ يار خان، گلفراز خان خٽڪ ۽ ساٿي اسحٰق


 Posted on: 8/16/2016
قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ايم ڪيو ايم جي ڪنهن ڪارڪن کي گرفتار ڪن ته ان کي قانوني طور تي 24 ڪلاڪن جي اندر ڪورٽ ۾ پيش ڪن ۽ ان جو ڏوھ به ٻڌائين.رابطا ڪميٽي ميمبرَ محفوظ يار خان، گلفراز خان خٽڪ ۽ ساٿي اسحٰق
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 16 آگسٽ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن محفوظ يار خان، گلفراز خان خٽڪ ۽ ساٿي اسحٰق چيو آهي ته ڏوهن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم ۾ زيرو ٽوليرنس جي پاليسي آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا  ايم ڪيو ايم جي ڪنهن ڪارڪن کي گرفتار ڪن ته ان کي اهي 24  هن ڪلاڪن جي اندر ڪورٽ ۾ پيش ڪن ۽ ان جو ڏوھ به ٻڌائين. رات به قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن سهراب ڳوٺ فائربريگيڊيئر اسٽيشن تي ڇاپو هڻي ڪري ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي پنجن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سي اي سي ميمبر محترمه زاهده باجي به موجود هئي جن جي پٽ ۽ ڄاٽي کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي محفوظ يار خان چيو ته ڇاپن ۽ گرفتارين ۾ اسان جي امڙين ۽ ڀينرن جي تقدس کي لتاڙيو ويو ۽ 2013 کان شروع  ٿيندڙ آپريشن کي سهندي تحريڪي ساٿين ڀرپور انداز ۾ جدوجهد جاري رکي 
2
آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جو ڪو ڪارڪن ڏوهي آهي ته ايم ڪيو ايم جي ان حوالي سان زيرو ٽو لارنس پاليسي آهي. اسان چاهيون ٿا ته قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ڪنهن کي گرفتار ڪن ته قانوني طور تي 24 ڪلاڪن جي اندر ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪن ۽ ان جو ڏوھ ٻڌائين.انهن چيو  ته ايم ڪيو ايم ڪائي ڏوهارين جي جماعت نه آهي. بلڪه پاڪستان جي پڙهيل لکيل  ماڻهن جي جماعت آهي. انهن چيو ته اسان پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا ان جي ڪري اسان پنهنجي سامهون واري کي به اهو چونداسين ته اهي به قانون جو احترام ڪن ۽ قانون جون ڌڄيون نه اڏائين .انهن چيو ته ڪجھھ ادارا جيڪي پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا اهي ٻڌي وٺن ته جن ماڻهن پنهنجن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو آهي ۽ انهن جو جهڙي طرح سان ٽرائل ٿيو آهي انهن کي سزائون ڏنيون ويون آهن اهو تاريخ جو حصو آهي.  ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ساٿي اسحٰق چيو ته ڪراچي ۾ گذريل ٽن سالن کان بدترين آپريشن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ ۽ انهن کي ماورائي عدالت قتل ڪرڻ تي ٻڌل آهي. انهن چيو ته  باقي سڄي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم، لٽ مار ۽ گاڏين جي ڇڻڻ جا بي شمار واقعا ٿين ٿا. 14 آگسٽ تي به شهر ۾ وڏي پيماني تي لٽ مار، موبائيل ڇڻڻ ۽ عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ جا واقعا ٿيا. پر انهن ڏوهارين جي خلاف ڪائي به ڪاروائي ڏسڻ ۾ نه آئي پر ابتڙ ايم ڪيو ايم جي ئي ڪارڪنن جون گرفتاريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. انهن چيو ته 8 آگسٽ تي ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جي واقعي جي ذميواري پابندي وڌل تنظيمن قبول ڪئي. پر انهن عناصر جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ ڪراچي ۾ ئي ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن تيز ڪيو ويو آهي ۽ اسان جي اڪثريتي وارن علائقن ۾ ڪومبنگ آپريشن ڪري ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته ڪراچي آپريشن جو مقصد اصل ۾ ڪراچي ۾ امن و امان نه پر ايم ڪيو ايم کي 
3
ڪڇلڻ آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ کي ڇڻڻ آهي ۽ ڪراچي جي ميئر جو اليڪشن ڇڻڻ آهي. انهن چيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار جي ڪوآرڊينيٽر آفتاب احمد کي ماورائي عدالت شهيد ڪيو ويو. 7 آگسٽ تي شاھ فيصل جي ڪارڪن وحيد شيخ کي سرڪاري حراست ۾ شهيد ڪيو  ويو ۽ لاپتا ڪارڪن اعجاز الحق جو ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. انهن چيو ته 2013 جي آپريشن ۾ اسان جي 62 ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي ۽ 135  ڪارڪن هن مهل تائين لاپتا آهن. انهن چيو ته آرمي چيف چيو هو ته رينجر جا جيڪي اهلڪار آفتاب احمد جي قتل ۾ ملوث آهن انهن کي سامهون آندو ويندو. پر هن مهل تائين ڪجھھ به نه ٿي سگهيو آهي. انهن چيو ته اسان آرمي چيف کان مطالبو ڪريون ٿا ته آفتاب احمد شهيد جي قتل ۾ ملوث رينجر اهلڪارن  کي سامهون آندو وڃي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ ايم ڪيو ايم جي 5 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا ۽ انهن پنج هزار ڪارڪنن مان ساڍن چئن هزار ڪارڪنن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ بند ڪيو ويو آهي.انهن چيو  ته ايم ڪيو ايم ۽ مهاجرن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي ۽ ڪراچي کي فتح ڪيل علائقو سمجهيو ويو آهي ۽ انهي جي ڪري هتي غير قانوني ڇاپن ۽ ماورائي عدالت قتلن جو سلسلو جاري آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. ان کان پوءِ سي اي سي ميمبر محترمه زاهده بيگم به ڳالھھ ٻولھھ ڪئي.
*

4/19/2024 4:12:41 PM